ريڊيولاجي (Radiology): هي بيمارين کي پرکڻ جو هڪ سائنسي طرز عمل آهي، جنهن کي جديد ميڊيڪل سائنس ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. ريڊيولاجيءَ ذريعي ايڪسري يا ٻين خاص قسم جي شعاعن وسيلي، ڀڳل هڏن، بڪيءَ، جيري يا جسم جي اندروني عضون ۾ پيدا ٿيل بيمارين کي جاچيو ويندو آهي. سائنسي طب جا ٻه نمونا آهن: (1) بيمارين جي جاچ لهڻ وارو علم ۽ (2) انهن جي علاج جو علم. ريڊيولاجي تشخيص جو علم آهي، هيءَ علم 1895ع ڌاري دريافت ٿيو، جنهن کي هڪ جرمن سائنسدان وليم ڪونارڊ رانگٽن هڪ ٽيوب ذريعي گئس جي داٻ سان انساني جسم جي اندروني سرشتي کي ڏسڻ لائق بڻايو، جنهن کي هن ايڪس-ريز (X-rays) جو نالو ڏنو. ان پهريون ڀيرو پنهنجي گهر واريءَ جي هٿ جي هڪ ڪاري شيٽ تي تصوير ڪڍي ۽ ان جي سموري بناوٽ جو سرشتو معلوم ڪري ريڊيالاجيءَ جي علم جو پهريون تجربو ڪيو. ان کانپوءِ هيءَ سائنسي مهارت آهستي آهستي سموريءَ دنيا جي ميڊيڪل سائنس ۾ ڪتب اچڻ لڳي ۽ هن وقت تائين هن علم تمام گهڻي ترقي حاصل ڪئي آهي. ريڊيو ٿراپي، ريڊين اونڪولاجي، ميموگرافي، نيورولاجي، ريڊيولاجي، توموگرافي، ڊائگنوسٽڪ ريڊيولاجي (1972ع)، ريڊيئيشن ٿراپي، انٽر ايڪٽوٽي ٿراپي وغيره. هن جون مختلف شاخون آهن، جن سان ماڻهن جي مرضن جي تشخيص ڪئي وڃي ٿي. هنن مان ريڊيوٿراپي، ڪينسر جي مرض جي درست تشخيص لاءِ نهايت موزون ۽ اهم آهي. هيءَ ريڊيوٿراپي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽرن کي اسپيشلائيزيشن طور پڙهائي وڃي ٿي. آمريڪا ۽ برطانيا سميت دنيا جا ترقي يافته توڙي ترقي پذير ملڪ ميڊيڪل سائنس جي هن علم کي ترقي وٺرائي رهيا آهن. هن علم جي ماهر کي ’ريڊيو ٿراپسٽ‘ چيو وڃي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ ليبارٽري ڪورس طور به هن مضمون کي متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ ’ريڊيوگرافر‘ سکيا وٺڻ بعد خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
ريڊيولاجي طب جي هڪ اهڙي شاخ آهي، جنهن رستي ڪنهن بيماريءَ يا روڳ جي جسم جي برق مقناطيسي (Electromagnetic) شعاعن يا آوازي لهرن رستي ڪنهن بيماريءَ يا روڳ جي تشخيص لاءِ عڪس/ فوٽو ڪڍبا آهن ۽ تابڪار مادن رستي علاج ڪيو وڃي ٿو. ريڊيالاجيءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو اسڪوپي (Radioscopy) ۽ ڪلينڪل ريڊيولاجي (Clinical Radiology) جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. ڪلينڪل ريڊيالاجي اُن ڪري سڏجي ٿو، جو اُهي عڪس ڪيترن طريقن سان ڪڍيا وڃن ٿا، جهڙوڪ: ايڪسري، سي. اي. ٽي اسڪين، ايم. آءِ. آر. ايس ۽ الٽرا سونوگرام (Ultra sonogram)، جڏهن ته ريڊيالاجسٽ (Radiologist) هڪ اهڙي ڊاڪٽر کي سڏجي ٿو، جيڪو ريڊيولاجيءَ جي هنر جو ماهر هوندو آهي. هو عڪس (فوٽو) ڏسي ڪنهن هنڌ تي موجود ڌڪ/ زخم يا بيماريءَ يا غير معمولي حالت هجڻ جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو. ان جي سنگين هجڻ جي نوعيت ٻڌائي سگهي ٿو ۽ ڪنهن غير معمولي ڳوڙهي جي خبر پڻ رکي سگهي ٿو، جنهن هيٺ بيماريءَ جي تشخيص ۽ علاج لاءِ شعاع استعمال ڪجن ٿا. هڪ اهڙو ريڊيولاجسٽ- ريڊيولاجيءَ جي ڪنهن مخصوص فيلڊ جو ماهر به ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ:
ريڊيولاجسٽ- بريسٽ اميجنگ (Radiologist- Breast Imaging): هي ارهه جي بيمارين ۽ روڳن جي تشخيص ۽ علاج جو ماهر ٿئي ٿو.
ريڊيولاجسٽ- ڪارڊيو ويسڪيولر (Radiologist- Cardio Vascular): هي دل ۽ رت نلين جي سرشتي جي بيمارين جي تشخيص ۽ علاج جو ماهر ٿئي ٿو.
ريڊيولاجسٽ- چيسٽ (Radiologist Chest): هي ڇاتيءَ ۽ خاص طور دل ۽ ڦڦڙن جي بيمارين جي تشخيص ۽ علاج جو ماهر ٿئي ٿو.
ريڊيولاجسٽ-ڪمپوٽيڊ ٽوموگرافي (Radiologist-Computed Tomography/ C&T): هي سي ٽي جي استعمال رستي نهرن ۽ ڀُرڪڻن هڏن سميت اندرين عضون، مشڪن ۽ ڳوڙهين جي تشخيص ڪري ٿو.
ريڊيولاجسٽ- ڊائگنوسٽڪ ريڊيولاجي (Radiologist- Diagnostic Radiology): هي تشخيص لاءِ ريڊيالاجي ڪتب آڻي ٿو.
ريڊيولاجسٽ- ايمرجنسي (Radiologist- Emergency): هي هنگامي حالتن دوران جسم جي ڪن حصي کي پهتل ڌڪن جي عڪسن رستي ڄاڻ رکي ٿو.
ريڊيولاجسٽ - گيسٽرو انٽسٽائينل (Radiologist- Gastro intestinal): هي معدي ۽ آنڊي جي تشخيص ڪري ٿو.
ريڊيولاجسٽ- جينائيٽو يورينري (Radiologist- Genito Urinary): هي پيدائشي ۽ پيشابي سرشتي جي عضون جي بيمارين ۽ رڳن جي تشخيص ڪري ٿو.
ريڊيولاجسٽ- هيڊ ائنڊ نيڪ (Radiologist- Head and Neck): هي مٿي ۽ ڳچيءَ جي بيمارين جي تشخيص ڪري ٿو.
ريڊيولاجسٽ- انٽر وينشنل (Radiologist- Inter Ventional): هي ماهر ريڊيولاجسٽ فلورواسڪوپي ۽ الٽراسائونڊ جي مدد سان چمڙيءَ ۾ سُئيءَ جيترو سوراخ/ لنگهه ٺاهي، تارون ۽ نلڪيون (Catheters) وجهي بائپسي (bypsy) ڪري ٿو. پاڻيٺيون خارج ڪري ٿو، نلڪيون وجهي ٿو، ڪنهن ڦنڊيل يا ڪوئجي ويل نليءَ ۾ اسٽينٽ (Stent) لڳائي ٿو.
ريڊيولاجسٽ- مسڪيولو اسڪيليٽل (Radiologist- Muskulo Skeletal): هي مشڪن ۽ هڏائين پڃري جي ريڊيالاجيءَ رستي تشخيص ڪري ٿو.
ريڊيولاجسٽ- نيورو ريڊيولاجي (Radiologist- Neuro Radiology): هي نيورو ريڊيالاجيءَ ذريعي مرڪزي تنتي سرشتي- منڍيءَ ۽ ڳچيءَ جي رڳن جي تشخيص ڪري ٿو.
ريڊيولاجسٽ – نيوڪليئر ميڊيسن (Radiologist- Nuclear Medicine): هي تشخيص ۽ علاج لاءِ ريڊيو نيوڪلائيڊس ڪري ٿو.
ريڊيولاجسٽ- پيڊياٽرڪ ريڊيولاجي (Radiologist- Pediatric Radiology): هي ٻارڙن ۾ ريڊيالاجيءَ رستي بيمارين جي تشخيص ڪري ٿو.
ريڊيولاجسٽ- فزسسٽ (Radiologist- Physicist): هي تشخيص، علاج ۽ سلامتيءَ سان استعمال جي طريقي سان ايڪسري، گاماري، اليڪٽران ۽ بجليدار ڪرڻن، نيوٽران ۽ سيل بند ريڊيو نيوڪلائيڊ شعاعن، انهن شين سان لاڳاپيل اوزارن، پيداوار، استعمال، تڪ تور، ڇنڊڇاڻ ۽ گهربل اوزارن جي پيداوار ۽ استعمال سبب پيدا ٿيندڙ معياري عڪسن ۽ طب لاءِ ڪتب ايندڙ هيلٿ فزڪس جهڙن ڳالهين جو ماهر هوندو آهي.
ريڊيولاجسٽ- ريڊيو بائلاجي (Radiologist- Radio Biology): ريڊيالاجي يا پئٿالاجيءَ جي هڪ اهڙي شاخ، جنهن هيٺ Health Physics شعاعن ٽشن ۽ سيلن تي پوندڙ اثرن جو اڀياس ڪيو وڃي ٿو.
ريڊيولاجسٽ- الٽراسائونڊ (Radiologist- Ultrasound): هي الٽراسائونڊ ۽ اهڙن ٻين طبي تشخيص لاءِ ڪم ايندڙ طريقن جو ماهر ٿئي ٿو.
ريـڊيـولاجـسـٽ- ريـڊئيـشـن آنـڪـولاجـسـٽ- ريـــڊئيشن آنـڪـالاجــي (Radiologist- Radiation Oncology): هي شعاعن جو نيو پلازم (ڳوڙهين) جي علاج لاءِ استعمال ڪرڻ.
فلورو اسڪوپي (Fluoroscopy): فلورو اسڪوپي عڪس ڪڍڻ جو هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن ۾ جسم جي اندرين عضون جا تڏهن عڪس/ تصويرون ڪڍيون وڃن ٿيون، جڏهن اهي چرپر ۾ يا ڪم ڪندڙ هوندا آهن. جيڪڏهن ايڪسري ساڪن/ غير متحرڪ عڪس ٿئي ٿو ته فلورو اسڪوپي هڪ هلندڙ فلم جيان ٿئي ٿي، جيڪا هڪ مانيٽر تي ٽي. وي اسڪرين وانگر ڏسي سگهجي ٿي. اهي ڊاڪٽرن لاءِ تمام ڪارائتا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي ڪم ڪندڙ عضون کي پنهنجي ڪم ڪرڻ دوران ڏسي سگهن ٿا. مثال طور: جڏهن ڪارڊيـئــڪ ڪــئٿـٽيـــرائيــزيشن (Cardiac Catheterization) دوران فلورو اسڪوپي استعمال ڪئي وڃي ٿي، تڏهن ڊاڪٽر اهو ڏسي سگهي ٿو ته رت نلين مان ڪيئن گردش ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي رت کي روڪ ٿي رهي آهي. فلورو اسڪوپي جسم جي ڪيترن حصن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي.
انٽروينشنل ريڊيولاجي (Interventional Radiology): اڄ جي دور ۾ طب جي دنيا ۾ ريڊيولاجيءَ جي شاخ تمام تيزيءَ سان عام ٿي چڪي آهي. ريڊيولاجيءَ جا ماهر ان ڳالهه ۾ مهارت رکندا آهن ته ڪهڙيءَ ريت گهٽ ۾ گهٽ پکڙجندڙ (Invasive) طريقن سان عڪسن جي سهاري گهربل هنڌن ۽ عضون تائين علاج ڪري سگهجي. هاڻي هي طريقا سرجريءَ جي ڪيترن پراڻن طريقن (Open Surgical Procedures) جي جاءِ وٺي رهيا آهن. عام طور مريضن لاءِ اهي طريقا ڪارائتا آهن، جو ان لاءِ وڏن ٽڪن ڏيڻ يا وڍ ڪٽ ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي پوي. هي طريقا گهٽ خطرناڪ ٿين ٿا، گهٽ سور ڪن ٿا ۽ چاڪ/ نوبني ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳي ٿو.
انٽروينشنل ريڊيالاجسٽ هڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر ۽ اهڙن طبي طريقن استعمال ڪرڻ جو ماهر ٿئي ٿو، جنهن ۾ ريڊيالاجي استعمال ٿئي ٿي. اهڙو ريڊيالاجسٽ ايڪسري، ميگنيٽڪ ريزوننس (MR) اميجنگ- الٽراسائونڊ ۽ ڪمپيوٽيڊ ٽوموگرافي (CT) رستي ڪنهن بيماريءَ جي سڃاڻپ/ تشخيص ڪري ٿو.
ريڊيالاجسٽن جي سڌاريل طريقن سبب اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته اهي جسم ۾ اندر ڏسي سگهن، جنهنڪري اڳتي هلي انٽروينشنل ريڊيالاجي وجود ۾ آئي.
1970ع جي ڏهاڪي ۾ انٽروينشنل ريڊيالاجسٽن اينجيوپلاسٽي (Angioplasty) ۽ نلڪين (Catheter) رستي اسٽينٽ (Stent) لڳائڻ جو پهريون ڀيرو هنر متعارف ڪرايو، جنهن جو سڀ کان اڳ ۾ ٽنگن ۾ استعمال ڪيو ويو. رت نلين جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي اهڙن عضون جي وڍرائڻ يا ڪنهن ٻئي قسم جي سرجريءَ کان بچايو ويو. ان نموني جديد طب ۾ هڪ اعليٰ درجي جي علاج جو دور شروع ٿيو، جيڪو اڄ عام آهي.
الٽراسونوگرافي (Ultra Sonography): الٽرا سائونڊ سونوگرافيءَ کي الٽرا سائونڊ اميجنگ يا سونوگرافي به سڏجي ٿو، جنهن رستي جسم جي مختلف عضون جا عڪس/ فوٽو ڪڍيا وڃن ٿا، ان قسم جي عڪسن/ فوٽن ڪڍڻ لاءِ طاقتور آوازي لهرون جسم جي ان حصي ڏانهن اماڻيون وڃن ٿيون، جنهن جو فوٽو ڪڍڻو هوندو آهي. ان حصي/ عضوي کان آوازي لهرون موٽ کائين ٿيون ته هڪ خاص اوزار رستي ۽ طاقتور ڪمپيوٽر رستي ان عضوي جي عڪس ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿيون. اهڙا عڪس ٽي. وي مانيٽر تي ڏسي سگهجن ٿا، الٽرا سائونڊ رستي عڪس ڪڍڻ لاءِ نه ايڪسري ۽ نه ڪنهن ٻئي قسم جا شعاع ڪم آندا وڃن ٿا.
الٽراسائونڊ رستي عڪسن ڪڍڻ جو طريقو ان قسم جي Sonar تي ٻڌل آهي، جيڪو چمڙا، ٻلهڻ ۽ پاڻيءَ جا جهاز ڪتب آڻين ٿا. جڏهن ته طبي دنيا ۾ آوازي لهرون، جيڪي اندرين عضون کان موٽ کائي اچن ٿيون، تن جي پڙاڏي رستي ڪنهن عضوي/ عضون يا ماس ۾ پيدا ٿيندڙ غير معمولي تبديلين/ ڳوڙهين (Tumours) وغيره جي جاچ ڪري سگهجي ٿي. ساڳيءَ طرح عضون سميت رت نلين ۾ رت جي وهڪ به ڏسي سگهجي ٿي ته انهن ۾ موجود رت جي دڳ وغيره جي به خبر رکي سگهجي ٿي.
الٽراسائونڊ ڪندڙ ماهر کي الٽرا سونوگرافر (Ultrasonographer) سڏجي ٿو ۽ الٽراسائونڊ جي تپاس اهڙو سکيا ورتل ماهر ڪري سگهي ٿو. الٽراسائونڊ مشين ڏسڻ ۾ هڪ ڪمپيوٽر وانگر آهي، جنهن کي هڪ اسڪرين به ٿئي ٿي. ان سان گڏ هڪ مانيٽرنگ سسٽم ۽ مختلف شڪـليــن وارا ٽـرانسـڊيــوسـرَ (Transducers) به ٿين ٿا، جن کي پروبس (Probes) سڏجي ٿو.
الٽراسائونڊ ٽرانسڊيوسر/ پروب جو ٻٽو ڪم ٿئي ٿو. هڪ لائوڊ اسپيڪر وانگر آواز پيدا ڪري ٿو ته مائڪرو وزن وانگر اهي آواز سانڍي به ڇڏي ٿو. جڏهن ٽرانسڊيوسر کي چمڙيءَ سان لائي زور ڏجي ٿو ته وڏين لهرن وارن آوازي لهرن جي ڌارا کي جسم اندر اماڻي ٿو، پوءِ جڏهن جسم جي اهڙي عضوي مان اهي لهرون موٽ کائين ٿيون ته ٽرانسڊيوسر آواز جي زور (ننڍ وڏائيءَ) ۽ ان ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍڙيون ننڍڙيون تبديليون به رڪارڊ ڪري ٿو. اهڙين تبديلين جي ڪمپيوٽر هڪدم ماپ وٺي سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ طريقي ۾ ٻڌائي مانيٽر تي ان جو اصل عڪس پيدا ڪري ٿو. اهڙا عڪس ڪيترن طريقن سان سانڍي سگهجن ٿا، جهڙوڪ ٿرمل اميج (Thermal image)، وڊيو، ايڪسري فلم، سي. ڊي ۽ ميگنيٽڪو آپٽيڪل ڊسڪ/ ايم. او. ڊي (Magnetic Optional Discs/ M.O.D) الٽراسائونڊ عڪس مانيٽر تي بليڪ ۽ وائيٽ ۽ رت نلين ۽ عضون ۾ وهندڙ رت جي صورت ۾ رنگين به ڏسي سگهي ٿو. الٽراسائونڊ جي تپاس دوران آرامده ۽ ڍلي پوشاڪ پهريل هجي ته بهتر.
الٽرا سائونڊ تپاس جا ڪيترائي فائدا ٿين ٿا، جهڙوڪ: هن تپاس دوران سور نه ٿو ٿئي، ايڪسري استعمال نه ٿا ٿين، وڍڪٽ نه ٿي ٿئي، الٽراسائونڊ حمل دوران سلامتيءَ سان ڪري سگهجي ٿو، بروقت عڪس ڪڍي ۽ ڏسي سگهجن ٿا. هيءَ تپاس نيڊل بايوپسي جهڙن طريقن لاءِ سٺي ثابت ٿئي ٿي. جيئن ته هن تپاس دوران مختلف عضون جو ڪم ڪار ڏسي سگهجي ٿو، تنهنڪري رت نلين ۽ عضون ۾ رت جي گردش به ڏسي سگهجي ٿي. عام طور الٽراسائونڊ تپاس جسم جي هيٺين حصن/ عضون لاءِ ڪئي وڃي ٿي: (1) ائبڊومنل (پيٽ: Abdominal)، (2) آبسٽيٽرڪ (حمل) (Obstetric)، (3) پيلوڪ (نرن: Pelvic)- ٽرانسويجائينل ۽ سپرا پيوبڪ (4) رينل ( پيشاب: Renal)، بڪيون ۽ مثانو، (5) ڳچي ٿائرائي ۽ خصيا وغيره.
ايڪسري ڪمپيوٽيڊ ٽوموگرافي (X-ray Computed Tomography): ايڪسري ڪمپيوٽيڊ ٽوموگرافيءَ کي سي. ٽي. اسڪين (Computed Tomography Scan) ۽ ڪمپيوٽر ايڪسل ٽوموگرافي (Computer Axcial Tomography) به سڏجي ٿو. طب ۾ عڪسن ڪڍڻ جو هي هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن ۾ ٽوموگرافي (Tomography) استعمال ڪئي وڃي ٿي. ٽوموگرافي هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ڳتري يا حصي جو ڪنهن ٽه رخي جسم (هڪ ٽوموگرام) مان طرفو عڪس پيدا ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ ڪتب ايندڙ مشين کي سي. ٽي.جي (C.T.G) اسڪينر سڏجي ٿو، جيڪا هڪ وڏي مشين ٿئي ٿي ۽ ايڪسري استعمال ڪري ٿي. ان کي اي. ايم. آءِ (E.M.I) اسڪين به سڏجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها مشين اي. ايم. آءِ ڪمپنيءَ تيار ڪئي هئي. سي. ٽي اسڪين رستي تپاس ڪرائڻ ۾ ڪو به سور وغيره نه ٿو ٿئي.
سي. ٽي اسڪينر، ڊجيٽل ڪئميرا رستي ڪنهن به جسم جي اندر جا ٽه رخا عڪس پيدا ڪري ٿو.
سي. ٽي. اسڪينر جڏهن ڪمان جي صورت ۾ ڦري ٿو ته انساني جسم ۾ سنهن شعاعن جي هڪ لڙهي خارج ڪري ٿو، جڏهن ته ايڪسري مشين ۾ ان جي بلڪل ابتڙ ٿئي ٿو، جيڪا رڳو هڪ شعاع جي لاٿ خارج ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سي. ٽي اسڪين رستي نڪرندڙ عڪس، ايڪسري عڪس جي ڀيٽ ۾ گهڻو واضح ۽ تفصيلي هجن ٿا.
ڪن مريضن کي هڪ قسم جي رنگين دوا يا مادو پيارڻ لاءِ انجيڪشن هنئي ويندي آهي، جنهنڪري ڪن رت نلين يا ٽشن جو سٺو عڪس/ تصوير اچي ٿي. مشين جي هڪ ايڪسري ڪڍڻ کان پوءِ اها مريض جي ٽيبل (Coach) کي ٿورڙو اڳتي ڪري ڇڏي ٿي ته وري هڪ ٻي ايڪسري ڪڍي ٿي. سٺن فوٽن/ تصويرن لاءِ ضروري آهي ته مريض چرپر بنهه نه ڪري.
سي. ٽي. اسڪين رستي ڪنهن غير معمولي ماس جي موجودگيءَ جي ڄاڻ رکي سگهجي ٿي ۽ ريڊيو ٿراپي ۽ بايوپسي ڪرڻ لاءِ جسم جي ڪن هنڌن جي رٿا ڪرڻ ۾ به گهڻي ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي. ڪنهن مريض جي رت جي وهڪ بابت به لاڀائتي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، ڇو ته رت جي وهڪ ۾ گڙٻڙ سبب فالج ٿيڻ، بڪيون ناڪاره ٿيڻ سبب ماڻهو مري به سگهي ٿو. ڊاڪٽر کي هڏن جي بيمارين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، هڏن جي لنگڙائپ جانچڻ سميت ڪرنگهي جي حالت جو اندازو لڳائڻ ۾ به سولائي ٿئي ٿي.