ريڊيوگرافي

ريڊيوگرافي

ريڊيوگرافي

ريڊيوگرافي (Radiography): ريڊيوگرافي شعاعن استعمال ڪرڻ جو اهڙو فن ۽ سائنس آهي، جنهن رستي جسم جي تاندورن (Tissues)، عضون، هڏن ۽ رت جي نلين جا فوٽو/ عڪس ڪڍيا وڃن ٿا. اهڙا عڪس ڪمپيوٽري عڪسن طور سانڍيا وڃن ٿا. ريڊيولاجسٽ فزيشن کي اهڙن عڪسن/ فوٽن کي پڙهڻ يا تشخيص ڪري سگهڻ جي خاص تربيت مليل هوندي آهي. ڪنهن مريض جي درست علاج جو مدار اهڙن فوٽن جي سٺيءَ طرح نڪتل هئڻ تي مدار رکي ٿو، جن کي عام ماڻهو ’ايڪسري‘ سڏي ٿو. ريڊيوگرافي نه رڳو تشخيص لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي، پر مئموگرافي، ڪمپيوٽيڊ ٽوموگرافي (CT)، ميگنيٽڪ ريزوننس اميجنگ (MRI)، پي. اي. ٽي، ڪارڊڪ، انٽر وينشنل ريڊيوگرافي (CIR)، ويسڪيولر انٽرونينشنل ريڊيوگرافي (VIR)، ڪوائلٽي مئنيجمينٽ، بون ڊينسيٽوميٽري، نيوڪليئر ميبيسن، ريڊئيشن ٿراپي ۽ سونوگرافيءَ لاءِ به واڌو عڪسن لاءِ ڪتب اچي ٿي. اڄڪلهه جي جديد طب ۾ ريڊيوگرافيءَ کي تشخيص ڪرڻ لاءِ هڪ اهم هٿيار سمجهيو وڃي ٿو. ان رستي ڀڳل هڏن کي ڳنڍي جوڙيو وڃي ٿو. السر جي جاچ ڪري سگهجي ٿي ۽ ڌڪن ۽ ضربن جي حالت ۾ جڏهن علاج ڪندڙ کي ان جي اصلي حالت ۾ هجڻ جي سٺي ڄاڻ پئجي وڃي، تڏهن ئي انهن جو سولائيءَ سان علاج ڪري سگهجي ٿو. اهو ريڊيوگرافر ئي ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن مريض جي تشخيص لاءِ ڪيترا عڪس ڪڍي سگهي ٿو، جن کي پوءِ ريڊيولاجسٽ ڏسي مريض جي بيماريءَ جي تشخيص ڪري ٿو. مريض جي جسم جي اهڙي ڪنهن حصي کي درست حالت ۾ رکڻ تمام ضروري ٿئي ٿو ۽ اهڙي معياري عڪس/ فوٽو ڪڍڻ لاءِ شعاعن جو رڳو گهربل مقدار ڏنو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ هڪ ريڊيوگرافر جي ذميوارين جا ٻه اهم پهلو ٿين ٿا، پهريون هن ٽيڪنالاجيءَ جو درست استعمال ۽ ٻيو مريض جي گهرجن ۽ ضرورتن جي سٺي ۽ صحتمند طريقي سان پرگهور لهڻ آهن. هن قسم جون تپاسون هر عمر جي مريضن جون ڪري سگهجن ٿيون، جن ۾ ٻارڙن کان وٺي پيرسن به اچي وڃن ٿا. هڪ ريڊيوگرافر، ريڊيولاجي ڊپارٽمينٽ کان ٻاهر سرجري، ايمرجنسي، ڪارڊئڪ، انٽينسو ۽ پيشنٽ روم سميت ڪيترن هنڌن تي ڪم ڪري سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو