ريڊيو ائڪٽوٽي (Radio Activity): اهڙو عمل، جنهن ۾ ڪنهن ائٽم جو نيوڪليس پاڻمرادو بنيادي ذرا (Particles) ۽ گڏوگڏ برق مقناطيسي ڪرڻا/ شعاعَ خارج ڪندي ٻئي عنصر جي نيوڪليس ۾ بدلجڻ واري عمل کي ڪنهن ٻئي عنصر جي تابڪاري يا ريڊيو ائڪٽوٽي (Radio Activity) سڏجي ٿو. تابڪاريءَ دوران خارج ٿيندڙ توانائيءَ جو وڏو حصو صنعتي ۽ فوجي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته تابڪاري مادن مان پيدا ٿيندڙ شعاع، شعاعن جي بيماري پيدا ڪن ٿا، تنهنڪري اهڙن مادن جي ڪم ۾ احتياط ڪرڻو پوي ٿو.
ريڊيو ائڪٽوٽي اخراج (Radioactivity Emissions): ڪيترائي عنصر جهڙوڪ: ريڊيم، يورينيم ۽ ايڪٽنائيڊ (Actinide)، سيريز جي عنصرن جي لڙهي، جن جي تابڪار ايليمينٽن جو ايٽمي نمبر 89 کان 103 تائين ٿئي ٿو، ۽ ڪن هلڪن عنصرن جا ڪجهه آئسوٽوپ، جهڙوڪ: ڪاربان-14 جيڪي ريڊيو ايڪٽو ڊيٽنگ (Radio Active Dating) ۾ ڪتب اچن ٿا، قدرتي طور تابڪاري خارج ڪن ٿا. ان کان سواءِ تابڪاري هٿرادو طريقـي سـان پيـدا به ڪري سگهجي ٿي، ان لاءِ پارٽيڪل ايڪسيليٽرن (Particle Accelator) مان نڪرندڙ ذرن جي مستحڪم عنصرن تي حملو ٿئي ٿو ته انهن جا نيوڪليس هنن ذرن کي جذب ڪرڻ سان غير جٽادار ٿي پون ٿا ۽ تابڪاري خارج ڪندي ٻيهر ڪنهن جٽادار نيوڪليس جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا.
تابڪاريءَ دوران خارج ٿيندڙ شعاع گهڻو ڪري هيليم نيوڪليس، اليڪٽران ۽ گيسا فوٽون هوندا آهن، جن کي ترتيبوار: الفا (Alpha)، بيٽا (Beta) ۽ گاما (Gamma) سڏيو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن تابڪاريءَ مان پوزيٽران به خارج ٿيندا آهن.
هيٺ ٽن مکيه شعائن جو ذڪر ڪجي ٿو:
1. الفا ريڊيئيشن (Alpha Radiation): الفا شعاعن ۾ ڪنهن جسم ۾ گهڙڻ جي گهٽ ۾ گهٽ طاقت ٿئي ٿي ۽ ٻين قسمن جي ڀيٽ ۾ گهٽ رفتار سان هلن ٿا ۽ جنهن طرف جي مقناطيسي فيلڊ ۾ واڌو چارج هوندي آهي، ان کان مڙي وڃن ٿا. الفا ڪرڻو هيليم جو نيوڪليس ٿئي ٿو. الفا جي خارج ٿيڻ سان نيوڪليس جو ائٽمي وزن گهٽجي وڃي ٿو، جڏهن ته بيٽا ۽ گاما جي ضايع ٿيڻ سان انهن جو ايٽمي وزن ساڳيو رهي ٿو. ان ڪري الفا جي ضايع ٿيڻ سان الفا جي تابڪاريءَ جو سراسري اثر، اصل تابڪار مادي کان هلڪو ٿئي ٿو، مثال طور: يورينيم-238 جي الفا پارٽيڪل خارج ڪري ٽٽڻ يا ضايع ٿيڻ سان تابڪار ٿوريم (Thorium) پيدا ٿئي ٿو. الفا جي ضايع ٿيڻ سان نيوڪليس جو ايٽمي نمبر گهٽجي 2 ۽ ماس نمبر گهٽجي 4 ٿي وڃي ٿو.
2. بيٽا ريڊيئيشن (Beta Radiation): الفا شعاعن جي ڀيٽ ۾ بيٽا شعاع وڌيڪ تيز رفتار آهن، ان ڪري جنهن طرف جي مقناطيسي فيلڊ ۾ ڪاٽو چارج ٿئي ٿي، ان کان تمام گهڻو پري مڙي وڃن ٿا. تجربن مان اها به خبر پوي ٿي ته: بيٽا ڪرڻا تمام تيز رفتار اليڪٽران آهن. بيٽا جي ضايع ٿيڻ سان نيوڪليس جو نيوٽران، پروٽران ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ ان عمل دوران هڪ اليڪٽران ۽ اينٽينيوترينو (Antineutrino) خارج ڪري ٿو. نيوڪليس مان هڪدم اليڪٽران خارج ٿي وڃي ٿو ۽ سراسري طور نيوڪليس جي ايٽمي نمبر ۾ 1 جو واڌارو ٿئي ٿو، جڏهن ته ان جي ماس نمبر ۾ ڪا تبديلي نه ٿي اچي.
3. گاما ريڊيئيشن (Gamma Radiation): گاما شعاعن ۾ ڪنهن جسم ۾ گهڙي وڃڻ جي زبردست طاقت موجود هجي ٿي ته ڪنهن مقناطيسي فيلڊ جو به اثر ٿئي ٿو. اهي روشنيءَ جي رفتار سان چرپر ڪن ٿا ۽ منجهن تمام ننڍڙي لهري ڊيگهه (Wave Length) ٿئي ٿي، ان ڪري اهي هڪ قسم جا برق مقناطيسي شعاع ٿين ٿا. گاما شعاع تڏهن پيدا ٿين ٿا، جڏهن انهن جي ڀرپور نيوڪليائي سگهه (Higher energy) توانائيءَ جي بلڪل هيٺانهينءَ حالت (Lowest Energy) ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. گاما ڪرڻن جي پيداوار عام روشنيءَ سان مشابهت رکندڙ ٿئي ٿي، جيڪا ان جي ايٽم ۾ اليڪٽرانن جي تبديلين جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. گاما جي ضايع ٿيڻ سان عام طور الفا ۽ بيٽا به ضايع ٿين ٿا ۽ پوءِ انهن جو نه ايٽمي نمبر تي ۽ نه ئي نيوڪليس جي ماس نمبر تي ڪو اثر پوي ٿو.
ڪو تابڪار مادو ڪيتريءَ رفتار سان/ ڪيتري عرصي ۾ ڳري ٿو، ان کي عام طور اڌ عمر (Half Life) سڏجي ٿو، جيڪو اهڙو گهربل عرصو ٿئي ٿو، جنهن ۾ ان مادي جو اڌ مقدار ختم ٿي وڃي ٿو. ان جو مدار عنصر تي آهي، ۽ اهڙو عرصو کن پل/ سيڪنڊ جو ننڍڙو حصو ۽ ڪيترا ڪروڙين سال به ٿي سگهي ٿو.
قدرتي تابڪاريءَ جو سڀ کان اول مشاهدو 1896ع ۾ اي. ايڇ. بيڪيريل (A. H. Becquerel) ڪيو، جنهن ڏٺو ته جڏهن يورينيم جا لوڻ، فوٽوگرافيءَ جي اڻ ظاهر ٿيل اهڙين پليٽن جي آڏو آندا ويا، جن کي روشنيءَ کان مڪمل طور محفوظ رکيو ويو هو، ته اهي پليٽون ظاهر (expose) ٿي پيون. يورينيم جي لوڻن جا شعاع چارج ٿيل اليڪٽرو اسڪوپ کي ڊسـچـارج ڪن ٿا ته فاسفوريسينس پاڻيءَ جي روشن ٿيڻ (Phosphorescence) ۽ چمڪڻ (Fluorescence) کي ظاهر ڪن ٿا، جيئن ته اهڙا اثر لوڻ ۽ نج يورينيم پيدا ڪن ٿا، تنهنڪري اهڙي خاصيت ان عنـصـر جي ٿئي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن لـوڻ جـي ٿئي ٿي. 1899ع ۾ اي. رُدرفـــورڊ (E. Rutherford) نه رڳو الفا ۽ بيٽا ڪرڻا ڳولي لڌا، پر انهن کي اهي نالا به ڏنا. جڏهن ته 1900ع ۾ پي. ولارڊ (P.Villard) گاما ڪرڻن جي سڃاڻپ ڪئي. ميري ۽ ڪيوري پيري (Marie and Pierre Curie) تابڪاريءَ تي وڌيڪ تحقيق جاري رکي. ٿوريم جون تابڪار خاصيتون ڏيکاريون ۽ 1989ع ۾ هڪ وڏو تابڪار عنصر ريڊيم به ڳولي لڌو. فريڊرڪ ۽ ايريني جوليوٽ ڪيوري (Irene Joliot-Curie) 1934ع ۾ غير تابڪار عنصرن تي الفا پارٽيڪلن يا جزن جي بيماريءَ رستي پهرينءَ هٿرادو تابڪاريءَ جو مثال پيش ڪيو.