
ريڊيو ٿراپي

ريڊيو ٿراپي
ريڊيو ٿراپي (Radio Therapy): ريڊيو ٿراپي، طاقتور توانائيءَ وارن ايڪس x ڪرڻن يا اهڙن قسمن جي شعاعن (جھڙوڪ اليڪٽرانن) کي سڏجي ٿو، جن رستي بيمارين جو علاج ڪيو وڃي ٿو. اٽڪل هڪ سو سال اڳ ايڪس ري/ شعائن جي کوجنا کانپوءِ علاج لاءِ طب جي دنيا ۾ شعاعن جو وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندو رهيو آهي، جڏهن تہ ريڊيوٿراپيءَ جو تمام خبرداريءَ سان استعمال ڪرڻو پوي ٿو. ان لاءِ ڊاڪٽرن ۽ ريڊيوگرافرن کي ان جي طب ۾ استعمال جو تجربو ۽ ڏانءُ هئڻ ضروري آهي.
ڪينسر جي گهڻن مريضن کي علاج جي هڪ حصي طور ريڊيوٿراپي ڏني ويندي آهي، جيڪا جسم جي ٻاهران (External Radiotherapy) يا اندران (Internal radiotherapy) بہ ڏني وڃي ٿي. ريڊيوٿراپيءَ رستي علاج ٿيندڙ حصي جا ڪينسري ٽشو ناس ٿي وڃن ٿا. ان ۾ جيتوڻيڪ جسم جا صحتمند ٽشو بہ تباھہ ٿي وڃن ٿا، پر ان هوندي بہ جسم پنهنجو ماس نئين سر ٺاهي وڃي ٿو. ريڊيو ٿراپي علاج رستي، ڪجهہ قسمن جي ڪينسر جو علاج ڪيو وڃي ٿو ۽ آپريشن کانپوءِ ڪنهن قسم جي ڪينسر ٿيڻ جي امڪان کي بہ گهٽائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ ڪينسر جي نشاستي گهٽائڻ لاءِ بہ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڪي ماڻهو ريڊيوٿراپيءَ جا هلڪا اگرا اثر محسوس ڪن ٿا ۽ ريڊيوٿراپيءَ جي ڪورس پوري ڪرڻ کانپوءِ ساڻائي محسوس ڪن ٿا. ڪينسري ڳوڙهن (Tumors) کي ناس ڪرڻ لاءِ ملندڙ ريڊيو ٿراپيءَ کي ’ريڊيڪل ريڊيو ٿراپي‘ (Radical Radio Therapy) سڏجي ٿو. ريڊيو ٿراپي اڪيلي سر يا سرجري ۽ ڪيموٿراپيءَ (Chemotherapy) کان اڳ يا پوءِ بہ ڏئي سگهجي ٿي. ڪيموٿراپيءَ ۾ ڪينسر ختم ڪندڙ دوائن رستي ڪينسري سيلن کي ناس ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ساڳئي وقت ريڊيوٿراپي ۽ ڪيموٿراپي بہ ڏني وڃي تہ اهڙي علاج کي ’ڪيمو ريڊيوٿراپي‘ (Chemo Radiotherapy) چيو وڃي ٿو.
ريڊيوٿراپيءَ جي علاج لاءِ هفتي ۾ هڪ ڏينهن کان ستن هفتن تائين وڃڻو پوي ٿو، جنهن لاءِ هر ڀيري ريڊيو ٿراپيءَ جو خاص وزن ڏنو ويندو آهي تہ جيئن ڪينسري جيوگهرڙن کي ناس ڪري سگهجي. ريڊيوٿراپيءَ دوران جيڪڏهن هڪ ڀيري سان علاج جو وڏو وزن ڏنو وڃي تہ جسم جي صحتمند سيلن کي بہ گهڻو نقصان رسي سگهي ٿو. ان ڪري علاج لاءِ ريڊيوٿراپيءَ جا هلڪا وزن ڏنا وڃن ٿا، تہ جيئن هر وزن جي وچ واري عرصي ۾ اهڙا سيل توانائي حاصل ڪري سگهن.
ڪڏهن ڪڏهن ڪينسر جو علاج جيڪڏهن ممڪن نہ هوندو آهي، تڏهن ريڊيوٿراپي رڳو ان ڪري ڏبي آهي تہ جيئن مريض جي سور وغيرہ کي گهٽائي سگهجي. اهڙي علاج کي ’پيڙا گهٽائيندڙ علاج‘ سڏبو آهي. ريڊيو ٿراپيءَ جي مشين نہ رڳو پيچيدہ ۽ گهڻي جاءِ والاريندڙ هوندي آهي، پر ان کي هلائڻ لاءِ خاص تربيت ورتل عملي جي ضرورت هوندي آهي. ان ڪري ريڊيوٿراپي شعبو علائقي جي ڪنهن وڏيءَ ٽيچنگ اسپتال ۾ هوندو آهي.
ريڊيو ٿراپي ڊپارٽمنٽ ۾ هيٺيون عملو موجود ٿئي ٿو:
1. ڪلينيڪل آنڪولاجسٽ (Clinical Oncologist)
2. ريڊيوگرافر (Radio Grapher)
3. فزسٽ (Physicist)
4. مولڊ روم ٽيڪنيشن (Mold Room Technician)
5. نرسنگ اسٽاف (Nursing Staff)
6. سهائتا لاءِ ٽيم (Other members of the cancer supper team)
انهن مان ڪن جا ڪم هي آهن:
ڪلينيڪل آنڪولاجسٽ: ڪلينيڪل آنڪولاجسٽ هڪ اهڙي ڊاڪٽر کي سڏجي ٿو، جيڪو ريڊيو ٿراپي ۽ ڪيمو ٿراپيءَ جي استعمال جي سکيا ورتل ۽ ماهر هوندو آهي. اهو ڪلينيڪل آنڪولاجسٽ ئي آهي، جيڪو علاج تجويز ڪرڻ ۽ ان جي نظرداري ڪرڻ جو ذميوار ٿئي ٿو.
ريڊيو ٿراپيءَ جي علاج دوران، ان کان اڳ ۽ پوءِ آنڪولاجسٽ سان ملڻو پوندو آهي تہ جيئن ريڊيوٿراپيءَ جي اثرن جي ڪٿ ڪري سگهي. جيڪڏهن مريض ڪيموٿراپي يا ريڊيوٿراپي ڪرائي رهيو آهي تہ اهڙي علاج جي نگراني ڪلينيڪل آنڪولاجسٽ ڪندو يا اهڙو ڊاڪٽر ڪندو، جيڪو ميڊيڪل آنڪولاجسٽ ڪيموٿراپيءَ جي علاج ۾ مهارت رکندڙ هوندو.
ريڊيوگرافر: ريڊيوگرافر ايڪسري مشينن جي خاص مهارت ورتل ٿين ٿا.ريڊيوگرافرن جا مکيہ قسم ٿين ٿا، جن ۾ هڪڙا ٿراپي ريڊيوگرافر تہ ٻيا ڊائگنوسٽڪ ريڊيوگرافر سڏجن ٿا. ٿراپي ريڊيوگرافر مشينون هلائيندڙ ۽ ريڊيو ٿراپيءَ جو علاج ڏيندڙ هوندو آهي.
ڊائگنوسٽڪ ريڊيوٿراپر، ايڪس ري استعمال ڪن ٿا ۽ تشخيص ڪيل بيمارين جي ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا. ڪن ريڊيوگرافرن کي انفارميشن ريڊيوگرافر سڏجي ٿو، جيڪي مريضن ۽ سندن مائٽن کي گهربل معلومات ڏيڻ ۾ مهارت رکندڙ ٿين ٿا.
فزسٽ: ڪلينيڪل آنڪولاجسٽ سان ڪم ڪندڙ هڪ فزسٽ ٿئي ٿو، جيڪو شعاعن جو ماهر ٿئي ٿو، جيڪو تجويزْْْ ڪيل شعاعن جي مقدار ڏيڻ ۽ ان جي بھترين طريقي جي چونڊ ڪرڻ جهڙين ڳالهين ۾ ماهر جي مدد ڪري ٿو.
مولڊ روم ٽيڪنيشن، نرسنگ اسٽاف، ڊائيٽيشن وغيرہ پڻ مريض جي رهڻ، سنڀال ۽ کاڌي پيتي جي ڏس ۾ مددگار هوندا آهن.
ريڊيو ٿراپيءَ جو علاج شروع ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر مريض کي ريڊيو ٿراپيءَ جي مقصد بابت آگاھہ ڪندو آهي ۽ هڪ راضپي جو فارم ڀرائيندو آهي، جنهن تي صحي ڪرڻ کان اڳ توهان کي هيٺين ڳالهين تي مڪمل ڄاڻ ڏني ويندي آهي:
i. علاج جو قسم، طريقو ۽ عرصو.
ii. علاج جا فائدا ۽ نقصان
iii. اهڙو ڪو ٻيو علاج، جيڪو موجود ٿي سگهي.
iv. اهڙو ڪو وڏو خطرو يا سائيڊ افيڪٽ.
عورتن کان پڇيو ويندو آهي تہ اهي حاملہ تہ ناهن؟ ڇو تہ حمل ۾ ايڪسري ٻار کي ڇيهو رسائي سگهي ٿو. جيڪڏهن مريض کي اميد سان هجڻ جو شڪ آهي تہ اهڙي ڳالھہ ڊاڪٽر ۽ ريڊيوگرافرن سان ڪرڻ گهرجي تہ جيئن حمل جي تپاس ڪري سگهي.
مريض جي ريڊيوٿراپي شعبي ۾ اچڻ جي پهرئين ڏينهن تي جسم جي علاج ٿيندڙ حصي جي سي. ٽي اسڪيننگ (Computerised Temopgraphy) ڪئي ويندي آهي. سي. ٽي اسڪين ۾ مختلف ڪُنڊن کان ڪيترائي فوٽو ڪڍي ان حصي ۾ هڪ ٿري ڊائمنشنل (ٽه رخي تصوير) نقش جوڙيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت ٿراپي ريڊيوگرافر اهڙي حصي جون ماپون بہ وٺن ٿا، جيڪي علاج جي رٿا تيار ڪرڻ لاءِ گهربل ٿين ٿيون. ڪڏهن وري اسپتال جي اسڪيننگ ڊپارٽمينٽ مان ايم. آر. آءِ (MRI) اسڪين ڪرائڻ جي بہ ضرورت ٿئي ٿي، جنهن ۾ هڪ طاقتور مقناطيسي فيلڊ (Magnetic Field) رستي جسم جي متاثر حصي جي هڪ تفصيلي تصوير ڪڍي وڃي ٿي، جنهن مان وڌيڪ معلومات ملي ٿي. ريڊيوگرافر جي ورتل ماپن ۽ اسيڪنن مان حاصل ڪيل معلومات، ريڊيو ٿراپي رٿا تيار ڪندڙ ڪمپيوٽر ۾ وڌي وڃي ٿي تہ جيئن ڊاڪٽرن کي علاج جي رٿابندي ٺيڪ طرح سان تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
احتياطي اپاءَ: اسپتال جو عملو، مريض جا دوست ۽ مائٽ تابڪاريءَ سبب متاثر ٿي نہ سگهن، ان لاءِ ڪي احتياطي اپاءَ ورتا وڃن ٿا.
علاج شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ اسپتال جو عملو مريض کي تفصيل سان ٻڌائيندو آهي تہ ڪيترو احتياط ڪرڻو آهي. ان لاءِ هر اسپتال جا پنهنجا اصول ٿين ٿا.
عام طرح اسٽاف/ عملي ۽ ملاقاتين کي چيو ويندو آهي تہ اهي مريض کان پري رهن، جيئن تابڪاريءَ جي وائکي ٿيڻ جو گهٽ ۾ گهٽ امڪان پيدا ٿي سگهي.
احتياطي اپائن ۽ ملاقاتين تي بندش سبب ممڪن آهي تہ مريض کي اڪيلائپ جو احساس ٿئي، هيسيل يا اٻاڻڪو رهي. جيڪڏهن ان قسم جا احساس پيدا ٿين تہ ان جو ذڪر پرگهور لهندڙ اسٽاف سان ڪجي. اڪيلائيءَ ۾ ڪتاب وغيرہ پڙهڻ کپي.
سائيڊ افيڪٽس/ اگرا اثر: ريڊيوٿراپيءَ جي علاج پوري ٿيڻ کانپوءِ بہ ٿورو رت، اڇي يا ڳاڙهي پاڻيٺ خارج ٿيڻ معمول آهي. جيڪڏهن اهڙي ڳالھہ لاڳيتو هلي يا گهڻي ٿي وڃي تہ ان جي ڳالھہ ڊاڪٽر يا نرس سان ڪرڻ ضروري آهي. نهائينءَ واري حصي جي ريڊيو ٿراپي ڪرڻ سان ساڻائپ ۽ دست ٿي پون ٿا ۽ پيشاب ڪرڻ سان ساڙو محسوس ٿئي ٿو. اهڙا اگرا اثر هلڪا ڦلڪا وڌيڪ پريشان ڪندڙ بہ ٿي سگهن ٿا، جنهن جو مدار ريڊيوٿراپيءَ جي وزن جي طاقت ۽ علاج جي ڊيگهہ تي ٿئي ٿو. اهڙو ڪو بہ سائيڊ افيڪٽ هڪ دفعي جي علاج پوري ٿيڻ کانپوءِ آهستي آهستي ختم ٿي وڃڻ گهرجي. اهو بہ ضروري سمجهيو وڃي ٿو تہ علاج دوران مريض جهجهي مقدار ۾ پاڻيٺ صاف پاڻي ۽ جوس وغيرہ پيئندو رهي ۽ صحتمند کاڌو کائي. جيڪڏهن دست ٿي پون تہ ڊاڪٽر کان دستن جي دوا وٺجي. جيڪڏهن مريض جي کائڻ تي دل نہ چاهي تہ توانائي بخش مشروب واپرائي سگهي ٿو.
سنڍپڻو: بدقسمتيءَ سان ڳھڻ جي ڪينسر خلاف ٿيل ريڊيوٿراپي، آنيدانين کي متاثر ڪري ٿي، جنهنڪري اهڙي عورت عام طور تي علاج جي ٽن مهينن کانپوءِ سنڍ ٿي وڃي ٿي. سندس ماهواري اچڻ بند ٿي وڃي ٿي ۽ سنڍپڻي جا سائيڊ افيڪٽ ٿين ٿا، جن ۾ اوچتي بخار جهڙي گرمي محسوس ٿيڻ ۽ چمڙيءَ جو خشڪ ٿي وڃڻ ۽ ڌيان نہ ڌري سگهڻ جهڙيون نشانيون پيدا ٿين. ڪيترين عورتن جي جنسي ڳالهين ۾ دلچسپي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ سندن شرمگاھہ خشڪ ٿي وڃي ٿي.
سنڍپڻي جي اهڙن اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر ايڇ. آر. ٽي (Harmone Replacement Therapy) جون گوريون استعمال ڪرائيندا آهن. اهي دوائون ڊاڪٽر تجويز ڪري سگهي ٿو.
ڊگهي عرصي تائين پيدا ٿيندڙ ممڪن اگرا اثر: نهائينءَ واري حصي جي ريڊيو ٿراپي ڪرڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ڊگهي وقت تائين اگرا اثر ٿي سگهن ٿا. ڪن فردن ۾ ريڊيوٿراپيءَ جي ڪري سندن آنڊو يا مثانو دائمي طور متاثر ٿي سگهي ٿو، جنهنڪري دست ٿي سگهن ٿا يا پيشاب جلدي ايندو رهي ٿو. آنڊي ۽ مثاني جون رت نليون ريڊيوٿراپيءَ کانپوءِ وڌيڪ نازڪ ٿي پون ٿيون، جنهنڪري پيشاب ۾ رت اچي سگهي ٿو. ائين ڪيترن مهينن يا سالن کانپوءِ بہ ٿي سگهي ٿو.
ريڊيوٿراپي ڪن عورتن جي نهائينءَ واري حصي جي لمف نوڊز کي متاثر ڪري ٽنگن جي سوڄ ڪري وجهندي آهي، اهڙيءَ حالت کي لمفو ايڊيما (Lymphoedema) سڏبو آهي. سرجري ۽ ريڊيوٿراپيءَ سان اهڙي ڳالھہ جا امڪان وڌيڪ ٿين ٿا.
جيڪڏهن علاج کانپوءِ مريض کي تيز بخار ٿي پوي يا گهڻو رت اچي تہ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي، پنھنجي ماهر ڊاڪٽر سان ملي، انفيڪشن يا پڪريز ختم ڪرڻ لاءِ اينٽي بايوٽڪ دوائون تجويز ڪرائجن.
پراسٽيـٽ جي ڪينسر لاءِ بريڪٿراپي: ڪـڏهن ڪـڏهن پـراسـٽيـٽ عضون جي ننڍن ڪينسري ڳوڙهن جي علاج لاءِ تابڪار ڪڻا وڌا ويندا آهن، جنهن لاءِ عام طور مريض کي بيهوش ڪبو آهي، ڪڏهن ڪنڊي رستي جسم سن ڪبو آهي. پراسٽيٽ غدود جي ڳوڙهين ۾ ننڍڙي ڌاتوءَ جي تابڪار ڪڻ وڌي ويندي آهي، جيڪي هڪ ڊگهي عرصي تائين آهستي آهستي شعاعن جو ننڍڙو وزن خارج ڪنديون رهن ٿيون. اها ڪڻ پراسٽيٽ غدود ۾ ئي رهڻ ڏبي آهي، جن جي تابڪاري سال تائين آهستي گهٽجي ختم ٿي ويندي آ هي. تابڪاري ڪڻ چند ملي ميٽرن ۾ پنهنجو اثر ظاهر ڪري سگهندي آهي، ان ڪري ٻين ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو نہ ٿو رهي.
سائيڊ افيڪٽ: تابڪارڪڻ وجهڻ کانپوءِ سور ۽ اهنج محسوس ٿيڻ هڪ عام ڳالھہ آهي، جن کي گهٽائڻ لاءِ ڊاڪٽر سور ختم ڪندڙ دوائون تجويز ڪري سگهي ٿو.
ڪن ماڻهن کي پيشاب ۾ رت بہ ايندو آهي، جيڪا عام رواجي ڳالھہ آهي، پر گهڻو رت ايندو هجي تہ ڊاڪٽر کي ان بابت آگاھہ ڪجي. گهڻي پاڻياٺ پيئڻ سان اهڙي رت جي نيڪال ٿيڻ ۾ مدد ملي ٿي.
بريڪٿيراپي ڪرائڻ کانپوءِ پيشاب ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ڪن کي تہ پيشاب ڪڍڻ لاءِ نلڪي هڻائڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن مثاني مان پيشاب ڪڍندڙ نلي/ يوريٿرا سوڙهي ٿي وڃي ٿي. جڏهن ائين ٿئي ٿو تہ تڏهن عام طور يوريٿرا کي موڪرو ڪيو وڃي ٿو. برئڪيٿراپيءَ سبب نامردي بہ ٿي سگهي ٿي ۽ ڪي مرد علاج کانپوءِ ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل نٿا رهن. ان ڪري ضروري سمجهيو وڃي تہ اهڙي ڳالھہ ڊاڪٽر سان ڪجي، جيڪو جنسي زندگيءَ ۽ ويجهه (Fertility) تي پوندڙ اثرن بابت ڪي صلاحون ڏئي سگهي ٿو.
ريڊيوآئسوٽوپ: ريڊيوآئسوٽوپ پيئڻ لاءِ پاڻيٺ ۾، ڪيپسول جي صورت ۾ ڳھڻ ۽ انجيڪشن رستي نس ۾ بہ هڻي سگهجن ٿا. هن لاءِ بہ ساڳئي قسم جا احتياطي اپاءَ ورتا وڃن ٿا. جھڙا اندرين ريڊيو ٿراپيءَ جي علاج دوران ورتا وڃن ٿا.
ريڊيوايڪٽِو آيوڊين: ريڊيوآئسوٽوپ علاج جو هڪ عام قسم ريڊيوايڪٽو آيوڊين آهي، جيڪا ٿائرائڊ غدود جي ڳوڙهين جي علاج لاءِ ڪئپسول طور استعمال ٿئي ٿي. جڏهن بہ ڪا ريڊيو ٿراپي آيوڊين ايڪٽو ٿائراِئيڊ جذب ڪري نٿي سگهي، تڏهن اها جسم مان پگهر ۽ پيشاب رستي خارج ٿي وڃي ٿي، تنهنڪري علاج دوران مريض کي جهجهي پاڻيٺ پيئڻ گهرجي تہ جيئن آيوڊين کي جسم کان ٻاهر خارج ٿيڻ ۾ مدد ملي سگهي.
عام طور تي ريڊيوايڪٽو آيوڊين جو ڪو بہ اگرو اثر نٿو ٿئي، پر پوءِ بہ ان جي علاج کانپوءِ هڪ هفتي تائين ساڻائي محسوس ٿيندي آهي.
هڏي جي ثانوي ڪينسر جو علاج: ريڊيو آئسوٽوپ علاج تڏهن بہ ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن ڪن قسمن جو ڪينسر هڏن ڏانهن وگهري. هڏن جي ثانوي ڪينسر لاءِ ريڊيو آئسوٽوپ، نس ۾ هنئي ويندي آهي، جيڪا مريض کي آئوٽ پيشنٽ طور ڏئي سگهجي ٿي. مريض کي گهر وڃڻ کان اڳ ۾ ڪن عام ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي، ڇو تہ ڪجهہ ڏينهن لاءِ مريض جو پيشاب ۽ رت ۾ هلڪي تابڪار ٿي سگهي ٿي ۽ ڪجهہ هفتن تائين مريض ساڻائي محسوس ڪري سگهي ٿو، جڏهن تہ ريڊيو ٿراپيءَ جي هن قسم جي علاج کانپوءِ عام طور ٻيو ڪو سائيڊ افيڪٽ/ اگرو اثر نٿو ٿئي.
ريڊيو ٿراپي علاج کانپوءِ پوئواري: علاج پوري ٿيڻ کانپوءِ مريض کي باقاعدگيءَ سان تپاس ڪرائڻ گهرجي.
ريڊيوٿراپيءَ جي هاڪاري اثرن ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهہ وقت لڳي سگهي ٿو. ڪيترين حالتن ۾ ڪينسري ڳوڙهيءَ کي سسڻ ۾ ڪجهہ وقت لڳي سگهي ٿو ۽ ريڊيوٿراپي سبب ڪجهہ سوزش بہ ٿي سگهي ٿي.
اڄڪلھہ جيئن تہ ريڊيو ٿراپي جي مشينن ۾ زبردست سڌارا واڌارا ٿيندا رهن ٿا، ان سبب پيدا ٿيندڙ سنگين اثر بہ تمام گهٽ پيدا ٿين ٿا. ريڊيوٿراپي مختلف ماڻهن کي مختلف طريقن سان متاثر ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري بلڪل صحيح طريقي سان اڳڪٿي ڪري سگهڻ ڏکيو ٿئي ٿو تہ مريض ملندڙ علاج جو ڪهڙو رد عمل ڏيکاريندو.
ريڊيوٿراپيءَ جا گهڻا سائيڊ افيڪٽ علاج پوري ٿيڻ سان آهستي آهستي ختم ٿي وڃن ٿا.
جسم جي مخصوص حصي تي ريڊيوٿراپيءَ جا اگرا اثر: هن حصي ۾ رڳو جسم جي انهن حصن کي ملندڙ ٻاهرين ريڊيوٿراپيءَ جي اثرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ ريڊيوٿراپي رڳو جسم جي ان حصي جو علاج ڪري ٿي، جيڪو ڪينسر سبب متاثر ٿيل آهي. ان ڪري وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو تہ مخصوص قسم جي ڪينسر لاءِ ڪيموٿراپي ڪيئن ڏني وڃي ٿي.
• مٿي ۽ ڳچيءَ لاءِ ڪيمو ٿراپي
• ڇاتيءَ لاءِ ڪيموٿراپي
• معدي ۽ نهائينءَ لاءِ ڪيموٿراپي
مٿي ۽ ڳچيءَ لاءِ ڪيموٿراپي:
وات جي سنڀال: علاج دوران وات ڦٽجي بہ سگهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سيل وات جي استر طور موجود ٿين ٿا، ريڊيوٿراپيءَ لاءِ گهڻا حساس ٿين ٿا. وات تي اهڙو اثر ريڊيوٿراپيءَ جي ٻن ٽن هفتن کانپوءِ ٿئي ٿو ۽ تڏهن وڌيڪ ڳنڀير ٿي وڃي ٿو. جڏهن مريض کي ڪيموٿراپي ڏني ويندي آهي. علاج سبب وات ۾ انفيڪشن/ پڪريز بہ ٿي سگهي ٿو ۽ وات چيڙهالو لعاب بہ پيدا ڪري ٿو.
کاڌو: جيئن تہ مريض جو وات عام حالت کان هن وقت وڌيڪ حساس هوندو آهي، ان ڪري گرم، مصالحيدار، ٿڌن مشروبن ۽ پاڻيٺ واپرائڻ کان پرهيز ڪجي. سخت کاڌن کان بہ پرهيز ڪجي. مائوٿ واش بہ رڳو اهي ئي استعمال ڪرڻ کپن، جيڪي ريڊيوٿراپي شعبو تجويز ڪري، ڇاڪاڻ تہ بازار يا دوائن جي دڪان تي عام طور الڪوهل مليل مائوٿ واش ملن ٿا، جيڪي وات جي ڦٽن ۽ تڪليفن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏين ٿا.
سواد ۾ تبديلي: علاج سبب مريض جي وات جو سواد، مکڙيون متاثر ٿي سگهن ٿيون، جنهنڪري مريض کاڌي جي سواد ۾ فرق محسوس ڪري سگهي ٿو. علاج وڌڻ سان سواد بهتر ٿيندو ويندو آهي، ان ۾ سال کان مٿي وقت لڳي سگهي ٿو.
الڪوهل (خاص طور تي اسپرٽون) ۽ تماڪ وات جي استر کي Iritate ڪري سگهن ٿا. ان ڪري بهتر آهي تہ علاج دوران ۽ علاج پوري ٿيڻ بعد ڪجهہ هفتن تائين انهن کان پرهيز ڪجي.
خشڪ وات: جيئن تہ پڪ پيدا ڪندڙ غدود علاج سبب متاثر ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري ممڪن آهي تہ مريض گهٽ پڪ يا بنھہ پيدا ڪري نہ سگهي. جنهنڪري کاڌو چٻاڙڻ ۽ ڳھڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. علاج کانپوءِ مريض جي وات جي خشڪي ڪيترن مهينن تائين هلي سگهي ٿي، جڏهن تہ ڪن لاءِ دائمي ٿئي ٿي. اهڙن اگرن اثرن کي شروعات ۾ منهن ڏيڻ ڏکيو ٿئي ٿو. اهڙا کوڙ طريقا آهن، جن رستي انهن جو تدارڪ ٿئي ٿو. ان لاءِ ماهر ڊاڪٽر تجويزون ڏئي سگهي ٿو.
ان لاءِ جيستائين وات جي حالت بهتر ٿئي، تيستائين مريض کي ڊاڪٽر طاقتور مشروب واپرائڻ لاءِ چئي سگهي ٿو ۽ ڪو نرم کاڌو بہ تجويز ڪري سگهي ٿو تہ جيئن وزن نہ گهٽجي.
آواز مٽجي وڃڻ: جيڪڏهن مريض جي ڪاڪڙي جو علاج ٿي رهيو آهي تہ مريض آواز گهگهو يا گهٽيل محسوس ٿيندو ۽ ڪن حالتن ۾ آواز بلڪل ويهجي ويندو. اهي عارضي تبديليون آهن، جيڪي علاج پوري ٿيڻ جي ڪجهہ هفتن بعد عام رواجي حالت ۾ اچي وڃن ٿيون.
ڏند خراب ٿيڻ: وات جي ريڊيوٿراپيءَ ڪري گهڻو امڪان آهي تہ مريض جا ڏند ڳري سڙي وڃن، جنهن سبب مريض کي ڪنهن ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ بار بار وڃڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. عام طور فلورائيڊ علاج رستي ريڊيو ٿراپيءَ جي اثرن کان بچاءُ ڪري سگهبو آهي. اهو بہ ممڪن آهي تہ ريڊيوٿراپيءَ کان اڳ ۾ ڪلينيڪل آنڪولاجسٽ مريض کي ڏندن جي علاج لاءِ ڊاڪٽر ڏانهن رجوع ڪري يا نرم برش ۽ فلورائيڊ واري پيسٽ سان ڏندڻ صاف ڪرڻ لاءِ چوي.
ڇاتيءَ جي ريڊيو ٿراپي: ڇاتيءَ واري حصي جي ريڊيوٿراپي شروع ڪرائڻ جي اٽڪل ٻن کان ٽن هفتن کانپوءِ مريض پنھنجي سيني ۾ جڪڙ محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهنڪري نهرا کاڌا ڳھڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. علاج جو اهو هڪ عام رواجي ردعمل آهي. ان ڪري جيڪڏهن نرم ۽ سادا کاڌا پاڻيٺ جي صورت ۾ واپرائجن تہ سٺا ثابت ٿين ٿا.
بيماريءَ جو احساس: ڪي ماڻهو علاج دوران پاڻ کي بيمار محسوس ڪن ٿا ۽ ڪي واقعي بيمار بہ ٿي پون ٿا. اها هڪ عام ڳالھہ ٿي پوي ٿي، جڏهن علاج وارو هنڌ معدي جي ويجهو هوندو آهي. ان لاءِ ماهر ڊاڪٽر دوائون تجويز ڪندو آهي، جيڪي احتياطي اپاءَ طور وٺي سگهجن ٿيون، عام طور اهي اثرائتيون ثابت ٿين ٿيون. جيڪڏهن مريض کي اوڪارا يا الٽي ٿي پوي تہ ان بابت ماهر ڊاڪٽر سان مشورو ڪجي.
وزن گهٽجڻ: جيڪڏهن مريض لاءِ کائڻ پيئڻ سان مسئلا پيدا ٿين يا بيمار ٿي پوي يا وزن گهٽائڻ جي ڪري ساڻائي ۽ ڪمزوري محسوس ٿئي، کاڌي کائڻ تي دل نہ چوي تہ ان لاءِ ماهر ڊاڪٽر يا غذائي ماهر صلاحون ڏئي سگهي ٿو.
سهڪو: ڇاتيءَ جي ريڊيو ٿراپي کانپوءِ مريض کي خشڪ کنگهہ ۽ سهڪو محسوس ٿيندو. اهڙو اثر علاج جي ڪيترن هفتن گذرڻ باوجود ظاهر نٿو ٿئي، پر جڏهن بہ ظاهر ٿئي تہ ڊاڪٽر کي آگاھہ ڪجي، جيڪو ڪي دوائون تجويز ڪري سگهي ٿو.
معدي ۽ ڍونگريءَ جي ريڊيوٿراپي:
دست: جسم جي هنن حصن کي ملندڙ ريڊيوٿراپيءَ سبب دستن جي تڪليف ٿي پوي ٿي ۽ معدي جي ڳڍڙيءَ ۾ ور اچي سگهي ٿو. دستن سبب مريض ڪمزوري ۽ ساڻائي محسوس ٿي سگهي ٿي. دستن جي خاتمي لاءِ ڊاڪٽر ڪي دوائون تجويز ڪري سگهي ٿو، جڏهن پيٽ ۽ ڍونگريءَ جي هڪ وڏي حصي جو علاج ٿيندو آهي تہ ڊاڪٽر پاڻياٺ گهڻي پيئڻ جي صلاح ڏيندو آهي ۽ عام طرح صحتمند کاڌي کائڻ جو مشورو ڏيندو آهي. علاج پوري ٿيڻ کان پوءِ دستن جي تڪليف ڪجهہ هفتن تائين هلي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن اها گهٽجي نہ سگهي تہ ريڊيوٿراپي ڊپارٽمينٽ يا ڊاڪٽر سان لھہ وچڙ ۾ اچڻ گهرجي.
سفرو: جيڪڏهن علاج وارو هنڌ هيٺينءَ ڍونگريءَ ۾ آهي تہ ريڊيوٿراپيءَ جي ڪري سفرو مشتعل ٿي سگهي ٿو. ريڊيوٿراپيءَ لاءِ ڍونگريءَ جي اهڙي هيٺينءَ هنڌ ۾ ڳڀيرڻ، پراسٽيٽ، پڇو يا مثانو اچي وڃن ٿا. اهڙي امڪان کي گهٽائڻ لاءِ مريض کي اهڙن کاڌن کائڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي، جيڪي تاندورن سان ڀريل هجن تہ جيئن قبضي ٿي نہ سگهي.
مريض کي جيڪڏهن اڳ ۾ موڪا آهن تہ اهي وڌيڪ مشتعل ٿي سگهن ٿا. ڪڏهن نهائينءَ واري حصي جي ريڊيو ٿراپيءَ کانپوءِ سفري مان لعاب يا رت اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن اهڙو ڪو مسئلو پيدا ٿئي تہ ڊاڪٽر کي ان بابت آگاهي ڏجي.
پيشاب ڪرڻ دوران سُور محسوس ڪرڻ: پيٽ جي هيٺئين حصي جي ريڊيو ٿراپي ڪرڻ دوران عام طور مثاني جي سوزش ٿي سگهي ٿي. پيشاب ۾ ساڙو يا تڪليف ٿي سگهي ٿي ۽ عام رواجي حالتن جي ابتڙ مريض کي رات جي وقت وڌيڪ ڀيرا پيشاب ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي.
گهڻي پاڻيٺ پيئڻ سان اهڙو مسئلو گهٽجي وڃي ٿو، جڏهن تہ ڪافي چانھہ، الڪوحل/ شراب ۽ ترش ميون جي رس پيئڻ کان پرهيز ڪجي نہ تہ اهي مثاني کي مشتعل ڪري مسئلا پيچيدہ ڪري ڇڏين ٿا، ڪن ماڻهن لاءِ ليمو مليل پاڻي يا Cranberry Juice پيئڻ سان اهڙا مسئلا گهٽجي وڃن ٿا.
ريڊيوٿراپيءَ جا جنسيت تي اثر: جيئن تہ ريڊيو ٿراپيءَ سبب ڪڏهن ڪڏهن جنسي زندگي متاثر ٿي پوي ٿي. جيڪڏهن اهڙو ڪو مسئلو پيدا ٿئي ٿو تہ ڊاڪٽر سان ڳالهائڻ گهرجي.
عورتن لاءِ پيدا ٿيندڙ جنسي مسئلا: نهائينءَ جي اندروني ۽ ٻاهرين ريڊيوٿراپي، آنين کي متاثر ڪري ٿي، جنهنڪري عورتون سنڍ ٿي سگهن ٿيون، جيڪا ڳالھہ ’مهينن‘ دوران بہ ٿي سگهي ٿي. سنڍپڻي جون عام رواجي نشانيون چمڙيءَ جو خشڪ ٿيڻ ۽ فرج جو خشڪ ٿي وڃڻ آهن. سنڍپڻو نوجوان نارين لاءِ پريشانيءَ جو باعث آهي، جيڪي ان عمر ۾ اهو سوچي بہ نٿيون سگهن. ڪينسري ڳوڙهيءَ جي ڪري ڊاڪٽر هارمون ريپليسمنٽ ٿراپيءَ جي صلاح ڏئي سگهي ٿو تہ جيئن ان مسئلي کي ختم ڪري سگهجي.
مردن لاءِ پيدا ٿيندڙ جنسي مسئلا: ريڊيو ٿراپي ڪرائيندڙ مردن ۾ بہ ڪي جنسي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، جنهنڪري سندن جنسي ڳالهين مان دلچسپي ختم ٿي سگهي ٿي ۽ عارضي طور تي مردانيت ختم ٿي وڃي ٿي، جيڪا ريڊيوٿراپيءَ جي علاج پوري ٿيڻ جي ڪيترن مهينن يا سالن کانپوءِ ٿي سگهي ٿي.
ڳڀ روڪ: ٻار ڄڻڻ جي عمر ۾ رهندڙ عورتن لاءِ تمام ضروري آهي تہ اهي ريڊيوٿراپيءَ جي سموري علاج دوران ڪا بہ اثرائتي ڳڀ روڪ دوا استعمال ڪنديون رهن، ڇو تہ ريڊيوٿراپيءَ جي ڪري ڇڪي اچي سگهي ٿي يا عيبدار ٻار ڄمي سگهي ٿو. حمل سان هجڻ وقت ريڊيوٿراپيءَ وقت حمل بابت ڪلينيڪل آنڪولاجسٽ کي ٻڌائڻ ضروري آهي، ڇو تہ آنڪولاجسٽ ٻار ڄمڻ تائين علاج نہ ڪرائڻ جو مشورو ڏئي سگهي ٿو.