
ريڊڪلف اوارڊ
ريڊڪلف اوارڊ (Radcliffe Award): ورهاڱي وقت پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ سرحدن تقسيم ڪرڻ لاءِ هڪ ’بارڊر ڪميشن‘ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو چيئرمئن سر سائرل ريڊڪلف (Sir Cyril Radcliffe) هو، جنهن کي 88 ملين ماڻهن جي هن سرزمين کي ٻن برابر حصن ۾ ورهائڻ جو ڪم سونپيو ويو هو. هندستان جي آزادي ائڪٽ 1947ع ۾ اهو طئي ٿيل هو تہ 15 آگسٽ 1947ع تائين برطانيا مڪمل اختيار نون خودمختيار ملڪن هندستان ۽ پاڪستان کي سونپي هلي ويندي، جنهن کان پوءِ پاڪستان مسلم اڪثريت واري رياست ۽ هندستان هندو اڪثريت واري رياست جي حيثيت اختيار ڪندا. سنڌ (72 سيڪڙو مسلم آبادي) ۽ بلوچستان (91 سيڪڙو مسلم آبادي) مڪمل طور پاڪستان کي ڏنا ويا، جڏهن تہ ٻين صوبن ۾ يڪسان اڪثريت نہ هئي. جنهنڪري پنجاب ۽ بنگال جو ورهاڱو ڪيو ويو، اولھہ پنجاب پاڪستان جي حصي ۾ آيو ۽ اوڀر پنجاب هندستان کي مليو. بنگال کي بہ ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. اوڀر بنگال پاڪستان ۽ اولھہ بنگال هندستان کي ڏنو ويو.
ورهاڱي کان پوءِ جلد سرحد صوبي ريفرنڊم جي ذريعي چونڊ ۾ پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ورهاڱي کان ڪجهہ ڏينهن اڳ لارڊ مائونٽ بيٽن ٻنهي ملڪن جي سرحدن جي درست نموني حدبندي مقرر ڪرڻ لاءِ سر سائرل ريڊڪلف کي اڳواڻ مقرر ڪيو. هو پنجاب ۽ بنگال جي تقسيم لاءِ سرحدي ڪميشن جو چيئرمئن هو، جيئن تہ ريڊڪلف کي ٻن نون ملڪن ۾ ٻن صوبن جي ورهاست جو مسئلو حل ڪرڻو هو، ان لاءِ ڪميشن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو. پنجاب لاءِ پهرين ٻہ ميمبر: جسٽس مهرچند مهاجر، جسٽس تيجا سنگهہ (ڪانگريس) ۽ وڌيڪ ٻہ ميمبر: جسٽس صالح محمد اڪرم ۽ جسٽس ايس. اي. رحمان (مسلم ليگ) مقرر ڪيا ويا. ڪميشن جي ٻنهي حصن جو چيئرمئن سر سائرل ريڊڪلف (Sir Cyril Radcliffe) کي بڻايو ويو. سرحدي ڪميشن کي چيو ويو تہ پنجاب جي ٻن حصن جي اهڙيءَ ريت حدبندي ڪئي وڃي، جو مسلم اڪثريت وارو حصو پاڪستان سان ملي وڃي، جڏهن تہ هندن جي اڪثريت وارو حصو هندستان کي ملي. رياستن جي تقسيم
وقت ريڊڪلف کي فطري سرحدن، ابلاغ عامه، آبي رستن، زرعي نظام ۽ سماجي ۽ سياسي گهرجن کي بہ سامهون رکڻو پوندو هو. هر ڪميشن ۾ چار نمائندا هئا، جن مان ٻہ نيشنل ڪانگريس جا ۽ ٻہ مسلم ليگ جا هئا.
8 جولاءِ 1947ع تي هندستان پهچڻ کان پوءِ ريڊڪلف کي سرحدي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پنج هفتا ڏنا ويا. هو ترت پنهنجن ساٿي ميمبرن سان گڏ ڪميشن جي وڏن ميمبرن سان ملڻ لاءِ پهرين لاهور ۽ بعد ۾ ڪلڪتي ويو، جتي هو پهرين قائداعظم محمد علي جناح سان ۽ پوءِ جواهر لعل نهروءَ سان مليو. ريڊڪلف کي اهو اعتراض هو تہ کيس ڏنل وقت مسئلي جي حل لاءِ ڪافي نہ هو، پر سمورين سياسي جماعتن اهو چاهيو ٿي تہ سرحدي مسئلو جلد کان جلد حل ٿيڻ گهرجي. ريڊڪلف ۽ سندس ٽيم کي (جنهن ۾ هڪ وڪيل، هڪ ڪمشنر ۽ ڪجهہ صلاحڪار شامل هئا) جديد سرحدي حدبنديءَ جي مناسب ڄاڻ نہ هئي ۽ نہ هنن وٽ ايترو وقت هو، جو ان مسئلي سان ڪا لاڳاپيل ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. وقت ۽ حالت کي ڏسندي سرحدي تقسيم جي حوالي سان ريڊڪلف کي ڪجهہ مشڪل مسئلا حل ڪرڻا پيا. هو هندستان ڪڏهن بہ نہ آيو هو ۽ کيس هتي جي ڪا ٻي ڄاڻ بہ نہ هئي.
ريڊڪلف اوارڊ سرحدن جي ورڇ جي حوالي سان شروع کان تڪراري پئي رهيو آهي. لارڊ مائونٽ بيٽن، ريڊڪلف تي دٻاءُ وڌو ته، هو هندستان کي اهي رياستون حدبندي ڪري ڏي، جن جي اُهي گهُر ڪن ٿا. ان ڪري ڪيترا مسلم اڪثريتي علائقا سندن مرضيءَ کانسواءِ دستاويزن ذريعي هندستان ۾ شامل ڪيا ويا. انهن اهم رياستن ۾ پٺاڻ ڪوٽ، بٽيالا، حيدرآباد دکن، امرتسر، ڪلڪتو، الھہ آباد مسلم اڪثريت جي باوجود هندستان کي ڏنا ويا. برطانيا جي هڪ انگريز مسٽر ريڊ بعد ۾ اهو اعتراف ڪيو تہ ريڊڪلف انصاف جو خون ڪيو آهي. سرحدن جي غير منصفاڻي ورڇ سان پاڪستان جي آبي رستن ۾ بہ تبديلي آئي، جنهنڪري پاڪستان کي وڏو نقصان ٿيو. قائداعظم بہ چيو تہ ’ريڊڪلف اوارڊ‘ پاڪستان کي آخري وڏو ڌڪ آهي، پر اسان قبول ڪريون ٿا.