ريڙهي

ريڙهي: ريڙهي ديھہ، ڪراچيءَ جي تپي لانڍيءَ ۾ آهي، جنهن کي يونين ڪائونسل جو درجو بہ مليل آهي. هن يونين ڪائونسل ۾ ريڙهيءَ کان سواءِ ڪجهہ حصو ’ڱانڱياري‘ جو بہ شامل ڪيل آهي. ريڙهي سمنڊ ڪناري ماهيگيرن جي قديم وستي آهي، جتي مڇي مياڻ بہ قائم آهي. هن ديھہ جي اوڀر پاسي ديھہ ڱانڱيارو، اولھہ پاسي ديھہ شرافيءَ جون حدون ملن ٿيون. لانڍيءَ جي لڳو لڳ ريڙهيءَ جي ساحلي بستي آهي. مقامي ماڻهو هن آبادي کي ’ريڙهي‘ ۽ ’ريهڙي‘ بہ چوندا آهن. ان کان سواءِ ريهڙا نالي جا ٻہ ڳوٺ بہ ملن ٿا.


لفظ ريڙهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو