ريڙهي مياڻ

ريڙهي مياڻ

ريڙهي مياڻ

ريڙهي مياڻ: ڪراچيءَ جو هڪ تاريخي ڳوٺ. ’ريڙهي مياڻ‘ ڪراچيءَ ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي ڏاکڻي دنگ تي، صديق خاصخيلي ڳوٺ جي ڀِڪ ۾ ڪرونگي ڪريڪ جي ڪناري تي ’مڇي مارڻ وارن‘ جي هڪ وڏي وسندي آهي، جيڪا ابراهيم حيدريءَ کان ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آباد آهي. ريڙهي مياڻ کي، ڪراچيءَ ۾ ابراهيم حيدريءَ کان پوءِ ٽيون نمبر وڏي جيٽي (مڇي مندر) جي حيثيت حاصل آهي. صديق ڳوٺ وٽان ٽڪريءَ تان بيهي ڏسبو ته ’ريڙهي مياڻ‘ هڪ ننڍڙي شهر جو ڏيک ڏيندو ۽ ائين محسوس ٿيندو ته سمنڊ جي سطح تي ترندڙ ڪو شهر آهي.
هن ڳوٺ جو اوائلي دؤر ۾ نالو ’ريل‘ هو، جنهن مان بگڙجي ’ريڙهه‘ ۽ بعد ۾ ’ريڙهي مياڻ‘ بنجي ويو.
روايت آهي ته سنڌو درياهه جو پهريون کُليل سمنڊ ۾ ڇوڙ به اهو هنڌ هو، جڏهن سنڌو درياهه ڀنڀور شهر کان ٿيندو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. سنڌو درياهه جي انهيءَ لنگهه جي ڪري انهي تر جا ڪنارا ’ر‘ جي شڪل اختيار ڪري ويا ۽ اهڙي ڪناري سامونڊي ماڻهو ’ريل‘ سڏڻ لڳا، جنهن مان اڳتي هلي ’ريڙهي ڳوٺ‘ بڻجي ويو، جڏهن ته مياڻ، مڇيءَ جي وڻج واپار واري هنڌ کي سڏبو آهي.
روايت آهي ته هيءُ ڳوٺ 400 سال اڳ پنجن ڀائرن موسي، وروءَ، قاسوءَ، سياروءَ ۽ پنجوءَ آباد ڪيو هو، جيڪي سون مياڻيءَ جا رهاڪو ۽ مورڙي ميربحر جي خاندان مان هئا. پنج ئي ڀائر مڇي مارڻ بهاني هن پاسي ايندا هئا. مڇيءَ جي شڪار دوران مهينن جا مهينا هتي ڪناري تي ڪچا گهر اڏي رهندا هئا. بعد ۾ هتي اچي آباد ٿيا. هي ڀائر ونگورا ذات جا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيئن سنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي زراعت لاءِ وڌيڪ استعمال ڪيو ويو ته ڪيٽي بندر جي ڀر وارا ماڻهو مٺي پاڻيءَ جي گهٽجڻ ڪري اتان لڏي اچي هتي آباد ٿيا، جن کي ’ملڪاڻي‘ سڏجي ٿو. سنڌو درياهه تي تربيلا ڊيم ٺهيو ته ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ جا جَت به لڏي اچي هتي آباد ٿيا.
هن ڳوٺ جي اتر اوڀر ۾ مٿانهينءَ تي ريتيلي زمين آهي. اتر ۽ اولهه چيڪي مٽيءَ وارو حصو آهي. ڏکڻ ۾ سمنڊ ۽ تمر جا ٻيلا آهن. هن ڳوٺ ۾ ماهيگير اڪثريت ۾ رهن ٿا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي جا ماڻهو سڙهه وارين ٻيڙين ۾ شڪار ڪندا هئا. ان وقت ٻيٽن اندر ڪاروبار جو مرڪز هو، جتي پئٽياڻي ڳوٺ ۾ ريڙهيءَ کان ٻيڙيءَ ذريعي چئن ڪلاڪن ۾ پڄبو هو.
ريڙهي مياڻ هن وقت شهر جو روپ اختيار ڪري وئي آهي، پر ڪراچيءَ ۾ هئڻ ڪري ’ڳوٺ‘ سڏجي ٿي، جڏهن ته ان جي آبادي 40000 کان مٿي آهي. ڪورنگي ڪريڪ جي ڪنڌيءَ تي ٻَڌل هن ڳوٺ ۾ 18 پاڙا آهن، جن ۾ جت، رونجها، دٻلا، خاصخيلي، ونگر، شيخ ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. ونگر اصل هتان جا رهاڪو آهن ۽ مڇي ماريندا آهن. سندن اوڙڪن/ نکن ۾ موساڻي، ورياڻي، قاسماڻي، اسماعيلاڻي، ڪولڙا، سياراڻي، پنجواڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
ريڙهي مياڻ جي علائقي مان مارجندڙ مڇي ملڪ جي مختلف علائقن کان سواءِ رنگون ۽ ڪولمبو تائين موڪلي ويندي هئي. هن ڳوٺ ۾ پاڻي، بجلي، گئس، اسڪول ۽ اسپتالن جون بنيادي ضرورتون ميسر هوندي به هتي وڃبو ته هيءَ آبادي ڏتڙيل محسوس ٿيندي. پاڻيءَ جي شديد قلت آهي، هتي جهينگن صاف ڪرڻ جا پنجهه ڇهه وڏا ڇاٻرا آهن، جتي روزانو سوين عورتون جهينگا صاف ڪنديون آهن. ’ماين جون هوٽلون‘ ريڙهيءَ جي خاص سڃاڻپ آهن. هتي منشيات وڌي وئي آهي.


لفظ ريڙهي مياڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو