
ريکا
ريکا: مشھور هندستاني اداڪارہ ريکا جو اصلي نالو ڀانو ريکا، سندس والد جو نالو جيميني آهي، جيڪو مقبول تامل اداڪار هو. ريکا جي مادري ٻولي تيلگو آهي. هيءَ گنبيشي گهراڻي ۾ 1959ع ڌاري پيدا ٿي. سندس والدہ پشپاولي بہ تيلگو فلمن جي اداڪارہ هئي. ريکا کي ست ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ آهي. هن سڀ کان پهرين پنھنجي ماءُ سان گڏ 1966ع ۾ هڪ تيلگو فلم ۾ ٻارڙيءَ جو ڪردار ادا ڪيو. 1970ع ۾ کيس ’ساون ڀاون‘ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هندي فلمي صنعت ۾ هندي نہ ڳالهائڻ، سانوري رنگت ۽ وڌيل وزن جهڙين ڳالهين کي خاميون ليکيو ويندو آهي. ان ڪري ريکا سڀ کان پهرين تہ وزن گهٽائڻ لاءِ يوگا جي سکيا ورتي، جنهن جي هوءَ اڄ ڏينهن تائين پابنديءَ سان مشق ڪري رهي آهي. تنهن کانپوءِ هن هندي زبان سکڻ کانپوءِ ڊانس جي سکيا وٺي، ريکا نالو اختيار ڪري نئين سر بالي ووڊ جي دنيا ۾ پير پاتو. هن ’ناگن‘، ’مقدر ڪا سڪندر‘، ’سلسله‘، ’مسٽر نٽور لال‘، ’خوبصورت‘، ’امراؤ جان‘ ۽ ’خون ڀري مانگ‘ جهڙين مقبول ترين فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن جي بدولت هوءَ بالي ووڊ جي مقبول ترين هيروئن جي درجي کي پهتي. ڪافي وقت کانپوءِ هن ڪي ڪنٽروزل ڪيا ۽ تازو ’ڪوئي مل گيا‘ فلم ۾ ماءُ ۽ ’ڪرش‘ فلم ۾ ڏاڏيءَ جو رول ڪيو. سنهڙي چهري ۽ بدن کي ماڻهن تمام گهڻو ساراهيو. هن جي مداحن ۾ ڪي اداڪار ڪرن ڪمار، جتيندر، ونود مهرا ۽ اميتاڀ بچن پڻ شامل آهن. ونود مهرا سان ريکا جي شادي بہ ٿي، جيڪا ناڪام وئي. ريکا جي ٻي شادي هڪ بزنس مين مڪيش اگروال سان ٿي ۽ ختم ٿي وئي، جو مڪيش اگروال ڪجهہ وقت کانپوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي،ريکا هن وقت بمبئيءَ ۾ رهي ٿي.