
ريگستان
ريگستان: ريگستان ٻن لفظن جو مرڪب آهي: ريگ = واري ۽ آستان= هنڌ؛ يعني واريءَ وارو علائقو، رڻ پٽ، صحرا وغيرہ. هونئن سنڌو نديءَ جي ميداني علائقن کي ڇڏي باقي علائقو ڪوهستان ۽ ريگستان ۾ شمار ٿئي ٿو، جيئن اوڀر ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اوڀر ڏکڻ ۾ ٿر. سنڌ جي صرف وچولي ۽ ميداني علائقي ۽ سنڌو نديءَ جي طاس (Catchment) وارو علائقو، واريءَ کان آزاد آهي، جتي سنڌوءَ جي چاڙھہ دوران ڇڏيل لٽ تي ٿيل آبادي هتان جي ماڻهن جي حياتيءَ جو ذريعو آهي. ريگستان جي اڪثر علائقي ۾ برساتن پوڻ ۽ نئين وهڻ سبب آبادي ٿئي ٿي. ريگستان جي ماڻهن جو گذرسفر هارپي کان وڌيڪ مال پالڻ تي آهي، جنهن ۾ خاص طور رڍون، ٻڪريون ۽ اٺ شامل آهن (وڌيڪ ڏسو ٿر، جلد ٻيو/ رڻ، جلد ڇهون).