ريڻي ڪئنال: گڊو بئراج جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ هي ڪئنال سنڌ جي گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعن جي زمين آباد ڪري ٿو. ڪئنال جي ڊيگهه اٽڪل 175 ڪلوميٽر ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي ڊيگهه اٽڪل 686 ڪلوميٽر آهي. اصل ۾ ھن ڪئنال جو نالو، سنڌ جي قديم نديءَ ’ريڻيءَ‘ جي حوالي سان تجويز ڪيو ويو ھو. اھا ندي قديم دؤر ۾ بھ ھاڪڙي درياھھ جي ھڪ شاخ ھئي. تاريخدانن جي راءِ ۾ ’ريڻي نديءَ‘ جا نشان اڃا تائين بھ موجود آھن.هي دراصل فلڊ ڪئنال (ٻوڏ دؤران وهندڙ واهه) آهي. گڊو بئراج ۾ پاڻي جي سطح 2.5 لک ڪيوسڪ کان وڌي وڃڻ جي صورت ۾ هي ڪئنال کوليو ويندو آهي. 412400 ايڪڙ زمين لاءِ پاڻي مھيا ڪندڙ هن ڪئنال جي ڊسچارج ڊزائن 10000 ڪيوسڪ آهي. واپڊا پاران ريڻي ڪئنال کي نئين سر تعمير ڪرڻ جي شروعات آڪٽوبر 2002ع ۾ ڪئي وئي. تعمير جو ڪم ٻن مرحلن ۾ شروع ٿيو. جنھن جو پھريون مرحلو جون 2014ع ۾ جڏهن ته ٻئي مرحلي جو ڪم 2018ع ۾ مڪمل ٿيو.