ريڻ درياھہ

ريڻ درياھہ: قديم زماني ۾ سنڌ جي زمين کي سيراب ڪندڙ هڪ درياھہ، نصرپور کان ڏکڻ طرف وهندڙ سنڌو درياھہ جي وهڪري مان، ٽنڊي محمد خان ۽ ماتليءَ جي ريلوي اسٽيشن کان چار ميل پنڌ تي، سنڌو درياھہ مان وهندو هو. ’ريڻ‘ لفظ ننڍي وهڪري لاءِ ڪم آيل آهي. درياھہ ۾ ڪو ننڍو سوراخ ٿي پيو ۽ انهيءَ مان پاڻي وهڻ لڳي تہ انهيءَ کي ’ريڻ‘ يا ’روڻ‘ بہ چئبو آهي ۽ چوندا آهن تہ درياھہ کي فلاڻي هنڌان ’ريڻ/ روڻ‘ پئجي وئي آهي. درياھہ تي اهو نالو ان سبب پيو هوندو. انهيءَ درياھہ جي ڪناري تي ڊگهن پنن واري ’پن‘ هوندي هئي. جنهن مان تونريون ۽ تڏا ٺهندا آهن، ڪن محققن جي راءِ آهي تہ درياھہ جي ڪناري کي پن جا ٻيلا هجڻ سبب درياھہ ’ريڻ‘ جو نالو پيو. ريڻ درياھہ، نظام سما اسٽيشن جي اولھہ کان ڪجهہ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سنڌو درياھہ مان وهي نڪرندو هو. هي درياھہ ٽنڊي محمد خان، ماتلي ۽ بدين تعلقن مان وهي سنڌو درياھہ جي ڪوري ڇاڙھہ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. چچ نامي ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”ريڻ درياھہ جو ڍورو ڳٺ، تلهار جي ڀرسان نڪري رپ کان وهي، بدين کان چار ميل اولھہ طرف گذري ڳوٺ ڦتن پرهياڙ کان لنگهي شير خان چانگ جي ڪوٽ کان ٿي ڪوري ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ريڻ درياھہ جون ٻيون ننڍيون ڪافي شاخون هيون، جي پڻ ريڻ وانگر پنهنجا پنهنجا نشان وڃائي ويٺيون آهن. قديم زماني ۾ جيڪي بہ شھر آباد ٿيندا هئا، اهي پاڻيءَ جي سهاري تي اڏيل هوندا هئا ۽ پاڻيءَ جي نہ هئڻ ڪري قديم وسندڙ شھر ويران ٿيندا رهيا آهن.
ريڻ درياھہ جو وهڪرو ڪتابي اشارن ۽ ماڻهن جي روايتن موجب ماتلي ۽ ٽنڊي غلام حيدر جي الهندي کان، تلهار جي اولھہ ۽ اوڀر کان، بدين ۽ سيراڻيءَ جي اوڀر وٽان گذري وڃي ڪوريءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهيءَ وهڪري جي سهاري، ريڻ درياھہ جي ڪنارن تي ڪيترا شھر ۽ ڳوٺ اڏيل هئا، جن ۾ فتح باغ، جوڻ، لڪڙي، شاھہ بنگال جو دڙو، دلن جو دڙو، شاھہ گهريو، بدين، مصري شاھہ جو دڙو، ڦٻي کڏي، ڪنڊر جو دڙو، برهان شاھہ، شھاب الدين جو دڙو، وڄڻو دڙو، مالهين جو دڙو، ڪوڪل جو دڙو، وير ٿري، روپا ماڙي، داسترن جو شھر. کير سرپيز مانجهي، وانر پير ۽ ٻيا ڪيترا شھر ۽ ڳوٺ ريڻ جي سهاري سان آباد رهيا ۽ برباد ٿيا. انهن شهرن مان هينئر رڳو بدين ۽ تلهار باقي رهيا آهن. باقي قديم شھر ۽ ڳوٺ دڙن جي حالت ۾ ڍير ٿيا پيا آهن.


لفظ ريڻ درياھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو