رَتُ1

رَتُ1

رت جا ڳاڙها جزا

رت جا ڳاڙها جزا

رت جا اڇا جزا

رت جا اڇا جزا

رَتُ1

رَتُ1

رَتُ1

رَتُ1 (Blood/ Haema): اهڙي غذائي رطوبت (Nutritive Fluid)، جيڪا انساني جسم ۾ دل، شريانين، رڳن جي سرشتي ذريعي گردش ڪري ۽ جيڪا جيوگهرڙن (اڻن: Cells) کي غذا ۽ آڪسيجن پهچائي. ان کي رَتُ چئبو آهي. هيءَ رطوبت ظاهر ۾ ته ڏسڻ ۾ ڳاڙهي ايندي آهي، پر بنيادي طرح هيءَ ڦڪي رنگ (Palepuff) جي هوندي آهي، هن ۾ رت جا ٽن قسمن جا گهرڙا (جزا: Corpuscles) هوندا آهن.
ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ ڳڀ (Embryo) هوندو آهي ته سندس رت جا جيوگهرڙا (Blood Cells) شروع ۾ ٻارَ جي جيري ۽ تريءَ ۾ ٺهندا آهن، پر پنجين مهيني کان پوءِ رت، ٻار جي ڊگهن هڏن جي مِک واري پَورَ (Medullary Cavity) ۾ ٺهندو آهي. ٻارُ جيئن جيئن وڏو ٿيندو آهي ته جيرو ۽ تري، رت ٺاهڻ گهٽائي پوءِ بند ڪري ڇڏيندا آهن. ٻاروتڻي کان وٺي جوانيءَ تي پهچڻ تائين ران جي ڊگهي هڏي (Femur) ۽ پنيءَ جي ڊگهي هڏي (Fibula) ۾ ڳاڙهي رنگ جي مِکُ (Bone marrow) ٺهندي آهي، جيڪا ڳاڙهي مِکُ اصل ۾ رت جا ڪچا ڳاڙها جزا هوندا آهن، جيڪي جيري ۾ پهچي رت جا پختا ڳاڙها جزا ٺهندا آهن. ٻار جڏهن جوانيءَ ۾ پير پائيندو آهي ته ان وقت جسم کي رت جي گهڻي ضرورت هوندو آهي. تنهنڪري وڌيڪ رت ٺاهڻ جي عمل (Hemopoises) ۾ ران ۽ پنيءَ جي هڏن سان گڏ جسم جا ٻيا سڌا (Flat) هڏا، جيئن: سيني (Sterm) جا هڏا، پاسراٽيون (Ribs)، ۽ ڪرنگهي جا مهرا (Vertebrae) به رت ٺاهڻ ۾ شامل ٿي ويندا آهن.
هڪ نوجوان مرد جي جسم ۾ سندس وزن جو ٻارهون حصو رت ٿئي ٿو، ۽ عورت ۾ مرد جي مقابلي ۾ گهٽ رت ٿئي ٿو، جڏهن ته ننڍن توڙي جوانيءَ ڏانهن وڌندڙ ٻارن ۾ سندن وزن جي مقابلي ۾ رت وڌيڪ ٿئي ٿو، جيڪو ڪڏهن وڌي 10 سيڪڙو تائين به پهچندو آهي، جيڪو جوانيءَ تائين گهٽجي 7 سيڪڙو تي اچي بيهندو آهي. رت ۾ 55 سيڪڙو رطوبت (Fluid Plasma) هوندي آهي، باقي 45 سيڪڙو رت جا سڀئي گهرڙا (Cells Corpuscles) هوندا آهن. رت جسم جي تنتي سرشتي، رڳن ۽ اوڄن (Tissues) ۾ هڪ خاص داٻَ (Osmotic Pressure) جي ذريعي گردش (Circulation) ڪندو آهي.
رت جي بناوت (Composition of Blood): رت جي پاڻيٺ (Serum) يا رطوبت (Plasma) ۾ هيٺيان مادا (Substance) شامل آهن. رت ٽن مادن: پاڻي، پروٽين ۽ لوڻ جي مرڪب (Compound) مان ٺهيل آهي، ان ۾ ڪجهه گئسون به شامل هونديون آهن.
پاڻي (Water): رت جي رطوبت ۾ 90 کان 92 سيڪڙو پاڻي ٿيندو آهي.
پروٽين (Protein): رت جي رطوبت ۾ مختلف قسمن جون اٽڪل 8 سيڪڙو پروٽين (لحميات) ٿين ٿيون، جيئن: البيومن، گلوبولين، پروٿرومبن ۽ فائيبروجن وغيره.
لوڻ (Salts): رت جي رطوبت ۾ مختلف قسمن جا اٽڪل 0.9 سيڪڙو لوڻ ٿين ٿا، جيئن سوڊيم ڪلورائيڊ، سوڊيم باءِ ڪاربونيٽ، ڪئلشيم، فاسفورس، مئگنيشيم ۽ فولاد (Iron) ٿين ٿا.
گئسون (Gases): رت جي رطوبت ۾ آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ نائٽروجن گئسون ٿين ٿيون. آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئسن جو واسطو هيموگلوبن ۽ رت جي ڳاڙهن جيوگهرڙن سان آهي. آڪسيجن ته رت جي ڳاڙهن جيوگهرڙن کي حيات بخشي ٿي، جڏهن ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي باءِ ڪاربونيٽ آئن جي ڪري رطوبت مان زهري مادا ٻاهر نڪرن ٿا ۽ رت زهري مادن کان آجو (صاف) ٿي وڃي ٿو. آبهوا ۾ موجود نائٽروجن گئس ٻين گئسن وانگي انساني جسم ۾ داخل ٿئي ٿي، پر رت جي رطوبت جي فعل سان ڪو واسطو ڪونهي.
ڪيترا نامياتي مادا جيڪي رت جي رطوبت ۾ هوندا آهن، جيئن: گلوڪوز، سڻڀ، يوريا، يورڪ ائسڊ، ڪريٽنن، ڪوليسٽرول ۽ امائينو ائسڊ، اهي سڀ جيري کان بڪين تائين پهچندا آهن، جيڪي پيشاب جي وسيلي نڪري ويندا آهن.
رت جا گهرڙا (جزا: Blood Cells/ Corpuscels): رت جا ٽن قسمن جا گهرڙا ٿين ٿا، جيڪي هي آهن:
(الف) رت جا ڳاڙها جزا (Red Blood Cells- RBC): رت جا ڳاڙها گهرڙا/ جزا، چپٿري چڪري (Biconvace Disc) وانگي ٿين ٿا، ڇو ته سندن ٻئي پاسا اندر وريل ٿين ٿا، هنن کي مرڪز (Nucleus) نه ٿيندو آهي، سندن قطر 7 مائڪرو ميٽر ٿئي ٿو. جڏهن هي جيوگهرڙو اڪيلو هوندو آهي ته ان جو رنگ ڦِڪو (Pale puff) ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر جڏهن جهڳٽي (mass) ۾ هوندو آهي ته انهن جو رنگ ڳاڙهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تنهنڪري رت سدائين ڳاڙهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. رت جي ڳاڙهن گهرڙن (جزن) جو بنيادي ڪم اهو آهي ته ڦڦڙن وسيلي آڪسيجن جسم جي اوڄن تائين پهچائي، جيڪو ڪم رت ۾ موجود هيموگلوبن (Haemoglobin) جي ڪري ممڪن ٿيندو آهي. هيموگلوبن پروٽين جو اهڙو مرڪب آهي، جيڪو فولاد (Iron) سان ڀريل هوندو آهي. (هيم (Haem) جي معنيٰ فولاد (Iron) ۽ گلوبن (Globin) جي معنيٰ پروٽين: اهڙي پروٽين، جنهن ۾ فولاد هجي). هيموگلوبن جو ڳانڍاپو آڪسيجن سان هوندو آهي، تنهنڪري ٻئي گڏجي رت جي ڳاڙهن گهرڙن ۾ ‘Oxy- haemoglobin’ جوڙيندا آهن. هڪ صحتمند ماڻهوءَ جي 100 ملي گرام رت ۾ 15 گرام هيموگلوبن ٿيندي آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن شخص جي 100 ملي گرام رت ۾ 5 گرامن تائين هيموگلوبن پهچي ته ان کي رت جي گهٽتائي(Anaemia) تصور ڪبو آهي.
سرت جي ڳاڙهي گهرڙي جي عمر 120 ڏينهن ٿئي ٿي. انهيءَ کانپوءِ رت جي ڳاڙهي گهرڙي جي هيموگلوبن جي ٽٽڻ ۽ وري ٻيهر ٺهڻ جو عمل تريءَ (Spleen) ۽ جيري (Liver) ۾ ٿيندو آهي. هيم (Haem) جي ڪجهه حصي مان ٻيهر ڳاڙها گهرڙا تري ٺاهيندي آهي. باقي بچيل حصو تري، جيري ڏانهن موڪليندي آهي، جتي جيرو انهيءَ هيم جي بچيل حصي مان ڦڪي رنگ جو مادو (Pigment) جنهن کي Biliribin چئبو آهي، ٺاهيندو آهي. جڏهن هي مادو رت ۾ وڌي ويندو آهي ته سائي/ يرقان (ڪامڻ: Jaundice) جي بيماري ٿي پوندي آهي، جڏهن ته گلوبن ٽٽڻ کان پوءِ ان مان امائنو ائسڊ ٺهندو آهي، جيڪو اوڄن لاءِ پروٽين جو ڪم ڏيندو آهي.
صحتمند ماڻهوءَ جي رت جي هڪ ڪيوبڪ ملي ميٽر (Cubic Millimeter) ۾ رت جي ڳاڙهن گهرڙن جي ڳاڻاٽي جو وچور هن ريت آهي: 4500،000 کان 5500،000 سراسري 5000،000.
(ب) رت جا اڇا گهرڙا (White Blood Cells- WBC/ Leucocytes): رت جا اڇا گهرڙا شفاف رنگ جا ۽ مختلف قد ڪاٺ ۽ قسمن جا ٿين ٿا. هنن جا گهڻائي ڪم آهن، جيڪي سڀ جا سڀ جسم لاءِ بچاءُ جو نظام رکڻ لاءِ هوندا آهن. اڇن گهرڙن جو مکيه ۽ بنيادي ڪم جسم کي زهريلن جيوڙن (Microbes) کان بچائڻ هوندو آهي. هي پنهنجي خاص فعل Phagocyte جي ڪري زهريلن جيوڙن (Micro organism) کي ڳهي ويندا آهن، تنهنڪري هنن گهرڙن کي جيوڙا ڳهندڙ گهرڙا (Phyagocytes Cells) به چوندا، ڇو ته خوردبينيءَ (Microscope) ۾ چڪاس دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪيترا زهريلا (مئل) جيوڙا ڳهڻ کان پوءِ اڇن گهرڙن جي هڪ قسم ‘Granulocyte’ ۾ مئل جيوڙا موجود هوندا آهن.
چرپر جي خاصيت: Amoeboid Movement جي ڪري اهي گهرڙا آسانيءَ سان رت جي ناڙين (Blood Vessels) ۽ جسم جي سڀني عضون ۾ ڦرندا وتندا آهن. تنهنڪري هي زخمي ۽ ڌڪ لڳل هنڌ موجود هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڌڪ يا زخم وارو حصو ڳاڙهو ۽ سڄيل هوندو آهي، پر هنن گهرڙن جي موجودگيءَ جي ڪري انهيءَ حصي جي سوڄ، ساڙو ۽ سور (Inflammation) گهٽ يا ختم ٿي ويندو آهي.
هي گهرڙا زخم جي ڇٽڻ تائين ان ۾ ڀرجي ويل گند يا وري ڌارين زهريلن جيوڙن سان مهاڏو اٽڪائڻ دوران ڪيترن مفيد توڙي مضر جيوڙن کي ناس ڪري گند واريءَ جاءِ کي صاف ڪري ڇڏيندا آهن. هنن کي جسم ۾ جتي به جيئرو (چرندڙ) جيوڙو نظر آيو ته ان کي يا ڳهي ڇڏيندا آهن يا ماري کائي ڇڏيندا آهن. ڌاريو مادو (Foreign Body) جسم ۾ گهڙڻ جي صورت ۾ پنهنجي خاص چرپر جي خاصيت جي ڪري ان کي ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن، جيئن: ڪنڊو، ڇيت يا چمڙيءَ جي سوراخن ۾ مٽيءَ جا ذرڙا. جيڪڏهن انهن کي ڪڍي نه سگهيا ته انهن کي آهستي آهستي ڳاري کائي يا ڳهي ويندا آهن. صحتمند ماڻهوءَ جي رت جي هڪ ڪيوبڪ ملي ميٽر ۾ رت جي اڇن جزن جي ڳاڻيٽي جي شرح آهي: 4000 کان 10،000 سراسري 8000.
رت جي اڇن گهرڙن جا قسم:
(1) گرينيولو سائيٽس (Granulocytes): هن جا وري ٽي قسم آهن:
(I) نيوٽروفل سيلس (Neutrophil cells): هنن جو ڪم ماڻهوءَ جو ٻاهرين زهريلن جيوڙن کان بچاءُ ڪرڻ آهي. تنهن کانسواءِ جسم ۾ اندر جيوگهرڙن ۾ ڀڃ ڊاهه ٿئي ته اهو ڪن ڪچرو، يا پنهنجا ۽ پراوا مئل گهرڙا ۽ زهريلا جيوڙا، زهريلن جيوڙن جا ڪيميائي مادا ڳهي وڃڻ آهي. جيئن ته هي گهرڙا سڄي جسم ۾ آزاديءَ سان ڦرندا آهن، تنهنڪري رت جي ناڙين، وار نلين ۽ سڀني عضون تائين پهچندا آهن. ڌڪ ۽ زخم واري جاءِ جي چوڌاري موجود هوندا آهن. هنن جو تعداد ٻين سڀني اڇن گهرڙن جي قسمن ۾ وڌ ۾ وڌ يعني 40 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو ۽ سراسري 44 سيڪڙو ٿئي ٿو.
(II) اوسينوفل سيل (Eosinophil Cells): هن قسم جي اڇن گهرڙن جو قدرتي تعداد 1 سيڪڙو کان 4 سيڪڙو ۽ سراسري 3 سيڪڙو آهي. هن قسم جي اڇن گهرڙن جو قدرتي تعداد پيٽ جي ڪيڙن، دم، سرڻي (ڏڏر) جي ڪري وڌي ويندو آهي.
(III) بيسوفل سيلس (Basophil Cells): هن قسم جي اڇن گهرڙن جو قدرتي تعداد 0.5 سيڪڙو کان 2 سيڪڙو ۽ سراسري 1 سيڪڙو آهي. هن قسم جي اڇن گهرڙن جو قدرتي تعداد الرجيءَ جي ڪري وڌي ويندو آهي.
(2) لمفوسائيٽس (Lymphocytes): اهي ننڍا توڙي وڏا ٿيندا آهن. هن قسم جي اڇن گهرڙن جو قدرتي تعداد 20 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو ۽ سراسري 25 سيڪڙو آهي. هي رت جا اڇا گهرڙا رت، لعابي اوڄن (Lymphatic Tissues) ۽ تريءَ ۾ موجود هوندا آهن. هن جو تعداد وڌي وڃڻ جسم جي لعابي ڳنڍين (Lymphatic Nodes) ۽ ان جي سرشتي جي خرابيءَ، زهريلي وائرس، ڪينسريائي گهرڙن جي موجودگيءَ ۽ گهڻين ايلوپيٿيءَ جي دوائن جي ابتي اثر ڪري هوندو آهي.
مونوسائيٽس (Monocytes): هن قسم جي اڇن گهرڙن جو قدرتي تعداد 4 سيڪڙو کان 8 سيڪڙو ۽ سراسري 5 سيڪڙو آهي. هنن قسم جي اڇن گهرڙن جو قدرتي تعداد گهڻين مهلڪ بيمارين، ساهه جي سرشتي جي بيمارين، سلهه (ڦڦڙن جي)، دل جي اندرئين غلاف جي سور ۽ سوڄ (Endocarditis) ۽ مليريا ۾ وڌي ويندو آهي.
(3) پليٽيليٽس (Platelates/ Thrombocytes): هي رت جي ڳاڙهن گهرڙن جي مقابلي ۾ ٽئين حصي 3/1 جيترا ٿيندا آهن. رت جا هي گهرڙا ڌڪ لڳڻ کانپوءِ رت وهڻ کي بند ڪرڻ (Haemostasis) لاءِ ڪتب ايندا آهن. عام حالت ۾ هنن رت جي گهرڙن جو ٽيون حصو 1/3 تريءَ ۾ جمع ٿيل هوندو آهي، جيڪو ضرورت وقت رت واري جاءِ تي پهچندو آهي. باقي ٽي حصا 4/3 رت ۾ گردش ڪندا رهندا آهن. رت جي هنن گهرڙن (پليٽيليٽس) جي حياتيءَ جو عرصو مختصر ٿئي ٿو. هڪ گهرڙو 8 کان 11 ڏينهن رت جي گردش (دوري) ۾ شامل هجڻ کانپوءِ پاڻهي اچي تريءَ ۾ جمع ٿيندو آهي ۽ اُتي ئي ختم ٿي ويندو آهي. هن کي تريءَ ڳهي پورو ڪري ڇڏيندي آهي. جيترا پيليٽيليٽس ختم ٿيندا آهن، اوترا وري هڏن جي مِکُ ۾ ٺهندا رهندا آهن.
صحتمند ماڻهوءَ جي رت جي هڪ ڪيوبڪ ملي ميٽر ۾ رت جي ڳاڙهن جزن جي شرح: 250،000 کان 500،000 سراسري 350،000 آهي، پر هر وقت رت ۾ 300،000 گهرڙا گردش ڪن ٿا، باقي ٻيا تريءَ ۾ جمع هوندا آهن.
رت جا قسم/ نمونا (Blood Groups): رت جا هيٺيان مختلف نمونا ٿين ٿيا:
نمونو دنيا ۾ سراسري پيداوار
AB 3 سيڪڙو
A 42.0 سيڪڙو
B 8.5 سيڪڙو
O 46.5 سيڪڙو
(هر گروپ پازيٽوِ (+) به ٿئي ته (-) به).
رت جا اهي نمونا جيڪي ضرورت وقت هڪٻئي کي رت ڏئي سگهجن ٿا:
AB = AB
A = A ۽ AB
B = B ۽ AB
O = هي رت جو نمونو هر هڪ قسم/ نموني کي رت ڏئي سگهي ٿو.
رت جا اهي نمونا، جيڪي ٻئي رت جي نموني کان رت وٺي سگهن ٿا:
AB: هن رت جي نموني کي هر هڪ نموني جو رت لڳي سگهي ٿو. هي عالمي رت حاصل ڪندڙ رت جو نمونو آهي.
A = A ۽ O
B = B ۽ O
O = O
جيئن ته هر گروپ پازيٽوِ (+) به ٿئي ته (-) به ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح پازيٽوِ گروپ وارو پازيٽوِ گروپ کي ضرورت وقت رت دان ڪري سگهي ٿو.
جيڪڏهن رت جو نمونو ڏيڻ ۽ حاصل ڪرڻ کان اڳ چڱيءَ طرح ليبارٽري چڪاس نه ڪرائي وئي يا ڪنهن ٻئي ۽ مخالف نموني جو رت مريض کي ڏنو ويو ته سندس زندگي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. گڏوگڏ رت وٺڻ يا ڪنهن کي دان ڪرڻ کان اڳ مختلف بيمارين جون ليبارٽري ٽيسٽون پڻ ضروري قرار ڏنل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو