رَسُ2

رَسُ2: ’رس‘ سنسڪرت ۽ سنڌي زبان جو هڪ جامع لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’حد کان وڌيڪ لطف، لذت، خوشي يا مسرت‘. اصطلاحي معنيٰ موجب ’رس‘، جماليات (Aesthetics) جي دائري ۾ هڪ خاص فلسفي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو واسطو خاص ڪري شاعريءَ ۽ ناٽڪ جي اثرن ۽ علامتن سان آهي. ‘A History of Sanskrit Literature’ جي مصنف ڪيٿ (Keith) ’رس‘ کي قلبي واردارت ۾ ڪيفيتن جي نظريي سان تعبير ڪيو آهي. پنڊت حبيب الرحمان ’رس‘ کي ’فلسفه انبساط‘ (مسرت جو فلسفو) قرار ڏنو آهي. هن ان حوالي سان مڪمل ڪتاب پڻ لکيو آهي.
ناٽڪ ۽ شاعريءَ ۾ محرڪات، اثرن ۽ منظرن جي تبديلي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ غير محدود لذت، وجداني لطافت ۽ پاڪيزه روشني پيدا ٿيڻ واري جذبي کي ’رس‘ چئجي ٿو.
سنسڪرت ۽ هندي شاعريءَ ۾ اهڙا نو (9) ’رس‘ ڄاڻايا ويا آهن:
(1) عشق، (2) کِل (هنسي)، (3) رحم، (4) غضب، (5) بـهـادري، (6) دهشت، (7) نفرت، (8) حيرت، ۽ (9) سڪون؛ جن کي سنسڪرت ۾ (1) شرنگار رس، (2) هاس رس، (3) ڪرڻ رس، (4) رودر رس، (5) وير رس، (6) ڀيانڪ رس، (7) ويٿبس رس، (8) آوڀت رس، ۽ (9) شانت رس. سڏيو ويو آهي. مطلب ته نون (9) مستقل جذبن جي ڪري رس جا به نـــوَ (9) قسم بنيا.
پنڊت وشوناٿ ’ساهتيه درپن‘ ۾ لکيو آهي ته ”تجربو ٻڌائي ٿو ته هر هڪ ’رس‘ جو اصلي جوهر ’تحير‘ آهي، ۽ انهيءَ ڪري هر جاءِ ’حيرت‘ جو ئي ’رس‘ هجڻ گهرجي.“
ويدن موجب ’قولن‘ يعني ’شرتين‘ ۾ پرماتما (خدا) کي رس چيو ويو آهي (تيتريه اپنشد). عقلي دليلن موجب به اهو نظريو درست آهي، ڇو ته ’رس‘ ۾ انتهائي آنند موجود آهي ۽ خدا/ ڀڳوان جي ذات ۾ پڻ، ان ڪري شرتيءَ ۾ خدا کي ’رس‘ چوڻ بلڪل درست آهي.
شاعريءَ جي فن جي اوائلي ڪتابن: ’ڪاويه پرڪاش‘، ’رس گنگاڌر‘ ۽ ’ساهتيه درپن‘ مان به ان نظريي جي تائيد ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته انهن مڙني ۾ ’رس‘ ۾ انتهائي مسرت جو هئڻ مڃيو ويو آهي.
سنسڪرت جي جمالياتي فڪر جي دائري ۾ شاعريءَ جي فن هيٺ ’رس‘ جي علمي نظريي جي تشريح ٿيل آهي. انهيءَ ساڳيءَ معنيٰ ۾ سنڌيءَ ۾ ’رس‘ جو پڻ لفظ استعمال ٿئي ٿو، ڇو ته ’رس‘ جو پيدا ٿيڻ ’رس‘ جي لذت جو پيدا ٿيڻ آهي. مثال طور: ’رس پيدا ٿيو‘ يا ’رس لڳو‘ يا سنڌيءَ جا اصطلاح: ’راڳ رس‘، ’رس ۽ چس‘ ۽ ’رس رهاڻ‘ به ساڳيءَ معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا.
انسان جي نون (9) مستقل جذبن جي بنياد تي رس جا جيڪي نو (9) قسم تجويز ڪيا ويا، جن مان هڪ ’شرنگار رس‘ آهي، جنهن جي مناسبت سان هندي زبان جي نئين حُسن ۽ عشق واري شاعريءَ تي ’شرنگار رس‘ جو اصطلاحي نالو پيو، جنهن جو مطلب عشق محبت واري شاعري آهي، جنهن ۾ عورت جي سورهن سينگارن جو ذڪر هوندو آهي. هنديءَ ۾ ان جو وڏو شاعر بهاري لال کي مڃيو وڃي ٿو.
اهو ساڳيو اصطلاح سنڌي شاعريءَ ۾ سينگار طور استعمال ٿيو آهي.
سينگار رس جي شاعرن، عورت جا ’سورهن سينگار‘ بيان ڪيا آهن، جيڪي ’سورهن سينگار‘، سنڌي شاعريءَ ۾ سگهڙن ۽ شاعرن، محبوب جي ظاهري سينگار بابت پڻ بيان ڪيا آهن.
(تفصيل لاءِ ڏسندا: سينگار بيت، جلد ستون)


هن صفحي کي شيئر ڪريو