
رَنيڪوٽ

رَنيڪوٽ

رَنيڪوٽ

رَنيڪوٽ
رَنيڪوٽ: رنيڪوٽ، سنڌ جو شاهڪار تاريخي ڪوٽ 27 55 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 26 15 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي سن شھر کان 18 ميل اولھہ طرف، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي ڄامشوري جي جابلو سلسلي کيرٿر ۾ واقع دنيا جو هڪ وڏو ڪوٽ آهي. سنڌ جي هن قديم ڪوٽ لاءِ ڪيترا طلسماتي، پُراسرار ۽ رومانويت سان لبريز داستان موجود آهن. ڪوٽ جي عُمر ۽ پکيڙ کان وٺي اڏاوت تائين ڪيتريون روايتون ملن ٿيون. ايراضيءَ جي لحاظ کان جيترو وڏو هي ڪوٽ آهي، اوترو ئي ان جي ساخت ۽ قدامت لاءِ محققن جا رايا مختلف آهن. ويجهي دور جي محققن جي راءِ آهي تہ رنيڪوٽ ٽالپرن جي دؤر ۾ ٺھي راس ٿيو. ڪي هن جي تعمير کي عربن، ساسانين ۽ يوناني باخترين جي دورن تائين کڻي وڃن ٿا، ڪن محققن جو اهو خيال آهي تہ رنيڪوٽ حضرت عيسيٰ کان بہ ٻہ هزار سال پراڻو آهي. ڪجهہ ليکڪن رنيڪوٽ کي چين جي ديوار سان وڃي ملايو آهي ۽ لکيو آهي تہ ڪوٽ ڀرسان لنگهندڙ رستي ذريعي ڪوٽ وارن جا ناتا چين ولايت کان وٺي روم ۽ يونان سان هئا.
رنيڪـوٽ ســنڌ جـي لَـڪـي جـبل واريـن قـطارن تي اَڏيل آهي. سنڌو درياھہ جي اولھہ ۾ اُتر کان ڏکڻ طرف هڪ جابلو سلسلو کيرٿر جبلن جو آهي، هن جابلو سلسلي جي ڊيگهہ اٽڪل 150 ڪلوميٽر کن آهي. سَن شھر واري جابلو سلسلي کي ’لڪيءَ‘ سلسلي جو نالو ڏنو ويو آهي، لڪيءَ جبل جون وري ٽي قطارون آهن، جيڪي ڀڳي ٽوڙهي تائين اچن ٿيون. لڪي جبل جي پهرين اوڀر واري قطار کي ’لنڊي‘ سڏجي ٿو. وچين قطار کي ’ڏاڦڙو‘ ۽ اولهائين قطار کي ’ڪارو‘ ڪوٺجي ٿو. رنيڪوٽ، لڪي جبل جي ٽنهي قطارن تي نروار بيٺل آهي ۽ لَڪي جبل جي ٽنهي قطارن جون ماٿريون ۽ ڍوريون هِن ڪوٽ اندر اچي وڃن ٿيون. رنيڪوٽ جي وچ مان هڪڙي جابلو نئن وهي ٿي، جنهن کي ’نئن رني‘ سڏيو ويندو آهي، جنهنڪري ئي ڪوٽ جو نالو ’رنيڪوٽ‘ مشھور ٿيو. ٻوليءَ جا ماهر رنيءَ جي معنيٰ پاڻيءَ جو قدرتي وهڪرو ڪڍن ٿا، جڏهن تہ ٻين لفظن مان بہ رنيءَ جي معنيٰ نڪري ٿي، جھڙوڪ: ’روڻي يا روڻاءِ‘ جنهن جو مطلب آهي پاڻيءَ جو عارضيءَ مقدار، ننڍو وهڪرو ۽ ’راڻ‘ يا ’ران‘ لفظ بہ پاڻيءَ جي وڏي وهڪري کي ظاهر ڪن ٿا ۽ رنيءَ جي معنيٰ پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو ظاهر ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت رنيڪوٽ جي معنيٰ ’جابلو نئن وارو قلعو‘ ٿئي ٿي. ڪن محققن جو اهو بہ رايو آهي تہ نيرن ڪوٽ حيدرآباد نہ آهي، پر ’نئن رنيڪوٽ‘ آهي. رنيڪوٽ جو گهيرو 24 ميل آهي، جنهن ۾ انساني هٿن جي ٺهيل پٿريلي ديوار 5 ميلن تائين ٺهيل آهي، باقي سمورو حصو قدرتي طور جبل سان والارجي ٿو. اُن دؤر جي ماهرن ۽ قلعي کي ٺاهيندڙ ڪاريگرن جتي ضرورت محسوس ڪئي، اُتي هٿرادو ديوار کنيائون، باقي حصي کي قدرتي طور اڀڪپرين ٽڪرين ۽ جبلن جي آڌار ڇڏي ڏنائون. قدرتي طور آڏا آيل جبل يا ٽڪريون ايڏيون تہ اُڀيون، مٿي ۽ لسيون آهن، جو انهن کي ڪو بہ سولائيءَ سان پار ڪري نٿو سگهي. اُهي اُڀڪپريون ٽڪريون يا جبل اٽڪل ٻہ هزار فوٽن تائين بُلند آهن. رنيڪوٽ جون ديوارون هيڊي رنگ جي چورس ريتلي پٿر ۽ سخت چُن جي پٿر جون ٺهيل آهن. اُهو پٿر ساڳئي جبل مان حاصل ڪيو ويو آهي. ڪوٽ جون ديوارون بيهارڻ ۾ جيڪو گارو يا گچ استعمال ڪيو ويو آهي، اُن ۾ چُن، چيرولي ۽ چيڪي مٽي شامل آهن. رنيڪوٽ ۾ موجود ديوارن ۾ ڪٿي ڪٿي استعمال ڪيل گارو موجودہ سيمينٽ جهڙو آهي. رنيڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مُکيه چار دروازا آهن، جن ۾ هڪڙو اوڀر پاسي وارو مُکيه دروازو ’سن دروازو‘ سڏجي ٿو ۽ ٻيو اولھہ پاسي وارو ’موهن دروازو‘ سڏجي ٿو. ڏکڻ ۾ محرابي دروازي وارو (Arcade) شاھہ پير يا شاھہ پر دروازو ۽ اتر ۾ ٻڌيه موري محرابي گذرگاھہ (Arcade) وارو آمري دروازو.
سن دروازو: اڄڪلھہ قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سَن دروازو ڪتب اچي ٿو. سَن دروازي تي اهو نالو ان ڪري پيو آهي، جو ’نئن رني‘ کي ’نئن سن‘ ۽ ’موهن نئن‘ بہ چوندا آهن. اوڀر واري دروازي کان ٻاهر ’رني نئن‘ کي ’نئن سن‘ چون ٿا. هن نئن تي هڪڙي پُل بہ ٻَڌي وئي هئي. سن نئن دروازي جي ساڄي ڪنڌيءَ تي هڪڙو 34 فوٽ بُلند گول بُرج بہ ٺهيل آهي، جنهن ۾ چار مارا آهن. برج حقيقت ۾ دروازي جي چوڪيداريءَ لاءِ ٺاهيو ويو هو، جتي آتشڪدي جي موجودگي هن جو دور زردتشي يا ساساني دور ثابت ڪري ٿي. برج جي ڏکڻ طرف کان 125 فوٽ ڊگهي ديوار مينهن جي سڱ وانگي وروڪڙ ٺاهي ٿي ۽ اتي ئي ڪوٽ جو مکيہ دروازو سن دروازو آهي، جنگي چال جي لحاظ کان اڻ سونهين ماڻهوءَ لاءِ هي در دوکي مثل آهي. سن دروازي ۾ ڪاٺ جي درن جا اهڃاڻ بہ ملن ٿا.
موهن دروازو: ’نئن رني‘ جتان ڪوٽ ۾ داخل ٿئي ٿي، ان اولھہ واري دروازي ۽ ان جي اڳئين حصي کي ’موهن نئن‘ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ نئن جڏهن ڪوٽ اندر داخل ٿي وڃي ٿي تہ ان جو نالو ’رني نئن‘ ٿيو وڃي. موهن دروازي وٽ سن دروازي وانگر وڪڙن تي ڏھہ فوٽ ويڪري ديوار ۾ ڳُجهو لنگهہ ڏٺو ويو آهي. اوڀر واري دروازي سَن وانگر، هِن دروازي ٻاهران بہ نئن مٿان پُل ٻَڌي وئي هئي. هن دروازي وٽ نئن جو پيٽ سوڙهو آهي، جيڪو اٽڪل 80 فوٽ ٿيندو ۽ مٿان ٻڌل پُل کي ڪو بہ ٺلھہ وغيرہ نہ آهي. هيءَ پُل صرف ٻن مضبوط ٿلهن، ڳاڙهن پٿرن جي چوکٺن تي بيٺل آهي. موهن در وٽ بہ باقاعدي سَن دروازي وانگر ور وڪڙن تي ڏھہ فوٽ ويڪري ديوار ۾ لنگهہ ڏنو ويو آهي. هي در ڪوٽ اندر ايندڙ نئن جي کاٻي ڪنڌيءَ تي وچولو در آهي. ديوار جي وچ ۾ پنڌ اچڻ وڃڻ جيترو رستو ڇڏيو ويو آهي. اُتر پاسي ديوار تي 52 فوٽن جو بُرج آهي، جڏهن تہ ٿورو اڳتي وري هڪ ٻيو برج چئن مارن وارو بيٺل آهي جنهن کانپوءِ هڪڙو 26 فوٽن جو مورچو ٺهيل آهي. هي مورچو گول آهي. آخر ۾ اها ديوار هڪ وڏي بُرج وٽ ختم ٿئي ٿي. رنيڪوٽ ۾ جيڪي بہ گول طرز جا مورچا يا برج جوڙيا ويا آهن، تن ۾ هي بُرج يا مورچو سڀ کان ويڪرو ۽ سھڻو آهي ۽ اهو پڻ ڄڻ ننڍڙو ڪوٽ لڳي ٿو. جي. ايم. سيد جي تحقيق موجب هنن سمورن برجن جا نالا رکيل آهن، جھڙوڪ: ڪان پير، شاھہ پر وغيرہ.
آمري دروازو (ٻڌيه موري): محققن ’ٻَڌيه موريءَ‘ کي ’آمري دروازي‘ جو نالو ڏنو آهي، ڪرنل رشيد کان سواءِ ٻن محققن پڻ ’ٻڌيه موريءَ‘ کي آمري دروازو چيو آهي. هيءَ موري، ڪاري جبل ۽ لُنڊي جي ڪُنڊ تي ڪوٽ جي اُتر اوڀر ڪُنڊ ٺاهي ٿي. موري ڪوٽ کان ٻاهر ويندڙ ’تومنگ ڍوري‘ تي ٻڌل آهي. هيءَ ڍوري ڏھہ ميل سفر ڪري نئن سَن ۾ پوي ٿي. ٻڌيه موريءَ کان ڪوٽ جي اوڀر پاسي واري قدرتي ديوار، ڏکڻ طرف سَن دروازي ڏانهن هَلڻ شروع ڪري ٿي. هي پاسو لُنڊي جبل جي چوڪيداريءَ ۾ ڏنو ويو آهي. اُن سان گڏ اولھہ طرف کان ڪاري جبل جي قدرتي ديوار بہ ڪوٽ وانگر هلي ٿي. هتي ڪنهن بہ ديوار کي ان لاءِ نہ جوڙيو ويو آهي، جو لُنڊي واري قدرتي ديوار اهڙي آهي جتان ڪنهن جو بہ لنگهہ ناممڪن آهي. ٻڌيه موريءَ کان 20475 فوٽن تي هٿرادو ديوار جوڙي وئي آهي، ڇو جو اُتان ڪوٽ جي ٻاهران ڪافي وسيع پوٺا شروع ٿي وڃن ٿا. هن کي ٻڌيه موري، مهاتما ٻڌ جي حوالي سان سڏيو وڃي ٿو، ڇو تہ آمري کان سر اتر اوڀر نوابشاھہ (هاڻي نوشهري ضلعي) جو ٻوڌي علائقو شروع ٿئي ٿو، جنهن جا مثال سن ساوڙي ٻڌڪ شاخ وغيرہ آهن.
شاھہ پير يا شاھہ پر دروازو: ڏکڻ واري ديوار برج 16 کان گوني ڪنڊ ٺاهي هيٺ ٽوري ڍوري ۾ لھي ٿي. ٽوري ڍورو رنيڪوٽ جي ڏکڻ ۾ جنهن جاءِ تان رنيڪوٽ ۾ داخل ٿئي ٿو. انهيءَ جاءِ تي ڍوريءَ جي ٻنهي ڪنڌين تي چوڪور برج آهن. رنيڪوٽ جي ديوار هنن چوڪور برجن تان ’نانگ وڪڙ‘ کائي لهندي چڙهندي شاھہ پير دروازي تائين پهچي ٿي. شاھہ پير هڪ سِم تي قائم آهي. برسات جو پاڻي اتر يا ڏکڻ طرف ڇڄي وڃي ٿو، سِم هجڻ باوجود هي حصو ڏاکڻي قلعي بندي ۾ سڀ کان هيٺانهون آهي. هي ڪو وڏو دروازو ڪونهي، پر ايترو آهي، جو ڪو گهوڙيسوار هتان لنگهي سگهي ٿو. هي لنگهه محراب دار هو، جنهن ۾ باقاعدي ڪاٺ جو درواو پيل هوندو. جي. ايم. سيد جو چوڻ آهي تہ هي ’شاهپر‘ دروازو آهي، جنهن جي فارسيءَ ۾ معنيٰ ’وسيع ميدان‘ ٿيندي، ڇو تہ هن دروازي کان ڏکڻ طرف سڌو ميدان آهي.
پکيڙ: تازي سروي موجب رنيڪوٽ جو گهيرو 108174 فوٽ يعني 20 ميل 25736 فوٽ ماپيو ويو، انهن سوا ويهن ميلن جي گهيري ۾ 26537.6 يعني 5 ميل 137.6 فوٽ هٿرادو پٿرن جي ديوار جوڙي وئي. باقي ڪوٽ جي بنا ديوار وارو حصو 81636.6 فوٽ يعني 15 ميل 2436 فوٽ آهي. ان لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو تہ ڪوٽ جي هڪ حصي کي هٿرادو ديوار، باقي ٽي حصا قدرتي ديوارن جا آهن. رنيڪوٽ ۾ اندر ٻيا بہ ڪجهہ ڪوٽ ٺهيل آهن، جن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
ميري ڪوٽ: ميري ڪوٽ، رنيڪوٽ جي مرڪز ۾ قائم آهي. ’ميري‘ لفظ ’مير‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ’جبل جي چوٽي‘ آهي. ميري ڪوٽ هڪڙي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي، انهي ٽڪريءَ تي ٽن طرفن کان چڙهڻ بنھہ ڏکيو آهي، جنهنڪري فوجي ۽ جنگي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان ميري ڪوٽ تائين رسڻ ڏکيو آهي. ميري ڪوٽ جي چوڌاري ڏنل ديوار جي ڊيگهہ 1434 فُوٽ آهي، هن ننڍڙي ڪوٽ کي پنج برج آهن، مکيہ دروازي جي ٻاهران هڪ وڏو بُرج آهي. هي برج ائين لڳي ٿو تہ ڄڻ اڳ ۾ مستطيل منارو هو، جنهن کي پوءِ بدلايو ويو. ميري ڪوٽ ڏسڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو تہ هي مُک ڪوٽ جي ڀيٽ ۾ پوءِ جي دؤر ۾ ٺاهيو ويو ۽ ٺاهڻ مھل منجهس تبديلي آندي وئي. ميري ڪوٽ جون ڀتيون هيٺان 11 فوٽ ۽ مٿان 8 فوٽ موڪريون آهن، جنهن تي صرف ٻاهرين طرف کان ڪنگرا آهن. اندرين طرف ڀتين کي پلويڙا ڏنل آهن. در وٽ بيٺل برج ڪنهن بہ جنگي سبب نہ پر ڏيکاءُ لاءِ رکيا ويا آهن. ميري ڪوٽ ۽ رنيڪوٽ ۾ ڪافي شيون هڪجهڙيون آهن. انهن ڪوٽن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ور وڪڙ وارا دروازا آهن. ساڳيءَ طرح اهي ٻئي ڪوٽ اُڀين ٽڪرين تي جُڙيل آهن، جن تي ٽن پاسن کان چڙهڻ ڏکيو آهي. صرف دروازي وارو پاسو ئي سولو آهي. ديوارن ۾ ساڳيو پٿر استعمال ٿيل آهي. مارن ۽ نالين جي ڊزائن پڻ ساڳئي آهي. ميري ڪوٽ حقيقت ۾ ڪنهن امير يا سپھہ سالار جي رهڻ جي جاءِ طور ٺاهيل ٿو ڏسجي، پر هن ۾ رهائشي سهوليتن سان گڏوگڏ انتظامي ۽ دفاعي سهوليتون بہ موجود آهن. ميري ڪوٽ ۾ لانڍين جيان ڪي ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن جون ڇتيون ڊٺل آهن. شايد طوفان ۽ هوا سبب اُهي اُڏامي چڪيون آهن. ميري ڪوٽ ۾ در کان ٿوري مفاصلي تي اندر هڪ وڏو کوھہ آهي. موجودہ وقت ۾ مرمت سبب ان جي اصليت کي ڪافي نقصان پهتو آهي، ڇو تہ ان جي مرمت سيمينٽ سان ڪئي وئي آهي.
شيرڳڙھہ: شيرڳڙھہ، رنيڪوٽ جي اُتر اولھہ واري ڊگهي جابلو قدرتي ديوار تي ٺاهيل آهي. شيرڳڙھہ تي چڙهڻ لاءِ صرف اولھہ کان رستو آهي، جيڪو ڪافي اڙانگو آهي. شيرڳڙھہ سمنڊ جي سطح کان 1480 فوٽ بلند آهي. شيرڳڙھہ، رنيڪوٽ سڀ کان بلند مقام آهي. انهي ڪوٽ جي اڏاوت ۾ اڇي رنگ جو پٿر استعمال ٿيل آهي. شيرڳڙھہ مستطيل شڪل ۾ ٺهيل آهي.
شيرڳڙھہ جي چوٽ تائين پهچڻ لاءِ ساڳئي نموني سن دروازي ۽ ميري ڪوٽ وانگر ور وڪڙ پار ڪرڻا پون ٿا، اهي وڪڙ ويڪر ۾ 12 فوٽ آهن. دروازي جي حفاظت لاءِ ٻہ برج آهن. جن جي زمين کان اوچائي 35 فوٽ آهي. اهي برج هيٺان ويڪرا ۽ مٿي سوڙها ٿي وڃن ٿا. شيرڳڙھہ ۾ ڪا بہ عمارت يا ڪوٺي وغيرہ ڪانهي. رڳو وچ تي پاڻيءَ لاءِ هڪڙو حوض ٺهيل آهي. اندر مصحالي ٺاهڻ لاءِ ڪجهہ بٺيون ۽ ڪجهہ پٿر رکيل آهن. حوض کي ڀرڻ لاءِ ڪو بہ پاڻيءَ جو ذريعو وغيرہ نظر نہ ٿو اچي. شيرڳڙھہ جي مُڪمل ديوار 1255 فوٽ آهي ۽ هي ڪوٽ ميري ڪوٽ کان ڪجهہ ننڍو آهي. شيرڳڙھہ ۾ پنج برج آهن. برجن ۽ ديوارن ۾ نيسارن وانگي مارا ٺهيل آهن، جن جي ٻاهرين ڊيگهہ 6 فوٽ آهي.
رنيڪوٽ ۾ گهڻين جاين تي اوائلي وستيون ۽ ڪيتريون ويران ۽ اڻپوريون اڏاوتون ملن ٿيون. اهڙي هڪڙي وسنديءَ جا آثار ’شاھہ پير‘ دروازي وٽ آهن. مقامي ماڻهن جو خيال آهي تہ اهي اڏاوتون، قلعي کي جوڙيندڙ (ٺاهيندڙ) پورهيتن ۽ مزدورن جون آهن. اُهي اڏاوتون ائين آهن جيئن بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ خانہ بدوش ماڻهو پٿرن جا گهر ٺاهي ويهندا آهن، جن جون ڇتيون ڪکائيون هونديون آهن. انهن آثارن ڀرسان، مٿانهين ٽڪريءَ تي ڪجهہ وڏن ۽ ڪشادن گهرن جا آثار ملن ٿا. انهن گهرن مان هڪڙو گهر تہ ڪافي وڏو ۽ گهڻن ڪمرن وارو آهي. انهيءَ وسنديءَ ڀرسان هڪڙو رستو گذري ٿو، جيڪو سن دورازي کان اچي ٿو. هڪ ٻي وسنديءَ جا آثار ميري ڪوٽ کان شيرڳڙھہ ويندي، ٿوري پنڌ تي هڪڙي پوٺي تي ملن ٿا. انهي وستيءَ ۾ هڪ ڪشادي ٽڪريءَ کي پٿرن جو لوڙهو ڏئي، مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. اُن کانسواءِ واڳونءَ جي تربت کان ڪجهہ فرلانگ اُتر طرف، هڪ ڪمري يا هال جون ڀڳل ڀتيون بہ موجود آهن.
رنيڪوٽ ۾ هڪڙي 11746 فوٽ ڊگهي نامڪمل ديوار بہ موجود آهي، جيڪا اصحابين جي قبرن وٽ لُنڊي جبل جي ويجهو ختم ٿئي ٿي. اها ديوار اصل ديوار کان ٻہ ميل اندر طرف کڄيل آهي. لڳي ائين ٿو تہ اها ديوار ٻي دفاعي ديوار طور کنئي وئي هئي، جيڪا پوءِ اڌ ۾ ڇڏي وئي آهي. يا وري ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ ميري ڪوٽ ۽ شير ڳڙھہ وانگي ڪنهن ٻئي قلعي جي منصوبي طور کنئي وئي هُجي. رنيڪوٽ ۾ ٽي قبرستان آهن، جن مان سڀ کان وڏو قبرستان ڳوٺ جي ڀرسان آهي. هن قبرستان ۾ ٽي چار سئو کن قبرون آهن، جن مان ڪافي قبرون رڳو پٿرن جا ڍير آهن. انهن قبرن مان ڪن قبرن جي پٿرن مٿان پلستر ٿيل آهي تہ ڪجهہ وري چوکنڊي طرز جون ٺهيل آهن، جن مان ڪن تي سورج مکيءَ جو گل اُڪريل آهي. هڪ قبر تي ٻن مورن جي وچ ۾ گل رکيل آهي، هڪ قبر ڳاڙهي پٿر جي آهي، ان تي خوبصورت ڳئون اُڪريل آهي. رنيڪوٽ ۾ ٻيو قبرستان اصحابين يا عربن جي نالي سان مشھور آهي، جتي بہ ڪجهہ قبرون آهن. هڪڙو قبرستان وري سن دروازي کان هڪ ميل اوڀر طرف سَن نئن جي ساڄي ڪناري تي سَن ويندڙ رستي تي آهي. مقامي ماڻهو اُن قبرستان کي ’رومين جو قبرستان‘ ڪوٺين ٿا. هن وقت ان قبرستان ۾ صرف ٽي قبرون موجود آهن. ڪنهن زماني ۾ ان قبرستان ۾ پندرهن سورهن قبرون موجود هيون.
رنيڪوٽ جي سن دروازي وٽ هڪ ڊٺل پُل جا آثار بہ ملن ٿا. هيءَ پل لنڊي جبل تي ٻن برجن جي وچ ۾ ٺهيل آهي. پل اهڙي نموني ٺهيل آهي، جو نئن ۾ ڪيترو بہ پاڻيءَ جو ريلو (وهڪرو) اچي، قلعي جي ڀتين ۽ برجن کي ڪو نقصان رسائي نٿو سگهي. هيءَ پل اهڙو ڏيک ڏئي ٿي، جو لڳي ٿو تہ ان پل کان ڊيم جو ڪم ورتو ويندو هو. قلعي جي ٻاهران هڪڙي اونهي کاهي آهي، جتان مٿي ٽڪريءَ تي چڙهڻ يا قلعي ۾ داخل ٿيڻ ناممڪن آهي. تنهنڪري اتان لنڊي جبل تي هٿرادو ديوار ٺاهڻ جي ڪا بہ ضرورت محسوس نٿي ٿئي. تنهنڪري لُنڊي جبل وارو سمورو حصو قلعي لاءِ قدرتي ديوار بڻيل آهي.
ٽڪريءَ جي ساڄي طرف جيڪا گهري کاهي آهي، ان کي ’ٽوري ڍوري‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. مسجد کان 800 فوٽن تي هڪڙو مورچو اڏيل آهي، جيڪو سموري قلعي ۾ هر طرف کان نروار نظر اچي ٿو ۽ هن مورچي جي بيهڪ اهڙي آهي، جو اُتان سموري قلعي جي نظر داري ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ مورچي کانپوءِ جابلو چوٽين جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو ۽ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي وڏا ڦاٽ آهن، جن کي اورانگهڻ بنھہ ڏکيو آهي.
ڏکڻ پاسي واري ديوار، لُنڊي جبل جي چيلھہ کان وري ڏکڻ طرف شروع ٿئي ٿي، جنهن هنڌان هن ديوار جي شروعات ٿئي ٿي. ان جي سامهون هڪڙو وسيع پوٺو آهي، جتان ڪوٽ ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو، تنهنڪري حفاظت ۽ دفاع لاءِ هتان کان هٿرادو ديوار ٺاهي وئي آهي. هيءَ ديوار اٽڪل 12 فوٽ اوچي آهي. هيءَ ديوار 300 فوٽ اڳتي هلي وروڪڙ کائي ٿي ۽ ديوار جو اهو وڪڙ هڪڙي سُٺي مورچي جو ڪم بہ ڏئي ٿو. انهيءَ مورچي کانپوءِ ديوار هيٺ لھڻ شروع ڪري ٿي. اڳيان وري هڪ ٻي لاهي اچي ٿي، جتان کانپوءِ ديوار 13فوٽ ويڪري آهي، جيڪا 2700 فوٽن تائين هلي هڪڙي ڍوريءَ تائين پهچي ٿي، جتي ڍوريءَ مٿان هڪڙي پُل اڏيل آهي. هن پُل کي ڏکڻ واري پُل سڏجي ٿو. پُل کانپوءِ ديوار پنهنجو سفر جاري رکي ٿي. رنيڪوٽ جي ديوار جنهن اوچي چوٽيءَ تي اچي دنگ ڪري ٿي، ان چوٽيءَ کي ’هنج چوٽي‘ چيو وڃي ٿو. هنج چوٽي هڪ وڏي سفيد پٿر جي شڪل ۾ آهي. هيءَ چوٽي اٽڪل ٻہ هزار فوٽ اوچي آهي. هنج چوٽيءَ تان اولھہ پاسي سئو فوٽ ڍرڪڻن پٿرن تان لھڻ کانپوءِ سنئون پٽ اچي ٿو ۽ هڪ ٽڪريءَ تان اولھہ پاسي ديوار لھڻ شروع ڪري ٿي، ديوار ۾ 88 فوٽن تي پاڻيءَ جي گذر لاءِ هڪڙو لنگهہ ٺهيل آهي، انهيءَ لنگهہ جي اولھہ واري ديوار 512 فوٽن تي مٿي هڪڙو گول برج ٺاهي، وڪڙ کائي ڏکڻ اولھہ ڪُنڊ ٺاهي ٿي.
ڪاري جبل جو هڪڙو ٽونڪ اهڙي نموني ٺهيل آهي، جو ان جي وچ ۾ هڪڙي باقاعدي سُرنگهہ آهي. سُرنگهہ ۾ ڏکڻ پاسي کان ڪو بہ ماڻهو اندر داخل ٿي سگهي ٿو ۽ اندر وري سرنگهہ پنجاھہ فوٽ کن کُلي پوي ٿي. انهيءَ سرنگهہ ۾ ويهي ڪو بہ ماڻهو چؤڦير نظر گهمائي سگهي ٿو ۽ انهي قدرتي مورچي کي ٿوري ردوبدل سان ڪارگر بڻائي سگهجي ٿو.
اولھہ واري ديوار: هي قدرتي مورچي کان 3825 فوٽن تي خالي ڇڏي وئي آهي، ڇو تہ ڪاري جبل ۾ اهڙا بہ ڦاٽ آهن، جن تان ڪنهن بہ لشڪر جي صورت ۾ گذرڻ ڏکيو آهي. ان ڪري اُها هڪ قدرتي رُڪاوٽ طور ڪتب اچي ٿي. ٿوري هيٺائينءَ تي اولھہ طرف ٻہ برج ديوار سان گڏ جڙيل آهن. اهي بُرج ۽ ديوار ڪاري جبل تي چڙهڻ لاءِ رُڪاوٽ طور ٺاهيل آهن. موهن در کان ڏيڍ هزار فوٽن جي مفاصلي تي هڪ اُڀڪپريءَ تي ٺهيل هڪ مستطيل ڪوٽ آهي، جنهن کي ’موهن ڪوٽ‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي ٽن پاسن کان کاهيون آهن. هي ڪوٽ بنا ڇت جي آهي، جنهن ۾ نون توبن يا ڳرن پٿرن اڇلائڻ لاءِ مارا ٺهيل آهن. موهن ڪوٽ تائين رسڻ لاءِ موهن در کان ڏاڪڻ بہ آهي تہ وري ڪاري جبل وارو پوٺو بہ ڪارگر آهي. موهن ڪوٽ کي چؤياري بہ چيو ويو آهي، هن ڪوٽ ۾ هڪ ئي وقت ويھہ پنجويھہ پهريدار ويهي سگهن ٿا. اهڙي قسم جو هڪ مورچو سن دروازي وٽ بہ آهي.جنهن کي بعد ۾ مسجد جي شڪل ڏني وئي آهي.
جبل ۾ ٺهيل قلعو ڪهڙي دور جو آهي، ان بابت اڃا ڪو فيصلو نہ ٿي سگهيو آهي.