
رَهِنڊون
رَهِنڊون (ڪتاب): هي اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهتيہ سڀا جي اڳواڻ، ناليواري اديب ۽ ڪارٽونسٽ سندر اگناڻيءَ جي ڪارٽونن جو مجموعو آهي. سندر اگناڻيءَ جي ڪارٽونن جا ڪردار جتي اٽل بھاري واجپائي، لعل ڪرشن آڏواڻي، وي. پي. سنگهه، چندر شيکر ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ آهن. اتي ڪيرت ٻاٻاڻي، مالهي، اتم، ڪرشن راهي، ستيش روهڙا، ٽيڪچند مست، هيري ٺڪر جھڙا اديب بہ آهن. هن ڪارٽونن ذريعي سندن ضميرن کي چهنڊڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪارٽـونـن جـو هي مجموعو سندر اگناڻيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي خدمتگار اديبن: ڪيرت، مالهي، اُتم، پوپٽي، لکمي کلاڻي ۽ ٻين کي ارپيو آهي.
56 صفحن ۽ ڊيمي سائيز جو هي ڪارٽونڪ مجموعو، سھڻي پبليڪيشن، جئپور، 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 25 روپيا آهي.