رَڇُ پوکڻ: ڀن وجهڻ يا رڇ وجهڻ عام اصطلاح آهن، پر رڇ پوکڻ خاص اصطلاح آهي. يعني مڇي مارڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ رڇ وجهڻ، پر وڏي سمنڊ ۾ رڇ وجهڻ کي گهاتو رڇ پوکڻ چوندا آهن. ڪراچيءَ جا سامونڊي گهاتو رڇ پوکڻ ۾ ماهر آهن. اندران نڪري ٻاهر وڃي رڇ پوکيندا ۽ رڇ پوکي موٽي کاڏي ۾ ايندا آهن. کاڏي سمنڊ جي تري ۾ قدرتي ڊگهي کوٽيل ڪسي يا کاهي آهي، جيڪا اندران نڪري ٻاهر سمنڊ ۾ وڃڻ لاءِ هوڙن ۽ جهازن جي واٽ جو ڪم ڏئي ٿي. گهاتو سامونڊي اونهائيءَ واري پاڻيءَ تائين وڃي رڇ پوکيندا آهن. هڪ ڏينهن صبح جو رڇ پوکيندا ۽ اٺن پهرن کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي ڪڍندا آهن، چوندا تہ فلاڻا گهاتو ’پوک وڇي آيا.‘