رُمي

رُمي: رميون بدن جي سور جي علاج لاءِ استعمال ٿينديون آهن. ڪلهن جي ڦڻيءَ پٺيان يا چيلھہ ۾ شديد سور پوڻ کي ٻھراڙيءَ ۾ ’وائي‘ سور بہ چوندا آهن. هن جي علاج لاءِ اڪثر ٻھراڙيءَ جا ماڻهو سوڻ ڪرائيندا آهن، جنهن موجب ٻهراڙين ۾ ماڻهو ان سور واريءَ جاءِ تي رُميون هڻائيندا آهن. رميون اصل ۾ مال جي سڱن جا چوٽي وارا حصا يا ٺڪر جون ڪپيون ٿينديون آهن، جن ۾ وٽيل نوڙي کولي، ان جا ڪک وجهي، انهن کي تيلي ڏئي ساڙيندا آهن. جنهن بعد سُور واري جاءِ تي رُمي چنبڙائي ويندي آهي، اتي ڪڻڪ جي اٽي جي ڪچي لولي ٺاهي رکندا آهن. پوءِ اها ٽپڙي، جنهن کي رمي چئبو آهي، سا اونڌي ڪري منهن ڀر اندر ٻرندڙ باھہ سميت ابتي ڪري اٽي مٿان هڻندا آهن تہ اٽي سان سوگهي ٿي ويندي آهي ۽ بنا ٽيڪ جي بيهي رهندي آهي، جو جنهن بت جي ڀاڱي تي چنبڙائي ويندي آهي، ان جو رت مِڙي سِڙي اتي رُميءَ جي سنڌي هيٺان اچي گڏ ٿيندو آهي. رت جي دوري جو داٻ اهڙو ٿيندو آهي، جو جڏهن رُمي لاهبي آهي تہ اها جاءِ رت جي گڏ ٿيڻ ڪري، ڳاڙهي ٿي ويندي آهي. رُمي واري اندرين باھہ جڏهن ختم ٿي ويندي آهي تہ رُمي لاهي ڇڏبي آهي، تہ ٻہ- ٽي ڏينهن انهيءَ بِلي ڪرڻ سان سور لھي ويندو آهي.
ميڊيڪل ڊاڪٽر هن بيماريءَ جو علاج پنھنجي طريقي سان ڪندا آهن، جن جي ڄاڻ ۽ مهارت سبب مريضن کي سٺو فائدو ٿئي ٿو، ان ڪري اڪثر ماڻهو اسپتالن ڏانهن گهڻو رجوع ڪن ٿا. تڏهن بہ ٻھراڙيءَ ۾ رُمين وارو علاج اڃا رائج آهي.
رُمي ٻهراڙين ۾ اڪثر جوڳين وٽ هوندي آهي ۽ اُهي ئي رُمي وسيلي بهتر علاج ڪري سگهندا آهن.
هن وقت طبي سائنس جي ترقيءَ سبب هن مرض لاءِ ڪيتريون موثر دوائون موجود آهن.


لفظ رُميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو