رُونَهارو

رُونَهارو: هيءُ هڪ قسم جو پکي آهي، جنهن جا پرَ هلڪا ڪارا، پيٽ اڇو ۽ بت ڪارانجهڙو ٿيندو آهي، چهنب سنهي بدڪ جهڙي ۽ ڳچي بہ ڏاڍي سھڻي ۽ ڊگهي ٿيندي آهي. هن پکيءَ جي مٿي تي چوٽي ٿئي ٿي. رونهارو پرڏيهي پکي آهي ۽ سدائين ويڳاڻو ۽ وائڙو رهندو آهي. منڇر ۾ اچڻ کانپوءِ هن پکيءَ کي پوئتي جي اون گهڻي هوندي آهي. هن پکيءَ جو گوشت ڪافي لذيذ ٿئي ٿو. هي گاھہ ۽ ڏوڏا کائيندو آهي. سنهڙا ڪوڏ ( کانکڙو) گهڻا کائيندو آهي. هيءَ پکي هر سال سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو