
رُڃ1
رُڃ1: رُڃ، ’سراب‘ کي چئبو آهي، جنهن جو انگريزي نالو mirage آهي. هي هڪ ڪوڙو نماءُ يا ڏيکاءُ آهي، جيڪو خاص ڪري رڻن پٽن ۽ ويڪرن پوٺن ۾ ڏسبو آهي. رُڃ، سج جي ڪرڻن جو عجيب جادو يا نماءُ آهي، جيڪو رڻن پٽن، پوٺن ۽ بيابانن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. پاڻيءَ جي موجودگي نہ هئڻ جي باوجود پري کان محسوس ٿيندو آهي تہ پاڻي لهرون هڻي رهيو آهي. رُڃ جا خاص ڪري ٽي ڏيک ڏسبا آهن: (1) جڏهن سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ تي تِکا پوندا آهن، ان وقت رڻ جي پٽ ۾ پري تائين ڏسبو تہ ائين محسوس ٿيندو، ڄڻ پاڻيءَ جون لهرون پيون اچن. رڻ پٽ ۾ ڪو وڏو وڻ يا ننڍو ٻوٽو هوندو تہ اُن جو پاڇو بہ ڪوڙي پاڻيءَ ۾ پيو نظر ايندو. رُڃ جو ٻيو ڏيک اهو هوندو آهي تہ اُن ۾ هرڪا شيءِ وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پري ڪو رڻ ۾ ڇيڻو يا ٿُٻ هوندو تہ ائين لڳندو تہ ڪا ٽڪري آهي. ڪو ٻوٽو هوندو تہ وڏو وڻ نظر ايندو، ۽ ڪو اٺ پيو لنگهندو تہ اُن جون ڄنگهون ڊگهيون ڊگهيون ڄڻ اُڀ سان پيون لڳنديون. اهي شيون ڪوهين ڏور پيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. رڃ جو ٽيون ڏيک اهو هوندو آهي تہ جڏهن سج جا ڪرڻا آڏا پوندا آهن تہ هر شيءَ ابتي پئي نظر ايندي ۽ ائين پيو لڳندو آهي، ڄڻ سڄي دنيا اُبتي ٿي پئي آهي. رُڃ جو منظر هرڻن لاءِ خاص ڪري وڏو آزاريندڙ هوندو آهي. اُڃايل هرڻ رڻ ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ ڊوڙندي ڊوڙندي اڪثر مري پوندا آهن. هرڻن جي انهيءَ نہ ختم ٿيندڙ اُڃ کي ’مرگهہ ترشنا‘ سڏبو آهي.
هي اصطلاح شاعرن ۽ اديبن تمام گهڻو استعمال ڪيو آهي. نامور اديب ۽ ڪهاڻيڪار سراج ميمڻ جي ناولن جي ٽريالاجيءَ مان هڪ جو نالو ’مرگهہ ترشنا‘ آهي. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي تہ: ”هرڻ وانگيان رُڃ جي ڏيک تي هرکجي نہ وڃ، متان مري نہ پوين“. ڏاهن رُڃ مان سمجهاڻي ڏني آهي تہ: ”هن پرٿويءَ جو ڌن ۽ مايا ميڙڻ ائين آهي، جيئن هرڻ جو رُڃ ۾ پاڻيءَ پٺيان ڊوڙڻ“.
آفريڪا جي بيابانن، خاص ڪري مصر، ڏکڻ آفريڪا ۽ ٻين ملڪن جي وارياسن پٽن ۾، ۽ سنڌ ۾ جوهي، مانجهند، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٻين پاسن طرف رُڃ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڪڇ جي رڻ ۾ رُڃ تہ ڪانہ ٿئي، پر اتي ٻيو اسرار ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جو ’رڻ اٿندو آهي‘، يعني رڻ مان پيو وڃبو تہ پريان ڀانئبو تہ ڪو وڏو جبل بيٺو آهي. ويجهو وڃڻ سان پٽ ئي پٽ نظر ايندو. رڻ ۾ پيل ڪو هڏو بہ پريان ڪنهن قُبي جي صورت ۾ پيو ڏسبو.
’رڃ‘ ڪيترن ماڻهن، مسافرن ۽ جانورن کي هميشہ پئي ٺڳيو آهي. اُهي رڻن مان اُڪرندي اُڃ ۾ اچي پريشان ٿيندا آهن ۽ رُڃ کي پاڻي سمجهي اوڏانهن ڊوڙندا آهن ۽ ٿڪجي ماندا ٿي ڪري پوندا آهن ۽ ڪڏهن مري بہ پوندا آهن.