رُڃ2

رُڃ2

رُڃ2

رُڃ2 (ڪتاب/ناول): هيءُ ناول مشھور ليکڪا ج.ع منگهاڻيءَ جو لکيل آهي. جنهن جو مهاڳ ’منگهاڻيءَ جو فن‘ جي سري سان مشھور شاعر ۽ نقاد تاج بلوچ لکيو آهي. رڃ، ج. ع. منگهاڻيءَ جو پهريون ناول آهي، سندس ٻئي سموري تخليقي عمل جيان جڏهن هن ناول کي پڙهبو تہ ڪو بہ اهو نہ چئي سگهندو تہ اهو ڪو سندس پهريون ناول آهي.
هي ناول سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن تي جنم وٺندڙ هڪ سچي پريم ڪهاڻي آهي، جنهن جا ڪي مکيہ ڪردار اڃا بہ حال حيات آهن، منگهاڻيءَ ڪمال ڪاريگريءَ سان هڪ واقعي کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو آهي.
ڊيمي سائيز جي 456 صفحن تي مشتمل هن ناول جو پهريون ڇاپو، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ مان 2006ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 950 روپيا آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل نامور چترڪار منور ابڙي جو تيار ڪيل آهي، جڏهن تہ ساڳئي ناول جو ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي 747 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 635 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو