رُڪمڻيءَ ۽شري ڪرشن جي هڪ خيالي تصوير
رُڪمڻي: رڪمڻي، دُئارڪا جي شهر ۾ شري ڪرشن جي مها راڻي هئي، شري ڪرشن سان تمام گهري محبت جي ڪهاڻي تمام گهڻو مشهور آهي. هندن جي عقيدي موجب کيس وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. رڪمڻيءَ کي ڪيترين ديوين وانگر شري لڪشميءَ جو اوتار مڃيو وڃي ٿو ۽ کيس لڪشميءَ وانگر قسمت جي ديوي به چيو ويندو آهي. هندن جي مقدس ڪتابن، ڀڳوت پراڻ ۽ مهاڀارت موجب سندس ڪيترن گڻن جي ڪري کيس مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. ڀڳوت پراڻ ۾ رڪمڻيءَ جو ٻيو نالو ’ويدارڀي‘ آهي، جيڪا شري ڪرشن جي ’سروپي شڪتي‘ يعني سندس سموري سگهه هئي، جنهن کي ’مولا پراڪرتي‘ به سڏيو اٿن. کيس ’ڪرشن آتمڪا‘ يعني شري ڪرشن جو روح/ آتما به سڏيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ سرڳ جي ديوي ’وئنڪُٺ‘ ۽ مها ديوي (Godess) ’جگت ڪرتي‘ به چيو وڃي ٿو. رڪمڻيءَ جو هڪ نالو ’رکرڙڻا‘ جنهن جي معنيٰ تمام خوبصورت، حسين چهرو يا ڪنول جو گل آهي. روايت آهي ته، ”دروپدي بيحد حسين، خوبصورت ۽ پاڪدامن عورت هئي، ان کانپوءِ جيڪڏهن ڪا خوبصورت ۽ نيڪ سيرت عورت هئي ته اها رڪمڻي هئي.“
ڪبير، رڪمڻيءَ جي وئنڪٺ (جنت) واري تصور کي ڳايو آهي:
رام پروانو ڀيجيو، وانچ ڪبيرا روءِ،
ڪيا ڪرون تيري وئنڪٺ ڪو، جت ساٿ نه سنگت هوءِ.
رڪمڻيءَ جو شمار شري ڪرشن جي هزارين گوپين/ راڻين مان پهرينءَ ۽ مستقل راڻي طور ٿئي ٿو.
رڪمڻيءَ جو جنم ’ودرڀا‘ رياست جي راجا ’ڀيشمڪا‘ جي گهر ۾ ٿيو هو، جيڪو مگڌ جي بيحد سگهاري راجا جڙاسنڌ جو ڏن ڀرو هو. رڪمڻي شري ڪرشن جي عظمت، شهرت، نيڪيءَ ۽ ڪارنامن جو ٻڌي مٿس موهت ٿي پئي، ۽ ساڻس شاديءَ جي خواهشمند هئي. پيءُ ڀيشمڪا سندس فيصلي تي خوش هو، پر سندس ڀاءُ ’رڪمي‘، شري ڪرشن جو مخالف هو، جنهنڪري سندن شادي ايڏي آسان نه هئي، ڇو ته شري ڪرشن ’رُڪميءَ‘ جي دوست ۽ راڪشس راجا ’ڪماسا‘ جو انت آندو هو. تنهنڪري رُڪمي، شري ڪرشن کان دوست جي موت جو بدلو وٺڻ لاءِ سندس دشمن ٿي پيو ۽ پنهنجي ڀيڻ رُڪمڻيءَ جي شادي پنهنجي ٻئي دوست شِشُو پال سان ڪرائڻ جو خواهشمند هو. رُڪمڻيءَ کي ڀاءُ رُڪمي جي ارادن جي خبر پئجي وئي، ان ڪري هن پنهنجي ويجهي ساهيڙيءَ کي هڪ خط لکي شري ڪرشن ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ ساڻس محبت ۽ پنهنجي مجبوريءَ جو سمورو احوال لکيائين. گڏوگڏ ان خط ۾ کيس ڀڄائڻ ۽ شادي ڪرڻ جي التجا به هئي. هن شري ڪرشن کي پنهنجي ڀڄائڻ لاءِ ان ڪري به لکيو هو، جو هن ٻنهي خاندانن جي وچ ۾ جنگ ۽ قتل غارت نه ٿي چاهي. انجام موجب شري ڪرشن کيس وٺڻ آيو ۽ ساڻس گڏ ڀاءُ ٻلرام به هو. شري ڪرشن رڪمڻيءَ کي پنهنجي رٿ تي سوار ڪري ڀڄايو، پر شِشُوپال کين ڏسي ورتو، اهڙيءَ ريت رڪمي، شيشوپال ۽ جڙا سنڌ جو سموريون فوجون سندن پٺيان ڪاهي پيون. شِشوپال ۽ جڙاسنڌ جي فوجن کي ٻلرام روڪي ڇڏيو ۽ کين مات ڏئي ڀڄائي ڪڍيائين، پر رُڪميءَ شري ڪرشن تائين پهچي ويو. جنهن بعد ٻنهي ۾ زبردست جنگ لڳي، رُڪميءَ کي شري ڪرشن هارائي مارڻ تي هو ته رڪمڻيءَ، کانئس ڀاءُ جو جيئدان گهريو، جنهنڪري شڪست کاڌل رُڪميءَ جو مٿو ڪوڙي سـندس جـان بخشـائيـن ته جيـئن کيس هار جو احساس رهي. ان بعد شري ڪرشن، رڪمڻيءَ کي ’ماڌوپور ڳڙهه‘ وٺي آيو، جتي ساڻس شادي ڪيائين. انهي واقعي جي يادگيريءَ ۾ اتي هڪ مندر تعمير ڪرايو ويو هو، جتي اڄ به هر سال سندن شاديءَ جي موقعي تي ميلو ملهايو وڃي ٿو. رڪمڻيءَ ۽ شري ڪرشن جي هڪ ٻيءَ گهر واريءَ ’ستيه ڀاما‘ سان منسوب هڪ مشهور روايت اها به آهي ته، ستيه ڀاما کي شري ڪرشن سان محبت تي تمام گهڻو ناز هو. جنهن مهارشي نارد جي چوڻ تي هڪ ورت رکيو ۽ شرط موجب شري ڪرشن کي هڪ وڏي ساهميءَ جي هڪ پلڙي ۾ ويهاري پنهنجن قيمتي زيورن سان تورڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي ڪيترا مڻ هئا، پر ستيه ڀاما جي سمورن ڳهن/ زيورن جي وزن سان به شري ڪرشن جي پاسي وارو پلڙو مٿي نه ٿيو، ان کان پوءِ رڪمڻيءَ شري ڪرشن جي سچيءَ دل سان پوڄا ڪئي ۽ تلسيءَ جي ٻُوٽي جو هڪ پن ساهميءَ جي پلڙي ۾ وڌائين ته شري ڪرشن تلسيءَ جي هڪ معمولي پن سان به تُرجي ويو، جنهن کان پوءِ تلسيءَ جي ٻوٽي جي هندو ڌرم ۾ اهميت وڌي وئي ۽ اها ڳالهه مشهور ٿي ته ”ڀڳوان جي محبت کي زر زيور ۽ مال ملڪيت سان خريد ڪري نٿو سگهجي، بلڪ ان لاءِ سچي سڪ ۽ سچي محبت ئي ڪافي آهي، جنهن ۾ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ جي گنجائش نه آهي.“