
رِلي

رِلي

رِلي

رِلي
رِلي: رلي سنڌ جي ثقافتي هنر ۾ خاص اهميت رکي ٿي. سنڌ جي ٿر ۽ وچئين ڀاڱي توڙي اتر ۾ تمام خوبصورت رليون ٺاهيون وينديون آهن. سگهڙ سنڌي عورتون مختلف رنگن جي ڪپڙي مان گهڻيءَ محنت، هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٽڪرين، گُڏين ۽ چٽن واريون خوبصورت رليون ٺاهينديون آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ سنڌ جي عورتاڻي هنر ۽ فن جي سڃاڻپ بڻيل آهن. رلين جا ڪيترائي قسم آهن، جن ۾ ڪتر واري رلي، گلن واري رلي، گُڏين واري رلي، ڀرت واري رلي، چنڊ تارو، ڪجائو، انڊلٺ، هندورو، نٿ بولو، ڪنوار پير، ڪور رلي، گمبن واري رلي ۽ ٽُڪ واري رلي وغيرہ اچي وڃن ٿيون. ننڍڙن ۽ نون ڄاول ٻارن لاءِ ننڍڙيون رليون ٺاهيون وينديون آهن، جن کي ’رِلڪا‘ چئبو آهي.
رليءَ جا ٻہ پڙ ٿيندا آهن، جن ۾ هڪ هيٺيون پڙ، جيڪو سادو ۽ لسو هوندو آهي، ان کي هيٺيون تھہ يا پڙ چئبو آهي. ٻيو مٿيون پڙ، جنهن تي هنر ۽ ڪاريگري ٿيل هوندي آهي، ان کي ’جهلري‘ چيو ويندو آهي. ٻنهي پڙن جي وچ ۾ پراڻن ڪپڙن جون اڳڙيون وجهي رليءَ کي ڪجهہ ٿلهو ڪبو آهي، جنهن کي ’ليھہ‘ چيو ويندو آهي. رليءَ جي سڄي سونهن جهلريءَ ۾ هوندي آهي ۽ محنت بہ وڌ کان وڌ جهلري ٺھڻ ۾ لڳندي آهي. جهلريءَ جي پهرئين وچ واري حصي کي ڳنڍي جوڙي ٺاهبو آهي. ان کي چئن يا ڇھن ٻارين ۾ ورهائي ٺاهبو آهي. سڀئي حصا يا ٻاريون ٺھڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ڳنڍي، جهلري ٺاهي ويندي آهي، جيڪا چوگرد، وچ واري حـصـي کان مختلـف پٽـن واري ٿيندي آهي. رلي 7 فوٽ ڊگهي ۽ 4 فوٽ ويڪري ٺاهي ويندي آهي. رلي ماڻهوءَ جي قد کان فوٽ کن وڏي ٺاهي ويندي آهي. رليءَ جو نماز پڙهڻ لاءِ ٽُڪ تي مصلو پڻ ٺاهيو ويندو آهي. اهڙا خوبصورت مصلا، مسجدن ۾ يا عبادت گذارن کي تحفي طور ڏنا ويندا آهن.
ٿر جي رلي تمام مهانگي ٿئي ٿي. سنڌ ۾ چوڻي آهي تہ ’ٿر جي رلي، ٿر جو اٺ، هڪ ئي ناڻو هڪ ئي اگهہ‘. ان کان سواءِ سانگهڙ ضلعي جي کپري ۽ سنجهوري تعلقن ۾ تمام سٺيون رليون ٺھن ٿيون، خاص ڪري پيرو مل واري علائقي جي ڳوٺ يوسف چانڊيي جون عورتون رلي ٺاهڻ ۾ ڀڙ آهن. قاضي احمد ۽ سرڪاري کوھہ (تعلقي دولتپور) ۾ بہ سٺيون رليون ٺھن ٿيون.
سنڌ ۾ نياڻين جي ڏاج لاءِ خاص قسم جون رليون ٺاهيون وينديون آهن، جن جي ٺھڻ ۾ وقت ۽ پئسي جو گهڻو خرچ ٿئي ٿو.
گهوٽ ۽ ڪنوار جي رلي ٺاهڻ وقت ڳوٺ جون کوڙ ساريون مايون گڏ ٿينديون آهن ۽ رلي ٺاهڻ وقت ڳيچ بہ ڳائينديون آهن. انهن ڳيچن ۾ کِل ڀوڳ ۽ چرچا بہ شامل هوندا آهن، جيڪي خاص ڪري گهوٽ جي ماءُ سان ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ خوبصورت رليون تحفي ۾ ڏيڻ جو رواج عام آهي. خاص ڪري ٿر جون رليون دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن ثقافتي سوکڙين طور موڪليون وينديون آهن، جيڪي خوبصورتيءَ ۾ سنڌ جي ٻين علائقن جي رلين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سٺيون ٿين ٿيون.
رلي، سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ عام جام ٺاهي ويندي آهي. رليءَ تي خرچ، رليءَ جي معيار مطابق ايندو آهي، سادي رليءَ تي گهٽ خرچ ٿئي ٿو. ٿر ۾ ٺهندڙ بھترين رليءَ تي ٻن کان ٽن هزارن روپين تائين خرچ اچي ٿو. عام طور رلي اوڍڻ يا وڇائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. گهر ۾ عام استعمال لاءِ سادي رلي ۽ مهمان وغيرہ يا نياڻين توڙي پٽن کي ڏاج ۾ ڏيڻ لاءِ سٺي قسم جي رلين جو رواج آهي. سگهڙ عورتون پنهنجن گهرن ۾ وڇائڻ لاءِ سٺيون رليون ٺاهي رکنديون آهن.
غريب عورتون پراڻن ڪپڙن جي ٽڪرن کي رڱي انهن مان رليون ٺاهين، جڏهن تہ پھچ وارن ۾ نئين ڪپڙي مان رليون ٺاهڻ جو رواج آهي.
رليءَ جا مختلف قسم ٺاهڻ دوران عورتون پنھنجي ذهن ۾ جهاز، هندوري، چوپڙ يا وڍ واري رليءَ جو خاڪو رکنديون آهن ۽ بعد ۾ انهيءَ خاڪي تحت اڳڙيون ڳنڍي نمونا ترتيب ڏينديون آهن. ٿر جون رليون سڄي سنڌ توڙي دنيا ۾ مشھور آهن. سنڌ جون رليون دنيا ۾ ٿيندڙ ثقافتي نمائشن ۾ بہ رکيون وڃن ٿيون، اڪثر پرڏيهي سياح سنڌ مان سوکڙيءَ طور رلي ۽ اجرڪ وغيرہ کڻي وڃن ٿا.