
رٺي آهي گھوٽ سان
رٺي آهي گهوٽ سان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سياح الطاف شيخ جي ترتيب ڏنل پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پهاڪن ۽ چوڻين کي چئن حصن ۾ ورهايو آهي. پهريون حصو سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون، ٻيو حصو ملئي پهاڪا ۽ چوڻيون، ٽئين حصي ۾ چيني پهاڪا ۽ چوڻيون ۽ چوٿين ۾ جپاني پهاڪا ۽ چوڻيون ترتيب ڏنل آهن. ڪتاب ۾ هر هڪ پهاڪي کانپوءِ ان جي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ڪتاب جو پيش لفظ آفتاب ابڙي ۽ مهاڳ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي لکيو آهي. ڪتاب ۾ ’هر فن موليٰ الطاف‘ جي عنوان سان قمر شھباز جو مضمون بہ شامل آهي. ڊيمي سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 90 روپيا آهي. هي ڪتاب نيو فيلڊس حيدرآباد پاران 1996ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.