رٻ

رٻ: کاڌي جو هڪ نرم قسم، جوئر يا ٻاجهري جو ڏارو ڪري، ان ۾ ٿورو وڌيڪ پاڻي يا کير وجهي، ان کي ڪاڙهي، ڳاري پيئڻ لائق بڻائبو آهي. رٻ سياري ۾ صبح جو اڪثر کاڌي ويندي آهي. ان کان سواءِ ڪنهن بيمار کي ڳرو کاڌو نہ ڏئي سگهبو آهي تہ رٻ پياربي آهي، ڇو تہ هيءَ جلدي هضم ٿيندڙ غذا آهي. ريگستاني، جابلو ۽ ميداني علائقن ۾ عام ماڻهن جو هي عام کاڌو آهي.


لفظ رٻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو