رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ

رٻڙ (Rubber): قدرتي رٻڙ کي انڊين رٻڙ (Indian rubber) يا ڪائوچُڪ (Caoutchouc) جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو (جيڪو هڪ الاستومر elastomer، رٻڙ سان مشابهت رکندڙ ڪو به انگهندڙ مادو) ۽ اصل ۾ لئٽيڪس (latex) مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. لئٽيڪس کير جهڙو چيڙهالو مادو ٿئي ٿو، جيڪو ڪن قسمن جا ٻوٽا پيدا ڪن ٿا. هن قسم جي ٻوٽن جي ڇوڏي کي جڏهن چهڪ/ چير ڏنا وڃن ٿا ته منجهانئن کير جي رنگ جهڙي لئٽيڪس رس خارج ٿئي ٿي، جنهن کي صاف ڪري استعمال ۾ ايندڙ رٻڙ ۾ مٽايو وڃي ٿو. ڪنهن قدرتي رٻڙ جو صاف ٿيل نمونو هڪ اهڙو ڪيميائي وکر ٿئي ٿو، جنهن کي پالي آئسوپرين (Poly isoprene، آئسوپرين جو پاليمر قدرتي طور تي رٻڙ ۽ گٽا پرچا وڻ ۾ ٿئي ته مصنوعي به ٺاهجي) سڏجي ٿو، جيڪو مصنوعي طريقي سان به ٺاهي سگهجي ٿو. قدرتي رٻڙ ڪيترن ڪمن ۽ شين ۾ عام جام استعمال ڪيو وڃي ٿو، جهروڪ: هٿرادو رٻڙ وغيره، جيڪو عام طور تي گهڻو انگهندڙ، لچڪدار ۽ پاڻيءَ جي آلاڻ کان بچيل رهي ٿو.
قسم: تجارتي طور تي قدرتي رٻڙ جو مکيه ذريعو پارا ربر ٽري (Para rubber tree) جنهن جو واسطو يوفور بيئيسيا (Euphorbiaceae) ڪٽنب سان آهي. عام طور تي هن قسم جي وڻ مان رٻڙ حاصل ڪيو وڃي ٿو، جو چهڪ ڏيڻ سان وڌيڪ لئٽيڪس پيدا ڪري ٿو. اهڙا ٻيا ٻوٽا، جن ۾ لئٽيڪس ٿئي ٿو، اهي آهن: گٽا پرچا (Gutta percha/ palaquium gutta)، ربرفگ (rubber fig Fucus elastica)، پئناما ربر ٽري (Panama rubber tree castilla elastica)، اسپرجس (Euphorbia spp.)، ليٽوس (lettuce)، ڪامن ڊئنڊيلائين (Common dandelion Taraxacum office nale)، رشين ڊينڊيلائين (Russian dandelion Taraxacum Kok-Saghyz)، اسڪورزو نيرا (Scorzonera Tau Saghyz) ۽ گوايولي (guayule Parathenium argentatum).
جيتوڻيڪ وڻن جون اهي جنسون رٻڙ حاصل ڪرڻ جو مکيه ذريعو ناهن، پر تنهن هوندي به جرمني پهرين عالمي جنگ دوران انهن قسمن جي وڻن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن سندس رٻڙ جي رسد بند ڪئي وئي هئي. اهڙين ڪوششن دوران اڳتي هلي نعم البدل طور مصنوعي رٻڙ تيار ڪيو ويو. قدرتي رٻڙ، جيڪو وڻن مان حاصل ڪيو وڃي ٿو ۽ مصنوعي رٻڙ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ورلي قدرتي رٻڙ لاءِ گم ربر (gum rubber) جو اصطلاح استعمال ڪيو وڃي ٿو.
شروعات ۾ پارا ربر وڻ رڳو ڏکڻ آمريڪا ۾ ٿيندو هو. چارلس مئري ڊي لا ڪانڊامن (Charles Marie de La Condamine) اهو شخص هو، جنهن فرانس جي رائل اڪئڊمي آف سائنس کي 1736ع ۾ رٻڙ جي ٻوٽن جا ڪجهه نمونا متعارف ڪرايا. 1751ع ۾ هن فرانسو فريسنيو (Franscois Fresneau) جو هڪ پيپر اڪيڊميءَ ۾ پيش ڪيو (جيڪو 1755ع ۾ شايع ٿيو)، جنهن ۾ رٻڙ جي ڪيترين خاصيتن جو ذڪر ڪيل هو. هن پيپر کي رٻڙ تي شايع ٿيندڙ پهريون سائنسي پيپر سمجهيو وڃي ٿو.
جڏهن انگلنڊ ۾ رٻڙ جا ڪجهه نمونا پهتا ته انهن جو سڀ کان پهريائين 1770ع ۾ مشاهدو جوزف پريسٽلي (Joseph Priestley) ڪيو، جيئن ته اهڙي رٻڙ جو ڪو به ٽڪرو، پني تي پينسل سان لکيل نشانين کي سولائيءَ ۽ تمام سٺيءَ طرح سان ڊاهي سگهيو ٿي، ان دؤر ۾ ان کي رٻڙ (rubber) جو نالو ڏنو ويو. ائين آهستي آهستي اهو رٻڙ سڄي انگلنڊ ۾ متعارف ٿي ويو.
محدود مقدار ۾ حاصل ٿيندڙ لئٽيڪس رٻڙ جو مکيه ذريعو ڏکڻ آمريڪا رهيو آهي، جيڪو 19هين صديءَ دوران ڊگهي عرصي تائين استعمال ٿيندو رهيو. 1876ع ۾ هينري وِڪم (Henry Wickham) برازيل مان پارا رٻڙ جي وڻ جا هزارين ٻج گڏ ڪيا ۽ اهي انگلنڊ جي ڪيو (Kew) باغن ۾ پوکيا ويا. ٻجن مان ٿيندڙ ٻيجارو سيلان (سري لنڪا)، انڊونيشيا، سينگاپور ۽ برٽش ملايا موڪليو ويو. ملايا (هاڻ ملائيشيا) اڳتي هلي رٻر جي پيداوار جو مکيه ملڪ ٿي ويو. اٽڪل 100 سال اڳ آفريڪا جي ڪانگو فري اسٽيٽ (Congo Free State) به قدرتي رٻڙ جي پيداوار جو هڪ اهم ملڪ رهيو آهي، جتي جبري پورهئي رستي رٻڙ گڏ ڪرايو ويندو هو. اڳتي هلي لبيريا ۽ نائيجيريا به رٻڙ جي پوک ڪرڻ شروع ڪئي. انڊيا ۾ رٻڙ تجارتي پوکي انگريز آبادگارن متعارف ڪرائي جڏهن ته تجارتي بنيادن تي رٻڙ جي پوکيءَ جو ڪم گهڻو اڳ سال 1873ع ڌاري ڪلڪتي جي باٽنيڪل گارڊنس ۾ شروع ڪيو ويو هو. انڊيا ۾ هيويا (Hevea) جي پهرئين تجارتي پوک جو ڪم 1902ع ۾ ڪيرالا ۾ شروع ڪيو ويو. 19 صديءَ ۽ 20 صديءَ جي شروعات ۾ اهڙي رٻڙ کي عام طور تي انڊين رٻڙ (Indian rubber) جي نالي سان سڏيو ويندو هو. سال 2010ع ۾ انڊيا جي قدرتي رٻڙ جي پيداوار جو کاپو في سال 978 هزار ٽن پيداوار 893 هزار ٽن هو، جڏهن ته باقي ٻاهران گهرايو ٿي ويو.
خاصيتون: رٻڙ جون طبعي ۽ ڪيميائي لحاظ کان مخصوص خاصيتون ٿين ٿيون. رٻڙ جي انگهجڻ، دٻجڻ (Streo strain) جي خاصيت کي ميولنس افيڪن (Mullins effect)، پئني افيڪٽ (Payane effect) سڏجي ٿو ۽ عام طور تي هائپر الاسٽڪ (hyper elastic) جو نمونو ٿئي ٿو.
رٻڙ جي هر پورجندڙ ايڪي ۾ ٻٽو بانڊ (double bond) هجڻ سبب قدرتي رٻڙ اوزون (ozone) لاءِ حساس ٿئي ۽ ان سبب جلد ٽڙڪي پوي ٿو.
ڪيميائي جوڙجڪ: لئٽيڪس آئسوپرين (Isoprene) جو هڪ قدرتي پاليمر آهي ۽ ان جي ماليڪيولر ويٽ 100،000 کان 1000،000 تائين ٿئي ٿي. عام طور تي منجهس ٻين ڪيترن وکرن جهڙوڪ: پروٽين، فئٽي تيزابن، دال ۽ اِن آرگئنڪي مادا (لوڻ) موجود ٿين ٿا. پالي آئسوپرين (Polyisoprene) مصنوعي طور تي به ٺاهي سگهجي ٿو، جنهن کي مصنوعي قدرتي رٻڙ (Synthetic natural rubber) جي نالي سان سڏجي ٿو.
قدرتي رٻڙ، الاسٽومر (elastomer) ۽ ٿرموپلاسٽڪ (thermoplastic) ٿئي ٿو. ساڳئي وقت اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هڪ دفعو رٻڙ کي ولڪنيائيز (Vulcanize)، گندي ڪرڻ سان ٿرموسيٽ (thermoset) ۾ مٽجي وڃي ٿو. روز عام جي استعمال ۾ ايندڙ رٻڙ کي ان حد تائين ولڪئنائيز ڪيو وڃي ٿو، جو ان جو ٻئي خاصيتون واضح ٿي پون ٿيون، يعني جيڪڏهن گرم يا ٿڌو ڪيو وڃي ٿو ته بي معياري ٿي/ بگڙي وڃي ٿو، پر تباهه نٿو ٿئي.
استعمال: رٻڙ جو وسيع استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ گهريلو شين کان وٺي صنعتي شيون اچي وڃن ٿيون. ٽائرن ۽ ٽيوبن ۾ رٻڙ جي تمام گهڻي کپت ٿئي ٿي، ان کان پوءِ باقي 44 سيڪڙو رٻڙ مان عام شيون ٺاهيون وڃن ٿيون.
تاريخ کان آڳاٽو استعمال: سڀ کان اول رٻڙ جو استعمال اولميڪس (Olmecs) ڪيو، جن ڪجهه صدين کان پوءِ هيوِيا وڻ مان حاصل ٿيندڙ قدرتي رٻڙ جي ڄاڻ 1600 ق. م ۾ قديم مايانس (Mayans) کي ڏني، جن لئٽيڪس کي ڪاڙهي ميسو آمريڪين جي بال راند رهڻ لاءِ هڪ بال ٺاهيو.
رٻڙ جون شيون: رٻڙ جا ڪيترائي اهم استعمال آهن، جهڙوڪ: درن ۽ درين جون پئڪنگون، نلڪيون، بيلٽ، تڏيون، فرش، لرزش گهٽائڻ ۽ موٽر گاڏين جي صنعت ۾ استعمال ٿئي ٿو. طب، گهرن ۽ ڪارخانن لاءِ دستانا ٺاهيا وڃن ٿا ته رانديڪن ۽ ڦوڪڻن ۾ به جهجهو استعمال ٿئي ٿو. رٻڙ جو مڻن جي حساب سان استعمال چيڙهالي يا چنبڙائيندڙ مادي طور ڪيترن ڪارخانن ۾ شين ۾ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته انهن ۾ اڄ به اهم وکر آهن، پني ۽ غاليچن جا ڪارخانا، رٻڙ، رٻڙ بينڊ ۽ پينسل جا اکر ڊاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اِريزرن ۾ به عام جام استعمال ڪيو وڃي ٿو. اڄ به ڪيترن هوائي جهازن جا ٽائر ۽ ٽيوب قدرتي رٻڙ مان ٺاهيا وڃن ٿا.
مصنوعي رٻڙ: مصنوعي رٻڙ سڏجي ٿو ڪنهن به قسم جي هٿرادو/ مصنوعي الاسٽومير (elastomer) کي جيڪو سدائين پاليمر ئي رهي ٿو. الاسٽومر ۾ هڪ اهڙي خودڪار خاصيت موجود ٿئي ٿي، جو اهو ڪنهن به ٻئي مادي جي ڀيٽ ۾ لچڪيداريءَ جي لحاظ کان وڌيڪ بدصورتي ۽ بدزيني حالت ۾ اچي سگهي ٿو ته دائمي بي ڊولائپ جي، وري اصلي روپ به اختيار ڪري سگهي ٿو.
ڪيترين حالتن ۾ قدرتي رٻڙ جي نعم البدل طور مصنوعي رٻڙ استعمال ڪيو وڃي ٿو، خاص طور تي جڏهن اهڙي مادي جي معيار ۽ بهتر خاصيتن جي گهرج هجي ٿي.
تاريخ: 1879ع ۾ بوشارڊ (Bouchardat)، لئبارٽريءَ ۾ آئسوپرنيءَ جو پاليمر ٺاهي، مصنوعي رٻڙ جو هڪ نمونو تيار ڪيو. موٽر ڪارين جي وڌندڙ انگ خاص طور تي انهن جي ٽائرن ۾، 1890ع جي ڏهاڪي کان ٿيندڙ اضافي سبب رٻڙ جي گهرج ۾ به زبردست واڌ ٿي. 1909ع ۾ فرش هافمئن (Fritz Hofmann) جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٽيم باير لئبارٽري، البر فيلڊ جرمنيءَ ۾ ميٿائيل آئسوپرين کي پاليمرائيز ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي پهريون ڀيرو مصنوعي رٻڙ تيار ڪيو.
روسي سائنسدان سرجي (Sergei Vasilgevich Labedev) 1910ع ۾ بيوٽاڊين مان پهريون ڀيرو هڪ رٻڙ جو پاليمر تيار ڪيو. هيءَ ئي رٻڙ جو اهو مصنوعي قسم هو، جنهن مان اڳتي هلي ٿوڪ جي حساب سان پهرئين عالمي جنگ دوران قدرتي رٻڙ جي کوٽ سبب تجارتي طور تي مصنوعي رٻڙ ٺاهڻ جو رواج پيو. جنگ پوري ٿيڻ سان مصنوعي رٻڙ جي جاءِ تي قدرتي رٻڙ استعمال ٿيڻ لڳو، جڏهن ته مصنوعي رٻڙ جي کوجنا هلندي رهي. اهو هڪ روسي آمريڪي Ivan Ostromislensky هو، جنهن 20هين صديءَ جي اوائل ۾ مصنوعي رٻڙ تي اهم کوجنا ڪئي. سال 1925ع تائين قدرتي رٻڙ جون قيمتون ايتريون وڌي چڪيون هيون، جو ڪيترين ڪمپنين مصنوعي رٻڙ ٺاهڻ جا گُر ڳولڻ شروع ڪيا ته جيئن قدرتي رٻڙ جي وڌندڙ گهرج جي پورت ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ يورپ جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۾ ڪن مختلف وکرن/ مادن تي کوجنا شروع ڪئي وئي، جنهن لاءِ Niuwland ۾ لئبارٽريءَ جو اوائلي ڪم شروع ڪيو ويو. 1930ع ۾ ليبيڊي (Lebedev)، هڪ آمريڪيءَ ولاس ڪئروٿيرس (Wallace Carothers) ۽ هڪ جرمن سائنسدان هرمئن اشٽاڊنر (Herman Staudinger) جي لکڻين سبب 1931ع ۾ هڪ اهڙو ڪامياب صفتي رٻڙ وجود ۾ آيو، جنهن کي نيوپرين (Neoprene) جي نالي سان سڏيو ويو، جيڪو ڊيو پونٽ (Dupont) ۾ اِي. ڪي بولٽن (E. K. Bolton) جي سربراهيءَ هيٺ تيار ڪيو ويو. نيوپرين ۾ گرمي ۽ ڪيميائي وکرن تيل ۽ گئسولن جهڙن مادن لاءِ زبردست مزاحمت موجود ٿئي ٿي، جيڪو تيل جي نلڪين/ ٽونٽين ۽ مشينري ۾ گرمي نه پسرائيندڙ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. يورپ ۾ رٻڙ جو پهريون ڪارخانو ايس. ڪي-1 (SK-1) (Sergei Lebedev) پاران، يارو سليول (Yaro slavl) ۾ جوزف اسٽالن جي پهريئن پنج سالا رٿا دوران 7 جولاءِ 1932ع ۾ قائم ڪيو ويو.
1935ع ۾ جرمنيءَ جي سائنسدانن ڪيترن قسمن جي مصنوعي رٻڙن مان هڪ لاٽ، بوناربرس (Buna rubbers) نالي تيار ڪيو، جيڪو اصل ۾ ڪو پاليمر (Co polymers) هو، يعني اهڙا ته پاليمر جيڪي متبادل ترتيب ۾ هجن ٿا. مصنوعي پلاسٽڪ جي اهڙن قسمن ۾ ڪوروسيل (Koroseal) آهي، جيڪا والدو سيمن (Waldo Semon) 1935ع ۾ ته ٻي سوپرين (Sovprene) آهي، جيڪا روسي محققن 1940ع ۾ تيار ڪئي. 1940ع ۾ بي. ايف. گڊرچ ڪمپنيءَ جي هڪ سائنسدان والدوسيمين (Waldo semon) هڪ نئين قسم جي مصنوعي ۽ سستي پلاسٽڪ اميريپول (Ameripol) تيار ڪئي. اها گهڻي سستي هئي ۽ ٻي عالمي جنگ دوران ملڪ جي پلاسٽڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي.
ٻي عالمي جنگ دوران آمريڪا ۾ مصنوعي رٻڙ جي پيداوار ۾ تڏهن زبردست واڌ آئي، جڏهن جپان جي ايشيا تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ اتحادي طاقتن قدرتي رٻڙ جي محدود رس تي 1942ع جي وچ ڌاري ضابطو ڪيو. جيئن ته فوجي ٽرڪن کي رٻڙ جي ٽائرن جي ضرورت هئي ۽ رٻڙ ٿلهي ليکي ته جنگ جي هر مشين ۾ استعمال ٿي ٿيو. ان سبب آمريڪي حڪومت مصنوعي رٻڙ جي پيداوار ۾ سڌاري واڌاري آڻڻ لاءِ هڪ وڏو قدم کنيو. ڪيترن ادارن جي ڪيميادانن جي هڪ وڏي ٽيم تيار ڪئي وئي، جنهن ۾ بيل لئبس (Bell Labs) جو ڪالون سائوٿر فلر (Calvin Souther Fuller) به شامل هو. ان لاءِ جي. آر. ايس (Government Rubber Styrene) رٻڙ ٺاهڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو اصل ۾ بوٽادين (Butadiene) ۽ اسٽائرين (Styrene) جو ڪوپاليمر ٿئي ٿو. آمريڪا جو ٻيءَ عالمي جنگ دوران مصنوعي رٻڙ جي پيداوار جو بنياد وڌو. سال 1944ع ڌاري جملي 50 ڪارخانا اُهو رٻڙ ٺاهي رهيا هئا، يعني ته جنگ جي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ دنيا جي قدرتي رٻڙ کان ٻيڻ تي جيڪو اڄ به دنيا جي جملي پيداوار جو اڌ آهي.
اڄڪلهه مصنوعي رٻڙ ڪپڙي جي صنعت ۾ ڇپائيءَ لاءِ تمام گهڻو استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ان ڪم لاءِ ربر پيسٽ (rubber pest) سڏجي ٿو. سال 2005ع ۾ 21 ملين ٽنن جي لڳ ڀڳ رٻڙ تيار ڪيو ويو، جنهن جو 58 سيڪڙو مصنوعي هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو