
رٻڙ جو وڻ
رٻڙ جو وڻ: هي وڻ توت جي خاندان (Moraceae) جي هڪ جنس (Ficus) آهي، جنهن کي لاطينيءَ ۾ Ficus Elastica ۽ عام طور رٻڙ جو وڻ چئبو آهي. هن وڻ جو باٽنيڪل نالوHavea Brasiliensis آهي، جڏهن تہ انگريزيءَ ۾ هن وڻ کيPnama Rubber ۽ لاطينيءَ ۾ Catilla Elastica چئبو آهي. هي وڻ گهڻو ڪري گرم علائقن ۾ ٿيندو آهي.
هي وڻ اتر اوڀر هندستان کان وٺي انڊونيشيا تائين جو مقامي وڻ آهي. مطلب تہ ملائيشيا، فلپائن، ٿائلينڊ ۽ سريلنڪا ۾ عام ٿئي ٿو. هن وڻ جي ڊيگهه ٽيهن کان چاليھہ ميٽر تائين ٿئي ٿي، جڏهن تہ ان جي ٿڙ جو گهيرو ٻن ميٽرن تائين ٿئي ٿو.
رٻڙ جي وڻ جا پن بيضوي شڪل جا ٿيندا آهن، جيڪي ڏهن کان پنجٽيهن سينٽي ميٽرن جا ڊگها ۽ پنجن کان پندرهن سينٽي ميٽر ويڪرا ٿيندا آهن. رٻڙ جي وڻ جو ميوو بہ بيضوي شڪل جو ٿيندو آهي، جيڪو هڪ سينٽي ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي.
انجير جي خاندان وارن وڻن ۾ رٻڙ جو وڻ بڙ جو هڪ قسم تصور ڪيو ويندو آهي. سڄيءَ دنيا ۾ هن وڻ کي سهولت جي حساب سان پوکيو ويندو آهي. هن وڻ جي ٿڙ يا ڇوڏي تي ڌڪ هڻڻ سان کير مائل گهاٽو سفيد پاڻياٺي مادو نڪرندو آهي. اهو ئي سفيد کير مائل مادو سڪڻ کانپوءِ رٻڙ جو ڪم ڏيندو آهي.