رٽرن آف دي آرينس

رٽرن آف دي آرينس

رٽرن آف دي آرينس

رٽرن آف دي آرينس (Return of The Aryans: ناول): هن جڳ مشهور ناول جو ليکڪ ڪيناڊا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي، ڀڳوان ايس. گدواڻي آهي، جنهن هن کان اڳ ’ٽيپو سلطان‘ نالي ناول ۽ هڪ ٽيليوزن سيريل به لکي هئي. هي ڪتاب پينگوئن بُڪس پاران ڇپرايو ويو آهي. هن ناول ۾ آرين جي ڪهاڻي کنئي وئي آهي ۽ آرين جي اصليت کي افسانوي تاريخ جو روپ ڏنو ويو آهي. ’رٽرن آف دي آرينس‘ ۾ آرين جو پنهنجي اصل وطن سنڌ مان نڪرڻ، ڀونوچ سمنڊ جي ساحلي علائقن، اتر ايشيا ۽ يورپ جي علائقن ۾ وڃڻ، فتحون ۽ ڪاميابيون ماڻڻ ۽ اُتان وري واپس موٽڻ وارو داستان سمايل آهي. سندس مفروضي موجب اهو چوڻ غلط آهي ته آريا ٻاهران آيا، جن اچي قديم هندستان کي سڌريل ملڪ بنايو، بلڪه اصل ۾ اهي سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي آباد ’سنڌ‘ مان نڪري سموريءَ دنيا ۾ ويا ۽ انهن کي تهذيب سيکاريائون. انهيءَ قصي ۾ سنڌ جو حوالو قديم ڀارت ورش جي هڪ علائقي طور آيو آهي، جنهن جي درياهه سنڌوءَ مان هڪ ڪردار ’سنڌو پترا‘ جنم وٺي ٿو، جيڪو هن ناول جو ڏند ڪٿائي هيرو آهي.
ناول جي باري ۾ ليکڪ ڀڳوان ايس. گدواڻيءَ جو چوڻ آهي ته ”مون ضرور هي هيڏو وڏو ۽ اهم تاريخي ڪم افسانوي انداز ۾ ڪيو آهي، پر ڪنهن کي به اهو هرگز سمجهڻ نه گهرجي ته افسانوي ادب هڪڙو خواب آهي. اهڙو خواب جنهن کي ڪڏهن به ڪنهن مؤرخ ڇُهڻ يا لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. مون اهڙي نسل در نسل هلندڙ روايتي تاريخ کي افساني ۾ سمويو آهي، جيڪا جڳُن کان مختلف انداز ۾ ڀڄنن ۽ گيتن جي صورت ۾ ماڻهن جي يادگيريءَ ۾ محفوظ رهي آهي، اُها تاريخ کان اڳ واري تهذيبي وارتا جيڪا انگڪور، سنڌ، بالي، جاوا، برما، چين، ڀوٽان، نيپال، ايران، عراق، تُرڪي، مصر، ناروي، سويڊن، اٽلي، فن لينڊ، رُوس، جرمني ۽ هند/ سنڌ جا ماڻهو پچاريندا، ڳائيندا ۽ سُڻائيندا رهيا آهن. مون ان مواد کي پنهنجي ناول ۾ سهيڙيو ۽ سنڀاليو آهي. اُنهن وارتائن قصن ۽ ڪهاڻين واري ٻولي، جيڪا بنهه قديم آهي، گهڻو ڪري محاوري ۽ اصطلاح واري انداز ۾ هڪڙو غير معروف تصور جوڙيندڙ آهي. باوجود اُن جي آرين جي اُسرڻ ۽ ڀارت مان هجرت ڪرڻ جي لافاني ياد ڏياري ٿي، ۽ اهو پڻ بانور ڪرائي ٿي ته آريا اصل ۾ ڀارت ورش جي قديم ترين وستي سنڌ جا ئي باشندا هئا.“
هي ناول حقيقت ۾ ان ڳالهه کي ثابت ڪري ٿو ته آريا اصل هتان جا باشندا هئا، جيڪي ڀونوچ سمنڊ وارن علائقن کان، اتر ايشيا يا يورپ جي ٿڌن علائقن مان يا ٻيو ڪٿان ڪو نه آيا هئا. جيئن ته مُورخ آرين جي اُسرڻ ۽ وڌڻ جا اٽڪل ٻاويهه علائقا ۽ خطا ٻڌائين ٿا، پر اهي ڪنهن به ثابتيءَ سان ڪنهن هڪ جاءِ/هنڌ جي نشاندهي ڪري نه سگهيا آهن. ائين هن ناول ۾ هندو ازم جي بُنياد ۽ پاڙن جو سناتن ڌرم ۾ هُجڻ ۽ تهذيبي تاريخ کان اڳ جي واقعن، اوم، نمستي، سواستڪ، گياتري منتر جا سُراغ لڳايا ويا آهن. ان کانسواءِ ’ڀارت‘ نالي جي اصليت، هندن جي پنچائت، جهازراني، بندرگاهن، شهرن جا بُنياد، يوگا، ناچ، ڪيلينڊر، دواسازي ۽ جراحي، عمارتسازي، اخلاقي ۽ روحاني اعتقاد، لپي (صورتخطي) ۽ مادي ترقيءَ جا پڻ سُراغ کڻي ثابتيون ورتيون ويون آهن.
هن ناول جي ليکڪ جو چوڻ آهي ته هن هي ناول ’هندوڌرم‘ جون پاڙون ڏيکارڻ لاءِ لکيو آهي، جيڪو اصل ۾ سناتن ڌرم آهي. ليکڪ وٽ ’آريا‘ لفظ جو تصور ’هندو‘ سان جڙيل آهي، جيڪي سڄيءَ دنيا کي تهذيب جو تحفو ڏئي صدين کانپوءِ وري واپس پنهنجي ديس آيا. هنن مصرين، سُميرين، روسين، سَٿين (Sythian) ايرانين، ترڪن، اسڪينڊينيوين ۽ ٻين يورپي ملڪن ۽ علائقن جي رهاڪن تي پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ صدين جو سفر ڪري واپس وطن موٽيا.
هن ناول ۾ ڀڳوان ايس. گدواڻيءَ 8000 سال قديم تهذيب تي فخر جو اظهار ڪندي، اُن جي ثقافت ۾ رواداري، برداشت، فلسفي ۽ صوفياڻي سوچ/ روحانيت تي پڻ روشني وڌي آهي. ’رٽرن آف دي آرينس‘ ۾ ليکڪ، آرين جي قديم سرزمين ۾ موجوده پاڪستان، ڪشمير، افغانستان، ايران، هندستان، بنگلاديش، سريلنڪا، برما، ڀوٽان ۽ نيپال کي شامل ڪيو آهي، جن جا قديم نالا هن ريت ڏئي ٿو:
اواگانا (افغانستان)، گنڌارا (قندار)، هري رٿ (هرات)، ايران ۾ ڍنڍ نمڪسار (نمڪ سار ڍنڍتبت ۾ مانسروَر ڍنڍ ۽ ڪيلاش پربت (جتان سنڌو ۽ برهمپترا نديون نڪرن ٿيون)، برهما (برما)، ورون ۽ لنڪا (سريلنڪا)، نيوار (نيپال)، ڀُوٽا (ڀوٽان) ۽ ٻين نالن مان ڪي اصل ۾ اهڙن مختلف ساڌن جي نالن پٺيان ٺهيل ڄاڻائي ٿو، جيڪي قديم سنڌ/ هند مان اوڏانهن ويا ۽ وڃي اُتي وستيون آباد ڪيائون.
هن ناول ۾ هڪ قسم جو هڪ نيم تاريخي، نيم ڏندڪٿائي افسانو گهڙيل آهي، جنهن ۾ حد کان وڌيڪ مبالغي کان ڪم ورتو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ اولهه جي عالمن ۽ دانشورن طرفان سڌريل آرين جي ٻاهران اچڻ واري مفروضي کي رد ڪرڻ لاءِ لکيو ويو آهي. ليکڪ ان ڳالهه جو اعتراف به ڪري ٿو، پر وري اهو به چوي ٿو ته، ”هي ناول ڪنهن به تاريخي انتقام طور نه لکيو ويو آهي، پر قديم ويدن ۽ گيتن وارن رزميه قصن جو سُراغ لڳائيندي، تاريخ جي حقيقتن کي واضح ڪيو ويو آهي.“
هي ناول پينگئن بڪس، انڊيا طرفان جنوري 2000ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن ۾ 944 صفحا آهن. هن ناول جي قيمت 52 ڊالر ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب کي ’بيسٽ سيلرز بڪ‘ جو درجو حاصل آهي، ۽ هندستان جي هڪ مشهور سنڌي واپاري ڌُر طرفان اُن تي هڪ ٽيليويزن سيريل ٺاهڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو