رکيو لنڊ

رکيو لنڊ: رکيو لُنڊ، ڳوٺ گهنور خان جت جو رهاڪو هو، هو پنھنجي زال ڦهي، پٽن: کيڻي، خميسي، اٽل ۽ اسماعيل سميت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مريد ٿيو. انهن فقيرن شاھہ صاحب کان راڳ پڻ سکيو هو. شاھہ صاحب ڳوٺ گهنور خان جت ۾ اڪثر ايندو هو ۽ ڪيترا ڏينهن ترسيو پيو هوندو هو. هن فقير جي گهر وارن جو شاھہ صاحب کان ڪو بہ پردو نہ هوندو هو ۽ شاھہ صاحب پڻ رکيي جي گهر ۾ پنهنجائپ محسوس ڪندو هو. هن فقير پنھنجي ڀائٽي کي شاھہ صاحب جي خدمت چاڪريءَ لاءِ خاص مقرر ڪري ڇڏيو هو. پيرو کڻي جڏهن شاھہ صاحب جو مريد ٿيو، تڏهن رکيي لنڊ ٻہ اُٺ ڪُهي دعوت ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو