رڪڻ بندر: هي بندر تعلقي دادوءَ ۾ سنڌ جي ڄامپور پراڻ واري ڇاڙهه تي هوندو هو. ماضيءَ ۾ بندر آباد هجڻ سبب رڪڻ شهر وڏي اوج تي هوندو هو. هتي تمام سٺو واپار ٿيندو هو. هن بندر ذريعي سنڌ جو هندستان سان واپار هلندو هو. رڪڻ شهر ست ڀيرا درياهه پاتو آهي، ۽ پائجڻ کانپوءِ وري آباد ٿيندو رهيو آهي. ستون ۽ آخري دفعو پاتل شهر ۽ بندر درياهه جي ڄامپور پراڻ پاتو هو. اهو موجوده ديهه ڪچو رپ، سرڪل پاٽ ۾ هو. هن بندر تي مقامي ملاحن جون ٻيڙيون هلنديون هيون، جن ذريعي شاهبندر تائين سفر ۽ رسائي ٿيندي هئي. رڪڻ شهر جو سيٺ کيئلداس ڪاروبار جي لحاظ کان گهڻو مشهور هوندو هو. شهر ۾ سندس تيل جا گهاڻا هوندا هئا. هتان تيل، گيهه، ڪپهه، داليون، تماڪ، ناس، چوپايو مال، اناج، لاک، کؤنر، ٽامو، ڪپور، مٽيءَ جا ٿانوَ، ٽالهيءَ جو ڪاٺ، لوڻ، مڇي، پيش جو واڻ، تونريون، تڏا، ميوو ۽ ٻيو سامان شاهبندر ويندو هو، جتان هندستان اماڻيو ويندو هو. ٻاهران کان سون، ريشمي ڪپڙو، اٺن جا پاکڙا، گهوڙن جا هنا ۽ سنج، ٻيڙين جي سڙهن لاءِ بوران جو ڪپڙو، ديال ۽ چيل جو ڪاٺ، ٻيڙين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺ، مصالحا، ڳڙ، مصري، ٻيڙين جا پن ۽ چمڙو وغيره هن بندر تي پهچندا هئا. لطف الله ايراني پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو سفر‘ ۾ لکيو آهي ته، ”ميرن جي دؤر حڪومت ۾ انگريزن جي لشڪر کي سنڌ مان گذري وڃڻ جي اجازت ميان نور محمد جي چوياريءَ ۾ ملي. اهو لشڪر ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي ۽ پوءِ سيوهڻ وارو رستو ڏئي رڪڻ بندر پهتو. عيد جو ڏينهن هجڻ سبب لشڪر ۾ شامل مسلمانن عيد نماز رڪڻ ڳوٺ ۾ پڙهي.“
رڪڻ شهر ۾ مختلف ذاتيون رهنديون هيون. زمينون آباد ۽ سٺي پيداوار ڏينديون هيون. مولوي روشن الدين صديقي پنهنجي ڪتاب ’پاٽ پراڻي‘ ۾ لکيو آهي ته ڄامپور ڍنڍ جي اولهه ڪناري تي ڏاڙهون جا باغ هوندا هئا، جتان ڏاڙهون رڪڻ بندر ذريعي ٺٽي ننگر اماڻيا ويندا هئا.