رڪ، صاحب فقير: صاحب فقير رڪ جو اصل نالو صاحبڏنو ولد بخش رُڪ هو. هن 1782ع ڌاري ڳوٺ شريف رڪ (موجوده عثمان رڪ) تعلقي گھوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. صاحب فقير قرآني تعليم سان گڏ ان وقت جي مروج فارسي تعليم جا به ڪجهه ڪتاب پڙهيا. سندس وڏا گهوٽڪيءَ جي مشهور درگاهه ’لوءِ صاحبان‘ جا مريد هئا. صاحب فقير به شروعاتي عمر ۾ لوءِ صاحبان جي بزرگن سان عقيدت رکندو هو. بعد ۾ جڏهن پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي خليفي حضرت محمد حسن شاهه جيلانيءَ ڏهرڪيءَ ويجھو سوئي شريف واري هنڌ پنهنجي درگاهه قائم ڪئي ته صاحب فقير ۽ سندس ننڍو ڀاءُ، محمد حسن شاهه جيلانيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري سندس مريد ٿيا. بيعت کانپوءِ گهڻو وقت پنهنجي مرشد وٽ سوئي شريف ۾ رهڻ لڳو.
صاحب فقير، جيلانيءَ جي وڏن خاص خليفن مان هو. سندس طريقت جو سلسلو قادري هو. پاڻ پنهنجي مرشد جي اڳيان نهايت سڪ ۽ سوز ۽ گداز سان مولود به چوندو هو. هن شعر و شاعري به ڪئي. شاعريءَ ۾ ’صاحب‘ تخلص ڪتب آندائين، ان ڪري صاحب جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس ڪلام هن وقت به درگاهه پير ڳوٺ، سوئي شريف، ڀرچونڊي ۽ درگاهه خانڳڙهه ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس ڪلام گهڻو هو، جيڪو به وقت قلمبند نه ٿيڻ ڪري ضايع ٿي ويو. ان جي باوجود سندس 100 کان وڌيڪ ڪافيون درگاهه جي فقيرن کي ياد آهن، جيڪي اڄ به فقراءَ وڏي سڪ سان ڳائين ٿا. انهن 100 ڪافين ۽ ٻئي ڪلام تي مشتمل مجموعو ’سوانح حيات ۽ ڪلام حضرت صاحب فقير رڪ‘ جي نالي سان سندس خاندان جي فرد استاد فقير خان محمد رڪ ’نظام‘ جي ڪوششن سان شايع ٿيو آهي. صاحب فقير جو ڪلام سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ٻولين تي مشتمل آهي.
صاحب رڪ جو پير اشرف شاهه ڪاماري شريف وارن سان خط و ڪتابت جو رشتو هو. خط و ڪتابت ذريعي شاعريءَ جي ڏي وٺ ڪندا هئا. پير اشرف شاهه ڪاماري وارو بزرگ جڏهن ملتان غوث بهاؤالدين زڪريا ڏانهن ويندو هو ته هتان گذرندي صاحب فقير سان ضرور روح رهاڻ ڪندو ويندو هو. ڪاماري شريف ۾ پير اشرف شاهه جي روضي جي ديوارن تي صاحب فقير جا شعر لکيل آهن. ان کان سواءِ فقير صاحب جو عبدالله فقير ڪاتيار ۽ حضرت سچل سائين سان به محبت وارو رشتو رهيو. صاحب فقير کي اولاد ۾ هڪ نياڻي هئي.
صاحب فقير 90 سالن جي عمر ۾ 1872ع ڌاري وفات ڪئي