رڪ، صاحب فقير: صاحب فقير رڪ جو اصل نالو صاحبڏنو ولد بخش رُڪ هو. هن 1782ع ڌاري ڳوٺ شريف رڪ (موجودہ عثمان رڪ) تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. صاحب فقير قرآني تعليم سان گڏ ان وقت جي مروج فارسي تعليم جا بہ ڪجهہ ڪتاب پڙهيا. سندس وڏا گهوٽڪيءَ جي مشھور درگاھہ ’لوءِ صاحبان‘ جا مريد هئا. صاحب فقير بہ شروعاتي عمر ۾ لوءِ صاحبان جي بزرگن سان عقيدت رکندو هو. بعد ۾ جڏهن پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي خليفي حضرت محمد حسن شاھہ جيلانيءَ ڏهرڪيءَ ويجهو سوئي شريف واري هنڌ پنھنجي درگاھہ قائم ڪئي تہ صاحب فقير ۽ سندس ننڍو ڀاءُ، محمد حسن شاھہ جيلانيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري سندس مريد ٿيا. بيعت کانپوءِ گهڻو وقت پنھنجي مرشد وٽ سوئي شريف ۾ رهڻ لڳو.
صاحب فقير، جيلانيءَ جي وڏن خاص خليفن مان هو. سندس طريقت جو سلسلو قادري هو. پاڻ پنھنجي مرشد جي اڳيان نهايت سڪ ۽ سوز ۽ گداز سان مولود بہ چوندو هو. هن شعر و شاعري بہ ڪئي. شاعريءَ ۾ ’صاحب‘ تخلص ڪتب آندائين، ان ڪري صاحب جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس ڪلام هن وقت بہ درگاھہ پير ڳوٺ، سوئي شريف، ڀرچونڊي ۽ درگاھہ خانڳڙھہ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس ڪلام گهڻو هو، جيڪو بہ وقت قلمبند نہ ٿيڻ ڪري ضايع ٿي ويو. ان جي باوجود سندس 100 کان وڌيڪ ڪافيون درگاھہ جي فقيرن کي ياد آهن، جيڪي اڄ بہ فقراءَ وڏي سڪ سان ڳائين ٿا. انهن 100 ڪافين ۽ ٻئي ڪلام تي مشتمل مجموعو ’سوانح حيات ۽ ڪلام حضرت صاحب فقير رڪ‘ جي نالي سان سندس خاندان جي فرد استاد فقير خان محمد رڪ ’نظام‘ جي ڪوششن سان شايع ٿيو آهي. صاحب فقير جو ڪلام سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ٻولين تي مشتمل آهي.
صاحب رڪ جو پير اشرف شاھہ ڪاماري شريف وارن سان خط و ڪتابت جو رشتو هو. خط و ڪتابت ذريعي شاعريءَ جي ڏي وٺ ڪندا هئا. پير اشرف شاھہ ڪاماري وارو بزرگ جڏهن ملتان غوث بھاؤالدين زڪريا ڏانهن ويندو هو تہ هتان گذرندي صاحب فقير سان ضرور روح رهاڻ ڪندو ويندو هو. ڪاماري شريف ۾ پير اشرف شاھہ جي روضي جي ديوارن تي صاحب فقير جا شعر لکيل آهن. ان کان سواءِ فقير صاحب جو عبدالله فقير ڪاتيار ۽ حضرت سچل سائين سان بہ محبت وارو رشتو رهيو. صاحب فقير کي اولاد ۾ هڪ نياڻي هئي.
صاحب فقير 90 سالن جي عمر ۾ 1872ع ڌاري وفات ڪئي