
رڪ ريلوي اسٽيشن
رڪ1 (شھر): رڪ جو تاريخي شهر، ضلعي شڪارپور ۾ لکي غلام شاھہ کان پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هي شھر زميندار سوني خان رڪ ٻڌرايو هو. رڪ جي اتر ۾ سکر بئراج وهي ٿو، جنهن مان انگريز سرڪار ٻہ ڪئنال: رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال کوٽرايا هئا، جن جي وچ تي هي شھر آباد آهي. رڪ شھر ۾ انگريز حڪومت 1898ع ڌاري ريلوي اسٽيشن ٺهرائي. هتي رهندڙ ذاتين ۾ رُڪ، مهر، ميمڻ، نوناري، سومرا، دايا، راڄڙ، شيخ ۽ منگي شامل آهن. رڪ شھر 800 جي لڳ ڀڳ گهرن تي مشتمل آهي، جنهن جي آدمشماري 12 هزار کان وڌيڪ آهي. ڳوٺ ۾ ڇھہ مسجدون ۽ 2 پوليس چوڪيون پڻ آهن. ان کان سواءِ هتي جيڪي سرڪاري ادارا آهن، تن ۾ يونين ڪائونسل آفيس، پوسٽ آفيس، سرڪاري اسپتال، ٽيليفون ايڪسچينج، گورنمينٽ مڊل ماڊل گرلس اسڪول رُڪ، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رُڪ. هتان مشھور واھہ پڻ وهن ٿا، جن ۾ دادو ڪئنال، رائيس ڪئنال، وارھہ بئراج، مسيفي خان مائنر ۽ کير ٿر ڪئنال شامل آهن. هتان جو رُڪ ريگيوليٽر پڻ مشھور آهي، جتي وڏي رونق نظر ايندي آهي. هتي ايريگيشن ريسٽ هائوس پڻ آهي.
يو. سي رُڪ ۾: رُڪ، پير بدر، علي محمد چانگ، ملٽري فارم، نئون ڳوٺ، سهڪجي، ٺينڊا، جهلي ڪلواڙي، شاھہ قلي پور، هاليپوٽا، گل محمد هوٿي، واهڻ هوٿي، فريد شيخ جي وانڍ، ڌڻي ڏني جي وانڍ، رهاڻ خان جمالي، عالم شر، حيسب خروس، بنگل جتوئيءَ جو ڳوٺ، پير ڏنو جتوئي، حبيب ڪوٽ، ٽينڊا، ڪرم شر جو ڳوٺ ۽ وينگس جتوئي شامل آهن.
رڪ ريلوي اسٽيشن: رڪ شھر جي تاريخي ريلوي اسٽيشن جو بنياد 1898ع ۾ پيو. هن ريلوي اسٽيشن تي امر راڳي ڀڳت ڪنور رام جي شهادت جو واقعو پيش اچڻ ڪري ’رڪ‘ کي تاريخي اهميت حاصل آهي. هن اسٽيشن تي ڀڳت ڪنوررام کي جانو جلباڻيءَ نالي شخص 1 نومبر 1939ع تي شھيد ڪيو هو، جيڪو ان دور جو هڪ المياتي واقعو هو. هن اسٽيشن تي نيرن اکرن ۾ انگريزي الفابيٽ ۾ساڄي پاسي کان ‘K.S.R’ (ڪلات اسٽيشن رُڪ) مخخف طور لکيل آهي ۽ ٻئي کاٻي پاسي کان
‘I.V.S.R’ (انڊس ويلي اسٽيشن رُڪ) مخفف طور لکيل آهي. رُڪ اسٽيشن تي سنڌي فلم ’اباڻا‘ بہ فلمائي وئي هئي. رُڪ اسٽيشن جنڪشن بہ رهي آهي، جيڪا هڪ صديءَ جي تاريخ رکي ٿي. هيءَ اسٽيشن ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي وڻج واپار جو وڏو مرڪز رهي آهي. 1942ع ۾ سنڌو درياھہ جي ٻوڏ اچڻ ڪري، رُڪ اسٽيشن (جنڪشن) تباھہ ٿي وئي، جنهنڪري ان جو اهو ساڳيو اؤج نہ رهيو. هن اسٽيشن جي عمارت ۽ موجود نم جا شاهي وڻ اڄ بہ هن ماڳ جي تاريخي عظمت جي شاهدي ڏئي رهيا آهن. هن اسٽيشن جي تاريخي ماڳ هئڻ سبب هتي ڪيتريون شخصيتون اچي چڪيون آهن. هن اسٽيشن تي ڪيترا دفعا ڀڳت ڪنوررام بابت يادگار پروگرام ڪرايا ويا آهن، جن ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪري سوين ڏيئا ٻاري ڀڳت ڪنور رام کي خراج پيش پئي ڪيو آهي.