رگهورام سنت

رگهورام سنت: رگهورام ولد شري چوهڙ مل ايشرا مينگهاڻي 1889ع ڌاري شھر چڪ، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، چڪ ۾ شروعاتي ٻن درجن جي تعليم حاصل ڪري هندي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيائين. سنتن جي سنگ ۾ رچي ريٽو ٿيو ۽ ساڌو ٿيڻ کان ساڌڪ ٿي رهڻ کي وڌيڪ پسند ڪيائين. هن انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترا ڀيرا جيل ۾ بہ ويو. 1921ع ۾ ’ترڪ موالات'>تحريڪ ترڪ موالات‘ ۾ حصو ورتائين، جنهنڪري جيل ياترا بہ ڪيائين، جيل وارن ڏينهن ۾ هن روحاني علمن جو اڀياس ڪيو. کيس وطن سان بيحد پيار هو. هن 1930ع ۾ لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ واري هلچل ۾ بہ حصو ورتو، ٻيا ڪيترائي قومي ڪارڪن آزاد ٿيا، پر هن کي آزاد نہ ڪيو ويو. سرڪار کيس 1947ع تائين نظربند رکيو. سنت رگهورام سادگي پسند هو، هو کاڌيءَ جا ڪپڙا اوڍيندو هو ۽ هڪ وڳي کي ڪيترائي سال هلائيندو هو، وٽس فقط ٻہ وڳا هوندا هئا، جن ۾ هو گذارو ڪندو هو، جوئر جي ڍوڍي ۽ هڪ سبزيءَ کان سواءِ ڪو بہ کاڌو نہ کائيندو هو، چوندو هو تہ هڪڙا جيئن ٿا کاڌي لاءِ ۽ ٻيا کاڌو کائن ٿا جيئڻ لاءِ هي اڍائي روپين مان سڄي مهيني جو گذر ڪندو هو. مشھور هاري ورڪر ابو شوڪت حمزي جو ساٿاري هو. ڪيترو وقت شاهپور چاڪر ۾ رهيو. هاري حقدار تحريڪ ۾ هن تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ سماجي براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ بہ ڪوشش ڪندو رهيو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي وڃي هندستان جي شھر جئپور ۾ ۽ ڪجهہ وقت سميه سوامي ٽيئون رام آشرم، الهاس نگر ۾ رهيو. سوامي ليلا شاھہ ۽ سوامي شانتي پرڪاش سان سندس گهاٽو سنٻنڌ هو. هن کي ويدن، اُپنشدن، گيتا ۽ ٻين ڪيترن ڌرمي گرنٿن جو گهرو مطالعو هو، ويهن ورهين جي عمر ۾ گيتا سولي سنڌيءَ ۾ چوپائين ۽ ڇھہ پائين ۾ لکيائين، جيڪا لکت سندس پوين وٽ محفوظ آهي. ڊاڪٽر ديال آشا لکي ٿو تہ: ”هو صاحب گيان جو گلزار هو، سندس واڻي ٻڌي من پرسن ٿيندو هو، تياڳي بہ مهان درجي جو هو. سادگي، سيو، سچائي، حليمائي، ڀڳتي گيان ۽ اڪيچار گڻن جو مجسم هو ۽ 1981ع ڌاري وفات ڪري ويو.
سنت رگهورام هڪ سٺي سياسي ڪارڪن سان گڏ هڪ سٺو شاعر بہ هو. سندس گيت اڌويا جو ڪجهہ حصو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، جيڪو سٿتي پرگيه اٿات آدرش انسان (گيتا اڌويا 12 شلوڪ 54 کان 72) نالي پهريون ڀيرو جون 1943ع ۾ شري ڀراتري منڊل شھدادپور وارن ڇپائي پڌرو ڪيو.
رشي رگهو رام هو، سنت سچو گياني،
ڀڳتي ، ڪرم ويراڳ جي، صورت لاثاني،
ڇڏي جڳ فاني، پرڀو پورب پار ڏي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو