رگ ويد
رگ ويد: ويد هندستان جا قديم مذهبي ڪتاب آهن، اُهي ويد سنسڪرت زبان ۾ رچيا ويا آهن. ويدن کي هندو ڌرم جا مڃيندڙ الهامي ڪتاب تسليم ڪن ٿا. ويد لفظ جي معنيٰ آهي ’ڄاڻ، حڪمت يا ڏاهپ‘. اصل ۾ هي پروٽو- انڊو يورپين ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ڏسڻ‘ يا ’ڄاڻڻ‘.
ويد سنڌوءَ جي ڪناري تي مختلف زمانن ۾ مختلف ماڻهن لکيا، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُهي آريا هئا. عالمن جي چوڻ موجب ويد 1500 ق. م کان 1000 ق. م جي وچ واري عرصي جا لکيل آهن. تهذيبن جي تاريخ ۾ اهو ڪنجهي ۽ لوهه جو زمانو آهي. اهي چار ويد آهن: (1) رگ ويد، جنهن ۾ قربانيءَ جا منتر آهن؛ (2) يجر ويد، جنهن ۾ مناجاتون آهن؛ (3) سام ويد، جيڪو راڳداريءَ بابت آهي، ۽ (4) اٿر ويد، جنهن ۾ شاعري آهي. پهرين ٽن ويدن کي ’ترائيا‘ به چون ٿا. رگ ويد چئن ئي ويدن ۾ پراڻي ۾ پراڻي رچنا آهي، جنهن ۾ 1028 مناجاتون ۽ 10600 مذهبي گيت موجود آهن، جيڪي ڏهن منڊلن ۾ ورهايل آهن. هي گيت ديوتائن ۽ ديوين جي شان ۾ چيل آهن، اُنهيءَ دور ۾ مختلف قبيلن جا ڌار ڌار ديوتا ۽ ديويون هونديون هيون، جنهنڪري مختلف ديوتائن جا هن ويد ۾ ڳڻ ڳايل آهن، جيڪڏهن رگ ويد ۽ ايراني مذهبي ڪتاب ’زند اَوِسّتا‘ کي غور سان پڙهبو ته ٻنهي ڪتابن ۾ ڪيتريون هڪجهڙايون نظر اينديون. 2007ع ۾ رگ ويد کي يونيسڪو دنيا جي قديم ترين لکت طور پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.
عالمن جي هڪ ٻئي مڪتبه فڪر موجب رگ ويد جا سڀ شبد يا گيت ديوتائن کي ارپيل آهن، جن ۾ اندر ديوتا کي خاص طور ڳايو ويو آهي. عالمن جي راءِ موجب اندر ديوتا، شوِ جي مقابلي جو ديوتا مڃيو ويندو هو، جنهن تان مقامي ماڻهن ۾ جهيڙا جهڳڙا ٿيا هئا ۽ اڳتي هلي جن شوِ کي مڃيو، تن کي دراوڙ سڏيو ويو ۽ جن اندرا جي پوڄا ڪئي، تن کي آريا سڏيو ويو. آرين ۽ اڻ آرين جي ورڇ انهن ديوتائن جي ڪري ٿي هئي، آريا ڪي ٻاهران آيل لوڪ نه هئا. ان کان سواءِ رگ ويد ۾ ڪن ديوين ۽ ديوتائن جو ذڪر ٿيل آهي. جن ۾ ورترا (Vertra) ۽ اگني (Agni) خاص آهن. ان کان سواءِ باهه جي پوڄا ۽ سوما ٻوٽي کي گهوٽي سوم رس پيئڻ به مذهبي رسمون هيون، جنهن کان پوءِ ئي قربانيءَ جي رسم ادا ڪرڻ جو ڏس ڏنو ويو آهي. رگ ويد ۾ اديتيا (Adityas) يا اسور (Asura)، متر وروڻا (Mitravaruna)، سويتر (Savitra)، وشنو (Vishnu)، رُودر (Rudra)، پُشن (Pushan)، برهسپتي (Brihaspati) يا برهمنسپتي(Brahmanaspati) وغيره ديوتائن ۽ ديوين جا ڀڄنن ۾ نالا ملن ٿا. ڪي ديوتا اهڙا به ملن ٿا، جن جو واسطو فطرت سان آهي، جن ۾ ديوس پتا شامل آهي، جيڪو چمڪندڙ آسمان ۽ جنت جو ديوتا آهي، پرٿوي: ڌرتي ماتا، سوريا: سج ديوتا، وايو يا واتا: هوا، اپاس: پاڻي، پوجنيا: گجگوڙ ۽ وڄ وغيره جا ديوتا آهن. ان کان سواءِ ڪيترن درياهن ۽ ندين جو ذڪر به رگ ويد ۾ موجود آهي، جن ۾ سپت سنڌو ۽ سرسوتيءَ جو ذڪر خاص طور ٿيل آهي. رگ ويد ۾ ڪل 33 ديوتائن جو ذڪر موجود آهي.
رگ ويد جي گيتن ۾ ڪيترن ديوتائن، ماڻهن، جاين ۽ واقعن جو ذڪر موجود آهي. اصل ۾ هي ويد، آرين ۽ انڊو آرين جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙن جهٽن ۽ دشمنين جي ڪٿا آهن. هونئن ته ڪيترن هنڌان رگ ويد جو جيڪو مسودو مليو آهي، اهو برهمي لپيءَ ۾ لکيل آهي. پر 19 صديءَ ۾ ويدن کي ديوناگري لپيءَ ۾ لکيو ويو. رگ ويد کي ڏهن منڊلن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:
منڊل پهريون: هن منڊل ۾ ڪل 191 ڀڄن آهن، جيڪي اگني ۽ رودرا ديويءَ جي شان ۾ چيل آهن، پر هن جي پهرئين ڀڄن (1:1) ۾ اگني ديوتا جي مناجات سان شروعات ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ ورڻ، متر، ميرتس، اُساس، سوريه، رڀس، رُودر، وايو، ڌرتي ماتا، سرڳ ۽ ڪن ٻين ديوتائن جي شان ۾ به ڀڄن ملن ٿا. هن ۾ 2006 منتر آهن.
منڊل ٻيو: هن منڊل ۾ ڪل 43 مناجاتون/ ڀڄن آهن، جيڪي اندرا ۽ اگني ديويءَ ڏانهن منسوب آهن. هن ۾ 429 منتر آهن.
منڊل ٽيون: هن منڊل ۾ ڪل 62 ڀڄن آهن، جيڪي اگني، اندرا ۽ وشويداس ڏانهن منسوب آهن. هن منڊل ۾ ڏنل گاوتري منتر هندو ڌرم ۾ خاص اهميت رکي ٿو. هن ۾ 617 منتر آهن.
منڊل چوٿون: هن منڊل ۾ 58 ڀڄن چيل آهن، جيڪي اگني، اندرا، رڀس، اشونس (Ashvins)، برهاسپتي، وايو، اُساس وغيره ڏانهن منسوب آهن. هن جا منڊل وماديوا گوتم جا رچيل آهن. هن ۾ 589 منتر آهن.
منڊل پنجون: هن منڊل ۾ ڪل 87 ڀڄن آهن، جيڪي اندر ۽ اگني ديوتائن ڏانهن خاص ۽ ٻين ديوتائن ڏانهن عام طور منسوب آهن. هي اَتري بيلي جا رچيل آهن. هن ۾ 727 منتر آهن.
منڊل ڇهون: هن منڊل ۾ ڪل 75 ڀڄن آهن، جيڪي اندر ۽ اگني ديوتائن ڏانهن منسوب آهن. هن ۾ 765 منتر آهن.
منڊل ستون: هن ۾ ڪل 104 ڀڄن آهن، جيڪي اندر ۽ اگني ديوتائن ڏانهن منسوب ڪيل آهن. ڪن ٻين ديوتائن جو ذڪر به موجود آهي. هي ڀڄن واسيسٿا ميترا ورونيءَ جا رچيل آهن. هن ۾ 841 منتر آهن.
منڊل اٺون: هن منڊل ۾ ڪل 103 ڀڄن آهن، جن مان 8.48 کان 8.59 تائين جا ڀڄن مشڪوڪ آهن، جڏهن ته 1 کان 48 ۽ 60 کان 66 نمبرن وارا ڀڄن ڪانوا (Canva) نالي ڪنهن شاعر جا رچيل آهن، جڏهن ته باقي ڀڄن ڪن ٻين شاعرن جا آهن. هن ۾ 1716 منتر آهن.
منڊل نائون: هن منڊل ۾ 114 ڀڄن چيل آهن، جن ۾ قربانيءَ جي رسمن ۾ سوم رس جي رسم به اچي وڃي ٿي. هي سڄو منڊل قربانيءَ جي رسمن بابت چيل آهي، جيڪي ويدڪ مذهب ۾ مروج هيون. هن ۾ 1108 منتر آهن.
ڏهون منڊل: هن منڊل ۾ ڪل 191 ڀڄن آهن، جن جي ٻوليءَ مان لڳي ٿو ته اهي پوءِ جي دؤر جا چيل آهن، اهي ڀڄن هندو مذهب ۽ هندو تهذيب بابت آهن. هن ۾ شاديءَ جي رسمن، ڪرياڪرم جي رسمن، ٻار ڄمڻ جي رسمن بابت ڀڄن ملن ٿا، جيڪي رسمون اڄ به هندو ڌرم ۾ ساڳيءَ ريت ادا ڪيون وڃن ٿيون. هن ۾ 1754 منتر آهن.
چيو وڃي ٿو ته رگ ويد جي رچنا وارو دؤر سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ موهن جي دڙي جي خاتمي کان پوءِ جيڪا ’آريا‘ قوم سنڌ اندر نمودار ٿي، ان جا لکيل آهن، جنهن جو ڪو صحيح دؤر مقرر نه ٿي سگهيو آهي. آريا ٻاهران آيا، يا هتي جو ئي ڪو مراعت يافته طبقو هو، ان تي عالمن جا اختلاف موجود آهن. ويدن جي لکجڻ بابت به عالمن ۾ اختلاف آهي. ڪن عالمن جو رايو آهي ته سنڌو تهذيب جي خاتمي جو دؤر 1300 ق. م آهي، پر ڪيترا مشرقي عالم انهي راءِ کي رد ڪندي، نه آرين جي ٻاهران اچڻ کي مڃين ٿا ۽ نه ئي وري ان ڄاڻايل دؤر کي مڃين ٿا. سندن چوڻ آهي ته رگ ويد 2000 ق. م جو لکيل آهي، عام طور به رگ ويد کي 2000 ق. م جي لکت مڃيو ويو آهي، پر هن جي رچجڻ جا اهڃاڻ، ويندي 1400 ق. م تائين ملن ٿا. انڊو آريائي لکتن ۾ هن کي قديم ترين لکت ڪري مڃيو ويو آهي. رگ ويد ۾ اوائلي هندو مذهب جا سڀ مرحلا موجود آهن. هندستان ۾ رگ ويد جو لکيل روپ ٽين صديءَ ق. م ڌاري برهمي لپيءَ ۾ مليو آهي، پر اهو اڻپورو هو، جيڪو پوءِ سنسڪرتي عالم 14 صدي عيسويءَ تائين لکندا ۽ مڪمل ڪندا رهيا. رگ ويد جي قديم قلمي لکت، کجين جي ڦرهن تي ملي آهي، جيڪا وچئين تاريخي دؤر جي آهي.
’ڀنڊارڪر اورينٽل ريسرچ انسٽيٽيوٽ، پوني‘ ۾ رگ ويد جا 30 قلمي نسخا موجود آهن، جيڪي 19 صدي عيسويءَ ۾ جارج بوهلر، فرانز، ڪيلهران ۽ ٻين عالمن ڪشمير، گجرات، سنڌ، راجسٿان ۽ هندستان جي مختلف علائقن مان ڳولي، هٿ ڪري، ڊيڪن ڪاليج پوني ۾ گڏ ڪري رکيا هئا. اهي ٽيهه ئي نسخا شاردا ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل آهن. سڀني کان پراڻي نسخي تي 1464 جو سن لکيل آهي. اهي ٽيهه نسخا مڪمل نه آهن. انهن ۾ صرف 5 نسخا مڪمل صورت ۾ موجود آهن.
هيٺ رگويد جو هڪ شلوڪ ترجمي سان پيش ڪجي ٿو:
इन सब (मनुष्यों) का चिन्तन मनन हो समान,
इनकी समिति और सभा हो समान।
इनके चित, मन हों संयुक्त सर्वदा
इनके उद्देश्य भी एक हों सदा।
इनके उद्गार और आचार हों समान
इनके विचार और व्यवहार हों समान।
हे मनुष्यो!
मैं (ईश्वर) तुम्हें समान विचारों से
करता हूं संस्कारित सुजान।
मैं तुम्हें समान आहुति से,
समान अर्पण, समान तर्पण से,
करता हूं संयुक्त बुद्धिमान।
ऋग्वेद १०/१११/३
”انهن سڀني (انسانن) جي سوچ ۽ فڪر هڪجھڙي هجي
انهن سڀني جي تخيُل جي پرواز به هڪ هجي
انهن جو رخ نه بدلجندڙ ساڳئي ئي طرف ۾ هجي
انهن جي نيت به هڪجھڙي ئي هجي سدا
سندن رسم ۽ رواج به سڀ هڪ ئي هجن
سندن سوچ ۽ سلوڪ به ساڳيو ئي هجي
اي انسانو!
مان (خدا) اوهان کي اعليٰ اخلاقن لاءِ
ڪريان ٿو سجاڳ
مان توهان کي وڏي درد سان
چونڊيان ٿو،
۽ ڪريان ٿو عطا اتحاد.“ (رگ ويد: 10/ 111/ 3)
رگ ويد جي مختلف منڊلن ۾ سنڌ ۽ سنڌو نديءَ جو ذڪر ملي ٿو، مثال طور:
”سنڌ!
گهوڙن ۾ شاهوڪار، رَٿن ۾ شاهوڪار،
ڪپڙن ۾ شاهوڪار، سهڻن ڳهڻن ۾ شاهوڪار،
کاڌي پيتي ۾ شاهوڪار ۽ سدا تازيءَ اُن ۾ شاهوڪار آهي
ڀاڳوند سنڌوءَ جا ماکي ڏيندڙ ڪنارا آهن گلن سان سينگاريل.“
”اي سنڌو! جڏهن تون ميدان مان وَهين ٿي،
ته بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي.
تنهنجو پاڻي اُتم آهي.
اي سنڌو! تنهنجي سونهن پڻ نؤورني ڪنوار وانگر آهي.
تون سدائين جوان ۽ سهڻي آهين!“
”سنڌوءَ جي گڙگاٽ، ڌرتيءَ تان اُٿي ٿي، اُها آسمان ڀريو ڇڏي!
سنڌو نهايت زور سان وهي ٿي ۽ مُنهن مڻيادار اٿس (نهايت سهڻي آهي)، سندس پاڻيءَ جي آواز مان، ائين پيو ڀانئجي،
ڄڻ مِينهَن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪري پيون وسن.
اِجها سنڌو، ڍڳيءَ وانگر رنڀندي پئي اچي....“
”سنڌو! اجيت آهي، سا سڌي وهي ٿي.
سندس ورڻ يا رنگ اڇو آهي.
سنڌو؛ وڏي نديءَ جي پاڻيءَ ۾ تِک گهڻي آهي،
۽ چئني پاسي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ٿي. جيڪي به متحرڪ يا چرندڙ شيون آهن، سي اهڙيون تيز رفتار نه آهن، جهڙي سنڌو آهي!“