
رڻ ڪڇ

رڻ ڪڇ
رڻ ڪڇ: آڳاٽي دؤر ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ راجپوتا جا ڪجهہ حصا سمنڊ هيٺ هئا ۽ ڪڇ وارو رڻ، کنڀات واري نار سان ڳنڍيل هو. مهاڀارت واري زماني کانپوءِ سمنڊ گهٽجڻ/ لھڻ لڳو ۽ اتي هڪڙو رڻ بڻجي پيو. ڪجهہ شاهديون اِهي بہ آهن تہ ڌرتيءَ جي هڪ وڏي زلزلي سبب سمنڊ جو پاڻي هٽي ويو ۽ زمين مٿي چڙهي آئي. قدرتي تبديلين سبب ڌرتيءَ جي گولي تي اڪثر ڦيرڦار ۽ بدلاءَ ايندا رهيا آهن، جنهنڪري دنيا جا ڪيترائي نقشا تبديل ٿيا آهن. تاريخ جون شاهديون آهن تہ عيسوي سن کان ٽي سوا ٽي سؤ سال اڳ ۾ جڏهن سڪندراعظم سنڌ مان پئي گذريو تہ اتي سمنڊ جو پاڻي ڇوليون هڻي رهيو هو. 60 عيسوي صديءَ ۾ هڪ يوناني سياح پنھنجي ڪتاب ۾ Periplus of Erytherean Sea پڻ ذڪر ڪيو آهي تہ هو جڏهن سنڌ مان گذريو هو تہ ڪڇ واري علائقي ۾ سامونڊي پاڻي هو. ريڪلس پڻ ذڪر ڪيو آهي تہ چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ڪڇ واري علائقي ۾ پاڻي هو. ڪاٺياواڙي ڪنوار ’جاسل‘ کي جڏهن سنڌ جي همير سومري ستايو هو، تڏهن هن پنھنجي ڌرم ڀاءُ نوگهڻ راءِ کي، جيڪو ان وقت جهوناڳڙھہ جو راجا هو، سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو، انهيءَ خط متعلق هڪڙي سنڌي ڳاھہ آهي تہ:
سورٺ سٿر تالو پيو، رتن آيا وير،
سنڌ ۾ روڪي سومري، هلڻ ڏي نہ همير.
ان کانپوءِ نوگهڻ راءِ سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ سنڀري آيو، پر سندس لشڪر ڪڇ جي رڻ وارو اٿاھہ سمنڊ ڏسي بيهي رهيو ۽ ڪاهڻ لاءِ سنڌ اچي نہ سگهيو. سلطان محمود غزنوي جڏهن 1024ع ۾ سومناٿ فتح ڪرڻ لاءِ آيو پئي تہ هر ڪنهن کيس اهو ئي چيو ۽ خوف ڏنو تہ ڪڇ جي رڻ واريون سامونڊي لهرون تنھنجي لشڪر کي لوڙهي وينديون. 1360ع ۾ سلطان فيروز شاھہ جي لشڪر ڪيتريون راتيون ڪڇ واري رڻ ۾ گذاريون، ان وقت اتي ڪٿي بہ پاڻي ڪو نہ هو، جنهن مان ظاهر آهي تہ ان کان ڪجهہ وقت اڳ ۾ اهو سمورو پاڻي سُڪو آهي، تنهن هوندي بہ ڪن خاص ٽڪرن ۾ چڱو خاصو پاڻي موجود هو.
ڪڇ تہ سنڌ جي بغل ۾ هو، تنهن ڪري سنڌ وارا ان کي ’ڪڇ‘ ڪري ڪوٺيندا هئا، جنهنڪري گهڻو پوءِ اهو ئي نالو مشھور ٿي ويو. سنڌ جو مشھور قبيلو ’ڪاٺي‘ سنڌ مان لڏي ڪڇ ۾ آباد ٿيو. لاکي ڦلاڻيءَ کي مارڻ ۾ ان قبيلي جو وڏو هٿ هو. انهيءَ ڊپ کان هنن ڪڇ ڇڏيو ۽ هڪ ويران علائقو وڃي وسايو جيڪو پوءِ سندس قبيلي پٺيان ’ڪاٺياواڙ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. نائين صدي عيسيويءَ ۾ سنڌ جي سمن جي هڪ وڏي جماعت سنڌ مان وڃي ڪڇ تي وڏو عرصو شان ۽ شوڪت سان راڄ ڪيو. اهي سما جاڙيجا سڏبا آهن.
ڪڇ جي رڻ جا ٻہ مکيہ حصا آهن:
(1) وڏو رڻ
(2) ننڍو رڻ
ننڍي رڻ وارو حصو هندستان جي حدن ۾ آهي ۽ گهڻي ڀاڱي هندستان جي رياست گجرات ۾ اچي ٿو. سنڌ واري وڏي رڻ جو گهڻو حصو اڳي آباد هو، پر ان کي ننڍي رڻ ۽ ڪوري نار جي کاري پاڻيءَ تباھہ ڪيو. اهو کارو پاڻي ڪلهوڙن جي دؤر کان ڏاکڻي حصي کي تباھہ ڪرڻ لڳو. سانوڻيءَ جي موسم ۾ ڏاکڻين هوائن سبب سمنڊ جو کارو پاڻي ڏکڻ اولھہ کان اوڀر اتر طرف وڌندو آهي ۽ هر سال ٻہ چار ڳوٺ تباھہ ڪري ڇڏيندو آهي. ائين رڻ جي پکيڙ ۾ اضافو ٿيندو رهندو آهي. هر سال پنج يا ڇھہ ميل ان کاري پاڻيءَ هيٺ ايندا آهن. ڪڇ جي رڻ جو وڏو ۽ آباد ڳوٺ شيخ پير قرهيو ڀانڊاري هو، جيڪو 1942ع ۾ کاري پاڻيءَ هيٺ اچي تباھہ ٿي ويو. سري (شروع) جيڪا اصل رڻ شمار ٿئي ٿي، سا سراسري پکيڙ ۾ ٻہ ميل آهي. باقي سڀ آبادي اها آهي، جيڪا سنڌ جي آبادي هئي.
ڪڇ جو رڻ، قرهيي ڀانڊاريءَ کان 48 ميل، شيخاڻي گهاڙي کان 28 ميل، ماري کان 35 ميل، رحمڪي بازار کان 28 ميل، ونگڙ کان 42 ميل، ٻلياريءَ کان 48 ميل، ونگيءَ کان 32 ميل ۽ ننگرپارڪر کان 40 ميل آهي. ڪڇ ۽ سنڌ کي هينئر وڏو رڻ ڌار ڪري ٿو، پر اڳي سنڌ ۽ ڪڇ ۾ وچ واري وڇوٽي رڳو ’ڪوري ندي‘ هئي. ڪڇ وارو نار 623ھہ/ 1226ع ۾ مڪمل طور خشڪ ٿي ويو. ٻارهين ۽ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ سموريءَ دنيا جي موسم خشڪ ٿيڻ بہ ان نار جي خشڪيءَ جو سبب آهي. ان عالمي خشڪيءَ واري موسم سبب مرڪزي ايشيا ۾ منگولن جي لڏپلاڻ ٿي. جاگرافيءَ جي اڀياس موجب ڪڇ، سنڌ ۽ گجرات کي ڳنڍيندڙ علائقو رهيو آهي. ڪڇ جي الهندي گهاٽن (Gates) وارو علائقو ساڳ جي ٻيلن سان ڀريل آهي ۽ ساڻس لڳو لڳ گجرات جي جاگرافيائي بيهڪ بہ اپٻيٽ جهڙي آهي، جنهن جي اتر ۽ اوڀر طرف اراولي جابلو سلسلو آهي؛ اولھہ کان ڪڇ جو نار (Gulf of Katch) ۽ اوڀر کان کنڀات وارو نار (Gulf of Khambhat) ۽ ڏکڻ اولھہ کان سمنڊ ڦريو بيٺو آهي، جيڪو هن علائقي کي ڏسڻ ۾ هندستان کان ڌار ڪيو بيٺو آهي. جيالاجيءَ جي علم موجب ڪڇ ۾ موجود ٻرندڙ جبلن جي ڏاکڻي پٽي (Deccanterp) ڪوڙڪي جهڙي شڪل جوڙي هن علائقي کي اپٻيٽ (Peninsula) بڻائي ٿي. ڪڇ وارن انهن جبلن کي ’ڪارا ڏونگر‘ چيو ويندو آهي. ڪڇ جو رڻ، ٺٽي ضلعي جي اوڀر کان بدين ضلعي جي ڏکڻ کان ٿيندو، ٿرپارڪر کان ٿيندو وڃي ڪڇ سان ملي ٿو. ڪڇ جي رڻ جي هم چورس پکيڙ 7616 ميل آهي.
جيمس ٽاڊ جي ڪتاب ’تاريخ راجستان‘ ۾ ان جي ڊيگهہ 150 ميل ۽ ويڪر ڀُڄ کان ٻلهياريءَ تائين 70 ميل ڄاڻايل آهي، جيڪا جملي پکيڙ ست هزار ميل آهي. ڪڇ جو رڻ، قديم زماني ۾ اڀرندي ناري وسيلي آباد ٿيندو هو، اهو اڀرندو نارو/ هاڪڙو، جيڪو قديم سنڌ (سنڌو سؤوير) جي آبپاشي نظام جو هڪ اڻ ٽٽ حصو هو. ناري کي سرسوتيءَ ۽ چتانگ (Chutang) سان گڏ سنڌو نديءَ مان بہ ڪجهہ پاڻي ملندو هو.
ڪنهن دؤر ۾ هتي آباديون ۽ وسنديون هيون. زرعي زمينون، ڍنڍون ۽ ڍورا هوندا هئا ۽ اتي ماڻهو وسندا هئا. بادشاهيون قائم هيون ۽ ڪيتريون ئي جنگيون پڻ لڳيون. اڳي ڪڇ جي رڻ کي هاڪڙو، پُراڻ ۽ پٽيهل درياھہ آباد ڪندا هئا، ڪوري نئن انهن درياهن جي آڌار تي پُر ٿي وهندي هئي، جنهنڪري ڳپل پاڻي ڪڇ کي بہ ملي ويندو هو. انهيءَ علائقي ۾ پاتال، راوڙ، وڳھہ ڪوٽ، ڪانجهي ڪوٽ، روپـامـاڙي، چنيسر ڪوٽ، مانجهي ڪوٽ، گجر ڪوٽ ۽ ٻيا ڪيترا شھر آباد هئا. انهيءَ مـلـڪ ۾ اڳي مـرد مٿيـر ۽ سورهيه شير بہ رهندا هئا، جــن جـو تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو، جن ۾ ڏيوو ڄام، ڏيسر ڄام، هالو ڄام، دائود ڄام، پنرو بڊاماڻي، دودو چنيسر، ڀونگر، ابن سومار، عمر، راڻو ۽ ٻيا ڪيترائي جوڌا مشھور آهن.
سنڌ ۽ ڪڇ جي ڌرتيءَ تي عشق محبت جا ڪيترائي قصا ۽ داستان مشھور ٿيا، جن سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ورثي ۾ اضافو ڪيو، تن ۾ ليلان چنيسر، دودو چنيسر، دودو ۽ ابڙو، ڄام جرار ۽ بوبنا، اڍو ڪيهر ۽ هوٿل پدمڻي ۽ ٻيا مشھور آهن. ڪڇ جي رهڻي ڪهڻي قصن ۽ داستانن کي مرکان شيخڻ، شاھہ عنايت رضوي، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، شيخ ﷲ بچايي، حاجي احمد ملاح، شيخ سومار ۽ ٻين ڪيترن پنھنجي ڪلام ۽ تحقيق جي زينت بڻايو آهي.
سنڌ ۽ ڪڇ جا پاڻ ۾ جاگرافيائي، ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي ايڪي ۽ ڳانڍاپي جا ٽي دؤر رهيا آهن:
1. جاگرافيائي ۽ ثقافتي لاڳاپن جو دؤر:
هي دؤر 8000 ق. م کان شروع ٿي سن 623 ھہ/ 1226ع تي پڄاڻيءَ تي پهتو، انهيءَ پهرئين دؤر ۾ ڪڇ هڪڙو ٻيٽ هو ۽ ان جا سنڌ سان پاڻيءَ ذريعي بھترين رستا هئا. ان دؤر ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جاگرافيائي طور هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ضرورو هئا، پر هڪ ملڪ نہ هئا.
2. سياسي لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن جو دؤر:
هي دؤر سن 623ھہ/1226ع کان شروع ٿي 1009ھہ/1600ع تي ختم ٿيو. انهيءَ دؤر ۾ سنڌ ۽ ڪڇ تي ساڳيا قبيلا حڪومت ڪندا هئا، پر انهن قبيلن مان هڪ گروھہ هندو هو تہ ٻيو گروھہ اسلام قبول ڪري چڪو هو. باوجود ان جي هي قبيلا پاڻ ۾ سٺا تعلقات رکندا هئا.
3. اقتصادي تعلقات جو دؤر: دؤر 1009ھہ/1600ع کان 1080ھہ/ 1960ع تائين قائم رهيو. هي دؤر گڏيل چراگاهن جي استعمال جو دؤر آهي. جڏهن سنڌي (لاڙي، ٿري، ڪوهستاني) ۽ ڪڇي ڏڪر وارين حالتن ۾ هتي لڏا لاهيندا هئا.
صدين کان ڪڇ جا ملاح، جهازران ۽ ڦورو مشھور آهن. سن 1702ع ۾ جيڪو پهريون جھاز ننڍي کنڊ کان انگلنڊ پهتو هو، سو ڪڇين ڪنهن بہ مدد کانسواءِ ٺاهيو هو. (وڌيڪ ڏسو: ڪڇ)