
زئونرڪ
زئونرڪ: زئونرڪ ٻيڙيءَ جو هڪ قسم آهي. هن قسم جي ٻيڙي پنجاب جا مهاڻا شوق سان هلائيندا رهيا آهن، زئونرڪ ٻيڙيءَ جا مهرا وڌيل هوندا آهن. ان جي اڏي تي کوهو بيهاربو آهي. هن کي بہ ساڳيا لاڄو، تاليا، پوٺي ۽ رسا ٿيندا آهن. زئونرڪ پنجاب جي مهاڻن لاءِ ڪؤنتل ٻيڙيءَ جي برابر آهي. زئونرڪ تي پاتاري يا ورڙا ڪونه ٿين. ڪھل يا ڪيل قبيلي جا ماڻهو پنجاب جي ٻيڙين جا ملاح آهن. ڪهلن يا ڪيلن جو بنيادي علائقو ٿل ڪئنال ۽ سنڌو درياھہ جي وچ وارو پاسو آهي. اهو علائقو ضلعي ميانواليءَ ۾ آهي.