زاد السفينة لسالڪي المدينة (ڪتاب): هي فارسي ڪتاب سنڌ جي نامياري عالم، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ مڪي ۽ مديني جي مختلف نالن جو ذڪر آهي. انهن مان ڪجهہ نالا قرآن شريف ۾، ڪجهہ حديثن ۾ ۽ ڪي اصحابن ۽ تابعين جي آثارن ۾ بيان ڪيل آهن. معتبر ڪتابن ۾ انهن نالن جي معنيٰ بہ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب ۾مديني جا فضائل، خاصيتون ۽ اوائلي رهاڪن جو احوال بہ آهي. هي چئن فصلن تي مشتمل ڪتاب 1133ھہ/1720ع ۾ لکيو ويو. پهرئين فصل ۾ مديني شھر جون چاليھہ خاصيتون، ڀلايون ۽ برڪتون بيان ٿيل آهن. فصل جي آخر ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، حضرت ابن عباس رضہ جي روايت بيان ڪندي لکيو آهي تہ ”جيڪي ماڻهو سڀ کان پهرين مديني اچي آباد ٿيا، کجيون پوکيائون ۽ گهر جوڙيائون سي عماليق هئا، جيڪي عملاق بن ارفخشد بن سام بن نوحعه جو اولاد هئا.“ ان کانپوءِ مديني جي نالن سان گڏ، مديني جي هڪ سؤ سالن جي فهرست ڏني وئي آهي گڏوگڏ نالن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي بہ شامل آهي. هن ڪتاب ۾ مديني جي نالن کانپوءِ مڪي جي نالن جي فضيلت بہ بيان ٿيل آهي، مخدوم هن ڪتاب جي آخري فصل ۾ عربي قصيدا شامل ڏنا آهن، جن ۾ رسول پاڪصه جو شان ۽ ساڻن عقيدتمندي بيان ٿيل آهي. هي عربي قصيدا ابو محمد عبدالله بن ابي عمران بسڪري ۽ امام عبدالله نويسيءَ جا چيل آهن. 45 صفحن وارو هي ڪتاب (جنهن جا 32 صفحا فارسي نثر ۾، 13 صفحا عربي نظم ۾ آهن) 29 جمادي الاخر 1382ھہ/28 نومبر 1962ع تي محمود الزطي ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جا قلمي نسخا، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، نيشنل ميوزيم ڪراچي، قاضي محمد موسى سونڊائي ۽ عبدالله گندري جي ڪتب خانن ۾ موجود آهن.