زاريات سورة: قرآن مجيد جي هيءَ ايڪونجانهين سورة آهي، هن سورة ۾ ٽي رڪوع ۽ سٺ آيتون آهن. هيءَ سورة مڪي شريف ۾ نازل ٿي. ’زاريات‘ انهن هوائن کي چيو وڃي ٿو، جيڪي ٻجن کي اڏائي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائينديون آهن. هن سورة جي شروع ۾ اها ڳالھہ ٻڌائي وئي آهي تہ حق جي ڦهلاءَ کي مخالف هوائون روڪي نہ ٿيون سگهن. هن سورة جو گهڻو حصو آخرت جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو آهي تہ نبين سڳورن جي حق جي دعوت کي نہ مڃڻ ۽ پنهنجن فاسد نظرين تي چهٽيو رهڻ، خود سندن تباهيءَ جو ڪارڻ آهي.
سورة زاريات جي آخر ۾ توحيد جي دعوت ڏيندي چيل آهي تہ توهان جي رب توهان کي ٻين جي بندگيءَ لاءِ نہ پر پنھنجي بندگيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ اهو ئي اڪيلو توهان جو رازق آهي. انهيءَ ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ماڻهو پنهنجن نبين جو مقابلو ڪنهن معقول بنياد ۽ حق تي نہ ٿا ڪن، بـلـڪـه پـنـهنجي اجائي ضد ۽ هٺ ڌرميءَ جي بنياد تي ڪن ٿا. گڏوگڏ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم کي فرمايو ويو آهي تہ اوهان انهن جاهلن ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، پنھنجي حق جي دعوت کي جاري رکو.