زاريون (شاعري جي صنف): ’ماتمي زاري‘ مرثيي ۽ نوحي مان اُسريل هڪ صنف آهي، جنهن جو تاثر ۽ انداز مرثيي ۽ نوحي کان مختلف آهي. هي زاريون محرم مهيني جي ماتمي جلوسن ۾ چيون وينديون آهن. انهن جو سنڌ جي ادبي تاريخ ۽ تذڪرن ۾ ذڪر نٿو ملي. زاري دهل جي ماتم تي ’ڊڍ‘ جي بلمت رفتار سان، ساڄو هٿ سيني تي ماتم جي انداز ۾ هڻندي هوريان هوريان گريي جي انداز ۾ چئبي آهي. جڏهن زاريءَ جو ٿلهه يا مصرع پوري ٿيندي آهي ته وراڻي، شرناءِ جي درد انگيز آلاپ سان ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيندي آهي. موضوعاتي خيال سان زارين ۾ ڪربلا جي واقعي جي مصائب کي روئڻهارڪي انداز ۾ بيان ڪيو ويو ويندو آهي. ان جو انداز، ڪنهن شهيد ڳڀرو يا ابهم ٻار لاءِ ماءُ ۽ عزيزن جي پارن ۽ سڏڪن جو حقيقي منظر وانگر هوندو آهي. هنن ماتمي زارين ۾ ’هاءِ! هاءِ!‘ جا لفظ ڏک جو سگهارون تاثر بيان ڪن ٿا. روهڙيءَ ۾ محرم الحرام جي ماتمي جلوسن ۾ اهڙيون ماتمي زاريون عام چيون وينديون آهن. هن وقت سنڌي شاعريءَ ۾ هن صنف تي گهٽ طبع آزمائي ڪئي وڃي ٿي. مختلف وقتن تي چيل اٽڪل 100 زاريون ميسر آهن. قديم مرثين ۽ سلامن نوحن جي بياضن ۾ به زاريون ملن ٿيون. اهي زاريون سنڌي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ ڌار ڌار به ملن ٿيون ته ڪن ۾ سنڌي، سرائيڪي ۽ اردوءَ جو گڏيل استعمال به موجود آهي. هي ماتمي زاريون گمنام شاعرن جون آهن. هي ماتمي زاريون، مک راڳن: کماچ، ڀوپالي، جوڳ، ملتاني، تلنگ، تلڪ ڪاموڏ، جئه جئه ونتي، ديس، ڀيرو، اڙانه بهار، لوڙائو ۽ ڀيروي وغيره سان منسلڪ هئڻ جي باوجود انهن جو مزاج، سڌو سنئون راڳ ۽ عام موسيقيءَ جي ذمري ۾ نٿو اچي ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته هنن ماتمي زارين جا تخليقڪار وقت جا وڏا ڪلاڪار ۽ راڳ جا ماهر هئا.