زاهده تاج ابڙو

زاهده تاج ابڙو

زاهده تاج ابڙو

زاهده تاج ابڙو: شاعره، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن زاهده تاج 29 مئي 1970ع تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جج هو، جنهن جي بدلي جي ڪري پرائمري تعليم مختلف شهرن ۾ حاصل ڪيائين، جن ۾ حيدرآباد، سکر، نوابشاھہ ۽ جيڪب آباد وغيرہ شامل آهن. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور مان 1984ع ۾ ڪيائين. انٽر زبيدہ ڪاليج حيدرآباد مان جڏهن تہ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي.
لکڻ جي شروعات پنجين درجي ۾ پڙهڻ دوران ڪيائين، شروع ۾ هڪ ڪهاڻي لکيائين. پاڻ شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ڪالم نگار آهي. سندس شاعري، ڪهاڻيون ۽ ڪالم عبرت، ڪاوش، سوڀ، عبرت مئگزين، سوجهري، سرتيون، اخبار جھان ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. پاڻ ڪافي عرصي کان مهراڻ ٽي.وي تي عورتن جي پروگرام ’بنت حوا‘ جي ميزبان جون ذميواريون بہ نڀائي رهي آهي. ان کانسواءِ مختلف سماجي تنظيمن سان پڻ رضاڪاراڻي نموني سهڪار ڪري ٿي جن ۾ ٻارن جي تنظيم S.P.A.R.C ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن.
سندس خدمتن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ مهراڻ ٽي.وي پاران ’بيسٽ اينڪر اوارڊ‘ شامل آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ڏينهن جو ڏٺل خوابڇپائي جي مرحلي ۾ آهي.


لفظ زاهده تاج ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.05.29  عيسوي

شاعره، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن زاهده تاج 29 مئي 1970ع تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرسو جي گدواڻي ڊاڪٽر
زرداري محمد خان
داد محمد خادم بروهي ڊاڪٽر
راج ڏاسواڻي
حميد ابڙو
قادر بخش مخلص چانڊيو
شاھہ محمد گاڏهي
انتظار حسين ڇلڳري
شوڪت صديقي
چانڊيو امير احمد ’امير‘
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون