زاهده پروين

زاهده پروين

زاهده پروين

زاهده پروين (ملڪہ ڪافي): نامور فنڪار زاهده پروين هندستان جي شھر امرتسر ۾ 1925ع ڌاري جنم ورتو. کيس گهر ۾ پيار مان شيرو سڏيندا هئا. هن موسيقيءَ جي ابتدائي تعليم بابا تاج ڪپور ٿله (سارنگي نواز) کان حاصل ڪئي، بعد ۾ امرتسر جي استاد حسين بخش خان جي شاگردي اختيار ڪيائين. پٽيالا گهراڻي جي مايہ ناز فنڪار استاد عاشق علي خان جي بہ شاگردياڻي رهي. استاد جي وفات کانپوءِ سندس سکيا جو سلسلو ختم ٿي ويو. سندس وڏي ڀيڻ پيران دتي بہ سريلي فنڪار هئي. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ سندس خاندان امرتسر ڇڏي لاهور ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي نسيم بيگم ۽ فريده خانم سان ويجهڙائي ٿيس. زاهده پروين جي مادري زبان جيتوڻيڪ امرتسري پنجابي هئي، پر کيس سرائيڪي ڳائڻ ۾ بہ مهارت حاصل هئي. هوءَ خيال، ٺمري، دادرو، غزل ۽ گيت خوب ڳائيندي هئي، پر سندس شھرت ڪافي ڳائڻ سبب ٿي ۽ کيس ملڪهء ڪافي سڏيو ويو. زاهده پروين صوفي شاعر خواجہ غلام فريد جي وڏي عقيدت مند هئي، کيس خواجہ فريد جو اڪثر ڪلام ياد هو، اڪثر خواجہ جي درگاھہ تي حاضري ڀريندي هئي. قلندر لعل شھباز سان بہ گهڻي عقيدت هئس. سيوهڻ ۾ حاضريءَ جي موقعي تي پنھنجي جُتي اسٽيشن تي لاهي، پيرين پيادي درگاھہ تي حاضر ٿيندي هئي. هن 50 سالن جي عمر ۾ 7 مئي 1975ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي. کيس مياني صاحب جي قبرستان ۾ سندس دوست نسيم بيگم جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.


لفظ زاهده پروينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو