زاهد حسين

زاهد حسين

زاهد حسين

زاهد حسين: پاڪستان جو مشھور اقتصادي ماهر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو پهريون گورنر، زاهد حسين، 1895ع ڌاري لاهور ۾ پيدا ٿيو، هن شروعاتي تعليم اسلاميہ ڪاليج لاهور ۽ اعليٰ تعليم علي ڳڙھہ ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن انڊين فنانس ڊپارٽمينٽ مان مقابلي جو امتحان پاس ڪيو. زاهد حسين حڪومت جي ڪيترن اهم عهدن تي فائز رهيو. 1945ع کان 1947ع تائين سلطنت آصفيه (حيدرآباد دکن) ۾ ناڻي جو وزير رهيو. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. ان کانپوءِ جڏهن 1948ع ۾ پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ جو افتتاح ٿيو تہ
زاهد حسين ان جو پهريون گورنر مقرر ٿيو. جنهن کانپوءِ پاڪستان جي حڪومت طرفان مختلف عهدن تي رهيو. زاهد حسين 14 نومبر 1957ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ زاهد حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو