
زاهد صديقي
زاهد صديقي: مشھور سنڌي اداڪار زاهد ولد جان محمد صديقي، 20 جولاءِ 1973ع تي دوآبي، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. هن 1993ع کان اسٽيج ڊرامن ذريعي فن جو آغاز ڪيو ۽ مشھور اداڪار ۽ ڊائريڪٽر منان عباسيءَ جي رهنمائيءَ ۾ اسٽيج توڙي ٽي. وي ڊرامن ۾ سٺي پرفارمنس ڏنائين. سندس مشھور ڊرامن ۾ ’ڪڏهن تہ ملنداسين‘، ’ڏوراپو‘، ’آليون اکيون‘ وغيرہ شامل آهن. هي ڪيترين ٽيلي فلمن جي هدايتڪاري بہ ڪري چڪو آهي جن ۾ ’خر دماغ‘، ’باغي شير’پوتي ۽ پڳ‘، ’ڌرتي‘ وغيرہ شامل آهن. هن عبدالمنان عباسيءَ جي ڊائريڪشن ۾ ٽيلي فلمن: غلامي ۽ واھہ لالو واھہ ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. کيس ڪي. ٽي. اين طرفان ’ماما لالو‘ جي ليکڪ طور اوارڊ بہ مليو آهي. هن فن جي دنيا ۾ شرف الدين چوهاڻ عرف الوٽ، مقصود ڀٽي ۽ جھانگير سيال جي رهنمائي ڪئي آهي. زاهد صديقي سماجي تنظيم ’ساوا‘ جو ميمبر پڻ آهي ۽ اڄڪلھہ دادوءَ ۾ رهي ٿو.
1973.07.20 عيسوي
مشهور سنڌي اداڪار زاهد ولد جان محمد صديقي، 20 جولاءِ 1973ع تي دوآبي، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.