زاينزم صيهونيت

زاينزم/صيهونيت (Zionism): هن نظريي يا تحريڪ جي اصل شروعات پهرين صدي عيسوي دوران يهودين جي وچ اوڀر مان جلاوطنيءَ سان ٿي، جيڪا مختلف روپن ۾ صدين تائين برقرار رهي. ان کانپوءِ جديد صيهوني تحريڪ جي ابتدا 1897ع ڌاري سئزرلينڊ جي شھر بيسل ۾ سڏايل ’عالمي يهودي ڪانگريس‘ ۾ ٿي. آسٽرو-هنگريائي رياست جي شھر ’پيسٽ‘ ۾ ڄاول مشھور صيهوني صحافي/اڳواڻ ’ٽيو ڊورهرزل‘ 1896ع ۾ ’يهودي رياست‘جي عنوان سان پمفليٽ لکي، هن تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. ’صيهونيت‘ جو مقصد دنيا ۾ يهودي گهڻائي تي ٻڌل هڪ اهڙي رياست قائم ڪرڻ هو، جيڪا قدامت پسند يهودي نظريي موجب سڄي دنيا ۾ يهودين جي مفادن جي تڪميل ڪري ۽ کين پنھنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق ملي.
اهو نظريو ۽ تحريڪ ختم نہ ٿي آهي بلڪ اڃا تائين مختلف شڪلين ۾ موجود آهي. صيهونيت يهودين جي قومپرستيءَ جو هڪ قسم آهي جيڪو يهودين لاءِ ڌار ’قومي رياست‘ جو ان ڪري حامي هو جو سندن خيال مطابق اهو سندن حق هو، جنهن کي هنن ان خطي ۾ قائم ڪرڻ گهريو جنهن کي بنو توريت ۾ ’اسرائيل جي سرزمين‘ سڏيو ويو آهي. يهودين جو مذهبي عقيدو آهي تہ توريت ۾ يهودين کي ورثي طور اها سر زمين خدا جي طرفان ڏني وئي هئي. توريت جي تخليق
(Genesis) نالي پهرئين باب ۾ آهي تہ خدا طرفان حضرت ابراهيمعه جي پوين مان سندس پٽ حـضرت اسحاقعه ذريعي ۽ سندس پوٽي حضرت يعقوبعه ذريعي اسرائيلين کي اها زمين عطا ڪئي وئي هئي جيڪي پاڻ کي حضرت يعقوب عه جي پوين مان سڏائين ٿا. هن قسم جي تشريح کي ڪيترائي طبقا خاص ڪري عيسائي صيهوني قبول نٿا ڪن پر اسرائيل جي رياست جي قائم ڪرڻ جا حامي انهيءَ دليل جو سهارو وٺن ٿا.
هن تحريڪ وارا يهودين جي ڌار سڃاڻپ تي زور ڏين ٿا ۽ سندن ٻين سماجن ۾ ضم ٿيڻ جي مخالفت ڪن ٿا ۽ سمورن يهودين کي اسرائيل ڏانهن موٽي وڃڻ جو تاڪيد ڪن ٿا، جڏهن تہ دنيا جا اڪثر انساني حقن جا علمبردار ۽ ٻيا سندن مخالف ان کي نسل پرستي، نو آبادياتي سوچ ۽ فلسطين جي اصلوڪن رهواسين جي حقن تي ڌاڙو سمجهن ٿا. هيءُ تحريڪ گهڻو اڳ ۾ شروع ٿي جنهن آخرڪار 14 مئي 1948ع تي يهودين لاءِ اسرائيل جو ملڪ قائم ڪيو ۽ هن وقت سموري دنيا جي يهودين مان 40 سيڪڙو اتي آباد ٿي چڪا آهن. 1975ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي صيهونيت کي نسلي مت ڀيد تي مبني تحريڪ قرار ڏنو، جنهن کي 1991ع ۾ هڪ ٺهراءَ ذريعي رد ڪيو ويو. عرب- اسرائيل ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ هن تحريڪ کي دنيا ۾ مت ڀيد تي ٻڌل سمجيو وڃي ٿو.صيهونيت هن مھل بہ دنيا جي معيشت تي ڪنٽرول ڪندي عالمي سياست ۾ اهم طاقت طور وجود رکي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو