زبور

زبور

زبور

زبور

زبور

زبور (آسماني ڪتاب): هيءُ آسماني ڪتاب حضرت دائود عليه السلام تي نازل ٿيو. زبور (Psalms) جو لفظي مطلب ’گيت‘ آهي. هي عهدنامي عتيق جو هڪ ڪتاب آهي، جنهن ۾ 150 ڀڄن يا گيت آهن. ڪجهه گيت انفرادي ڳائڻ وارن لاءِ لکيل آهن، جڏهن ته اڪثر پيشورانه ڳائڻ لاءِ لکيل آهن ۽ ان ۾ موسيقارن لاءِ هدايتون به شامل آهن. حضرت عيسيٰ عليه السلام به اڪثر زبور جا حوالا ڏنا آهن. سينٽ آگسٽائن زبور کي’عقيدت جي زبان‘، جڏهن ته ماٽر لوٿر ڪنگ ’سُريلو بائيبل‘ سڏيو آهي.
ڪن مسلم عالمن جي راءِ آهي ته ’زبور ۾ حڪمت جون ڳالهيون آهن، پر شريعت (قانون، قاعدن) جا حڪم نه آهن، اهي حڪمتون اڳين نبين وٽ به رائج هيون‘ وغيره. مولانا سيد ابو الاعليٰ مودودي، ڪتاب تفهيم القرآن ۾ ’زبور‘ کي
حضرت دائودعه تي نازل ٿيل مڪمل ’زبور‘ نه ٿو سڏي، بلڪه ان ۾ ٻين مصنفن جون شامل ٿيل ڳالهيون به ڄاڻائي ٿو، پر اهو تسليم ڪري ٿو ته ”جن حڪمتن جي وضاحت ٿيل آهي، سي حضرت دائودعهجون آهن، جن ۾ واقعي حق جي ڪلام جي روشني محسوس ٿئي ٿي.“ موجوده زبور پنجن حصن تي مشتمل آهي، جن ۾ ٻين عبراني شاعرن جو ڪلام به شامل آهي.


لفظ زبورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو