
زبور

زبور
زبور (آسماني ڪتاب): هيءُ آسماني ڪتاب حضرت دائود عليہ السلام تي نازل ٿيو. زبور (Psalms) جو لفظي مطلب ’گيت‘ آهي. هي عهدنامي عتيق جو هڪ ڪتاب آهي، جنهن ۾ 150 ڀڄن يا گيت آهن. ڪجهہ گيت انفرادي ڳائڻ وارن لاءِ لکيل آهن، جڏهن تہ اڪثر پيشورانه ڳائڻ لاءِ لکيل آهن ۽ ان ۾ موسيقارن لاءِ هدايتون بہ شامل آهن. حضرت عيسيٰ عليہ السلام بہ اڪثر زبور جا حوالا ڏنا آهن. سينٽ آگسٽائن زبور کي’عقيدت جي زبان‘، جڏهن تہ ماٽر لوٿر ڪنگ ’سُريلو بائيبل‘ سڏيو آهي.
ڪن مسلم عالمن جي راءِ آهي تہ ’زبور ۾ حڪمت جون ڳالهيون آهن، پر شريعت (قانون، قاعدن) جا حڪم نہ آهن، اهي حڪمتون اڳين نبين وٽ بہ رائج هيون‘ وغيرہ. مولانا سيد ابو الاعليٰ مودودي، ڪتاب تفهيم القرآن ۾ ’زبور‘ کي
حضرت دائودعه تي نازل ٿيل مڪمل ’زبور‘ نہ ٿو سڏي، بلڪہ ان ۾ ٻين مصنفن جون شامل ٿيل ڳالهيون بہ ڄاڻائي ٿو، پر اهو تسليم ڪري ٿو تہ ”جن حڪمتن جي وضاحت ٿيل آهي، سي حضرت دائودعهجون آهن، جن ۾ واقعي حق جي ڪلام جي روشني محسوس ٿئي ٿي.“ موجودہ زبور پنجن حصن تي مشتمل آهي، جن ۾ ٻين عبراني شاعرن جو ڪلام بہ شامل آهي.