زبيده خاتون

زبيده خاتون: عباسي خاندان جي نامور عورت زبيده خاتون بنت جعفر بن عبدالله سن 145 هه/ 762ع ۾ پيدا ٿي. سندس اصل نالو ’امة العزيز‘ هو، پر ڏاڏو کيس لاڏ مان ’زبيده‘ سڏيندو هو جنهن ڪري مٿس اهو ئي نالو پئجي ويو. سندس لقب ’طاهره‘ هو، زبيده ننڍي هوندي کان ئي علم، ادب، شاعري، تفسير ۽ فقھ ۾ ڏاڍي قابل هئي ۽ کيس هنرن جو به شوق هو. ڪيتريون سون، چاندي ۽ ڪاٺ جون نئين نموني جون شيون جدا جدا رنگن جا جوراب، جواهرن سان جڙيل زر دوزي جتيون، قسم قسم جا ريشمي ڪپڙن جا ڀرت ۽ عنبر جون شمعون وغيره ٺاهڻ جا هنر ڄاڻندي هئي. هن جي شادي 164هه/780ع ڌاري شهزادي ’هارون الرشيد‘ سان ٿي.
عباسي خاندان ۾ هن جھڙي ٻي معزز زال ڪانه ٿي گذري آهي. هن جي خوش خلقي ۽ رحمدلي مشهور هئي. درٻارين مان ڪنهن تي بادشاهه ڪاوڙبو هو يا ڪو قيد ۾ پوندو هو ته هن جي سفارش تي کيس معافي ملندي هئي، هن مڪي ۽ مديني وچ ۾ حاجين لاءِ سک ۽ آرام جا بندوبست ڪيا، سندس وڏو ڪم حجاز ۾ ’عين المشاش‘ نالي هڪ واهه کوٽائڻ هو، کيس قرآن شريف سان دلي لڳاءُ هو 500 عورتون سندس محلات ۾ قرآن شريف پڙهنديون هيون. هن ڪيترا مدرسا به قائم ڪرايا، کيس هڪ پٽ ’امين‘ پيدا ٿيو، جيڪو تخت نشين ٿيو ۽ پوءِ مارجي ويو، زبيده جي باقي عمر بغداد ۾ گذري ۽ سندس وفات 216هه/831ع ڌاري ٿي ۽ اتي ئي دفن ڪئي وئي.


لفظ زبيده خاتونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو