زبيده ميتلو

زبيده ميتلو

زبيده ميتلو

زبيده ميتلو

زبيده ميتلو

زبيده ميتلو: نامور شاعره ۽ ڪهاڻيڪار زبيده ميتلو، 31 جولاءِ 1955ع تي قنبر ۾ پير محمد ميتلي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، ان بعد ثانوي تعليم نائين ڪلاس تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙهي، مئٽرڪ قنبر هاءِ اسڪول مان ڪيائين. مئٽرڪ بعد گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي پڙهڻ وئي، جتي شبنم موتي ۽ ٻين جي ساٿ ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. هن ايم. اي (نفسيات ۽ سوشيالاجي) جي مضمونن ۾ ڪئي. ان کان علاوه
ٽائيپ رائيٽنگ، اسٽينوگرافي، ڊرائنگ، لائبرري سائنس ۽ ڪمپيوٽر وغيره جا ڪورس به ڪيائين.
زبيده ميتلو ’چائيلڊ اينڊ سوشل سائيڪالاجي‘ عنوان تي ايم. فل جو مقالو لکيو. هن نيپال مان 1990ع ۾ ايڊمنسٽريٽو ٽريننگ به ڪئي. زبيده ميتلو جو شمار سنڌ جي بهترين شاعرائن ۾ ٿئي ٿو. هوءَ تعليمي ماهر ۽ استاد به آهي. هن نوڪريءَ جي شروعات 1982ع ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، زونل آفيس حيدرآباد کان ڪئي. 1983ع ۾ ڪميشن پاس ڪري سائيڪالاجيءَ ۾ ليڪچرر طور ’ابن رشد گرلس ڊگري ڪاليج ميرپور خاص‘ ۾ مقرر ٿي ۽ 1984ع ۾ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ بدلي ٿي آئي. 1985ع کان 1988ع تائين هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ به ڪم ڪيو. 1992-1988ع دوران مهراڻ يونيورسٽي ’پبلڪ اسڪول ڄامشوري‘ ۾ پرنسپال ٿي رهي. 1993-1992ع دوران هن مهراڻ يونيورسٽيءَ جي لائبرري ۾ لائبريرين طور ذميواريون نڀايون. 1995ع کان وٺي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ’ڊرينيج اينڊ اريگيشن انسٽيٽيوٽ‘ ۾ ايڊمن آفيسر طور ڪم ڪري رهي آهي.
زبيده ميتلو لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. هن سڀ کان اڳ ۾ ڪهاڻيون لکيون.کيس مصوريءَ سان پڻ لڳاءُ هو. هن باقاعدي مصوريءَ جي شروعات 2001ع کان ڪئي. هن 88-1986ع دوران ’عبرت، مئگزين‘ ۾ مستقل ڪالم لکيا. 12 کن ڪهاڻيون به لکيون اٿس. هوءَ انٽرنيٽ تي رسالن ۾ مضمون لکندي رهندي آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ڏات ڏوهاري‘ 2001ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن تي کيس ’اڪيڊمي ادبيات‘ سال جي بهترين ڪتاب جو انعام ڏنو. ’پاڪستان سائيڪالاجيڪل ائسوسيئيشن اسلام آباد‘ سان (90-1980ع) به وابسته رهي آهي. هن نيپال ۽ انگلينڊ جا دورا به ڪيا آهن.


لفظ زبيده ميتلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.07.31  عيسوي

نامور شاعره ۽ ڪهاڻيڪار زبيده ميتلو، 31 جولاءِ 1955ع تي قنبر ۾ پير محمد ميتلي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راز بلڙائي
ڄام دُرڪ
عيسو هالائي عاجز
سيد صدرالدين شاهه
احسان علي
زيب مگسي
امداد جعفري
روحل فقير
بلهي شاهه
ڀٽي نور محمد پرواز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون