
زبيده آغا
زبيدہ آغا: پاڪستان ۾ تجديدي آرٽ جي باني مصور، زبيدہ آغا 1922ع ڌاري فيصل آباد ۾ پيدا ٿي. 1944ع ۾ ڪنيئرڊ گرلس ڪاليج لاهور مان گرئجوئيشن ڪيائين ۽ اُن وقت جي نامياري مصور بي. سي سانيال جي رهنمائيءَ ۾ مصوريءَ جي فن جي ابتدا ڪيائين. 1946ع ۾ هن اٽليءَ جي رهاڪو ماريو پرلنگريءَ کان مصوريءَ جي وڌيڪ سکيا ورتي. جيڪو پڪاسو جو شاگرد هو ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران انگريزن جو قيدي بڻجي، لاهور ۾ زندگي گذاري رهيو هو. 1946ع ۾ ئي زبيدہ آغا لاهور ۾ ٿيل هڪ گروپ نمائش ۾ پنھنجي چئن تصويرن ۽ ٻن مجسمن سان شرڪت ڪئي ۽ کيس مجسمن تي پهريون نمبر انعام مليو. 1949ع ۾ سندس تصويرن جي ڪراچيءَ ۾ سولو نمائش ٿي. 1950ع ۾ هيءَ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ وئي. هڪ سال لاءِ فرانس ۾ بہ رهي. 1955ع ۾ ڪراچيءَ واپس آئي، 1960ع ۾ پاڪستان سرڪار جي دعوت تي هن زير تعمير گاديءَ جي هنڌ (اسلام آباد) ۾ همعصر آرٽ گئلري قائم ڪئي، 1977ع تائين ان جي ڊائريڪٽر رهي ۽ ڪيترن وڏن مصورن جي نمائش جو اهتمام ڪيائين. 1965ع ۾ سندس خدمت جي اعتراف طور کيس حسن ڪارڪرگيءَ جو صدارتي تمغو ڏنو ويو. گئلريءَ جي انتظامن سنڀالڻ جي ڪري سندس تخليقي ڪم جي رفتار گهٽجي وئي ۽ ان عرصي ۾ هوءَ پنھنجي تصويرن جي فقط هڪ نمائش ڪرائي سگهي. ان کان پوءِ هوءَ ڊگهي بيماريءَ سبب زندگيءَ کي پنھنجي رنگن ۾ جذب نہ ڪري سگهي. هوءَ چوندي هئي تہ”آءٌ شين جون تصويرون نہ پر خيالن جون تصويرون ڪڍندي آهيان.“ عمر جي آخري حصي ۾ سندس گڙدن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ 1997ع ۾ گذاري وئي.