زبيده آپا

زبيده آپا

زبيدہ آپا

زبيدہ آپا: کاڌن پچائڻ جي ماهر زبيدہ طارق، جيڪا ’زبيدہ آپا‘ جي نالي سان مشھور آهي، ان جو تعلق ڪراچيءَ جي مشھور گهراڻي سان آهي، زبيدہ آپا بھادر يار جنگ جي ڏوهٽي آهي، کيس 10 ڀائر ۽ ڀينرون آهن، جن مان ثريا بجيا'>فاطمہ ثريا بجيا (ناول نويس ۽ ڊرامه نگار)، زھرہ نگاه (شاعرہ)، انور مقصود (شاعر،تنقيد نگار ۽ ليکڪ) جا نالا ذڪر جوڳا آهن. سندس ڀائيٽو بلال مقصود،(انور مقصود جو پٽ)، پاڪستان جي مشھور پاپ بينڊ ’اسٽرنگز‘ جو گٽارسٽ ۽ ووڪلسٽ آهي. زبيدہ آپا جا ڪيترن ئي نجي چينلن تان رڌ پچاءُ جا پروگرام ايندا آهن، جيڪي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر انتهائي شوق سان ڏٺا ويندا آهن. هي مصالحن ٺاهڻ وارين ڪمپنين ۾ بہ ڪم ڪندي رهي آهي. هن وقت نجي چينل ’مصالحه‘ تان سندس پروگرام ’هانڊي‘ روزانو 5 بجي شام جو سڌو نشر ٿيندو آهي، زبيدہ آپا جا گهريلو ٽوٽڪا بہ گهڻا مشھور آهن جنهن کي سڄي ملڪ جون رڌ پچاءُ جو شوق رکندڙ عورتون توڙي مرد وڏي شوق سان ڏسندا آهن. زبيدہ آپا 04 جنوري 2018 تي وفات ڪئي.


لفظ زبيدہ آپاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو