زبيدہ خاتون

زبيدہ خاتون: عباسي خاندان جي نامور عورت زبيدہ خاتون بنت جعفر بن عبدالله سن 145 ھہ/ 762ع ۾ پيدا ٿي. سندس اصل نالو ’امة العزيز‘ هو، پر ڏاڏو کيس لاڏ مان ’زبيدہ‘ سڏيندو هو جنهن ڪري مٿس اهو ئي نالو پئجي ويو. سندس لقب ’طاهرہ‘ هو، زبيدہ ننڍي هوندي کان ئي علم، ادب، شاعري، تفسير ۽ فقھ ۾ ڏاڍي قابل هئي ۽ کيس هنرن جو بہ شوق هو. ڪيتريون سون، چاندي ۽ ڪاٺ جون نئين نموني جون شيون جدا جدا رنگن جا جوراب، جواهرن سان جڙيل زر دوزي جتيون، قسم قسم جا ريشمي ڪپڙن جا ڀرت ۽ عنبر جون شمعون وغيرہ ٺاهڻ جا هنر ڄاڻندي هئي. هن جي شادي 164ھہ/780ع ڌاري شھزادي ’هارون الرشيد‘ سان ٿي.
عباسي خاندان ۾ هن جهڙي ٻي معزز زال ڪانہ ٿي گذري آهي. هن جي خوش خلقي ۽ رحمدلي مشھور هئي. درٻارين مان ڪنهن تي بادشاھہ ڪاوڙبو هو يا ڪو قيد ۾ پوندو هو تہ هن جي سفارش تي کيس معافي ملندي هئي، هن مڪي ۽ مديني وچ ۾ حاجين لاءِ سک ۽ آرام جا بندوبست ڪيا، سندس وڏو ڪم حجاز ۾ ’عين المشاش‘ نالي هڪ واھہ کوٽائڻ هو، کيس قرآن شريف سان دلي لڳاءُ هو 500 عورتون سندس محلات ۾ قرآن شريف پڙهنديون هيون. هن ڪيترا مدرسا بہ قائم ڪرايا، کيس هڪ پٽ ’امين‘ پيدا ٿيو، جيڪو تخت نشين ٿيو ۽ پوءِ مارجي ويو، زبيدہ جي باقي عمر بغداد ۾ گذري ۽ سندس وفات 216ھہ/831ع ڌاري ٿي ۽ اتي ئي دفن ڪئي وئي.


لفظ زبيدہ خاتونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو