زبيده قادري آپا

زبيده قادري آپا

زبيدہ قادري آپا

زبيدہ قادري، آپا: ناليواري تعليمي ماهر ۽ ليکڪا زبيدہ قادري، 17 مئي 1932ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد الھہ رکيو قريشي ڪراچيءَ ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جو رجسٽرار هو، هن جو تعلق قاضي خاندان سان هو. سندس وڏا پنھنجي وقت جا نامور عالم، حڪيم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن. زبيدہ قادريءَ ابتدائي تعليم فاطمہ گرلس پرائمري اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ مدرسة البنات گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين، انٽر 1952ع ڌاري زبيدہ ڪاليج حيدرآباد مان، 1954ع ۾ بي. اي آنرس گورنمينٽ ڪاليج فار وومين مان ۽ ايم.اي (عربي) ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد عملي زندگيءَ جو آغاز استاد طور ڪيائين. آگسٽ 1949ع کان جولاءِ 1954ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ هيڊ مسٽريس رهي. 1962ع کان 1963ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ۾ هيڊ مسٽريس، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوابشاھہ بعد ۾ کيس گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو.
ان کانپوءِ آپا زبيدہ قادري سبجيڪٽ اسپيشلسٽ، بيورو آف ڪريڪيوليم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ ڄامشورو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (گرلس) حيدرآباد، ڊي. او گرلس حيدرآباد، ايڊيشنل ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيوليم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ ڄامشورو رهڻ کانپوءِ 17 اپريل 1992ع تي نوڪريءَ تان رٽائر ٿي. هن جا ڪجهہ اسلامي ڪتاب
شايع ٿيل آهن، جن مان ’معاشري ۾ عورت جو مقام‘ قابل ذڪر آهي. جڏهن تہ ’درود اڪسير اعظم‘(سنڌي ترجمي سان) قابل ذڪر آهن. آپا زبيدہ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ اڪثر سنڌي گهراڻن ۾ ميلاد پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪندي رهندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.05.17  عيسوي

ناليواري تعليمي ماهر ۽ ليکڪا زبيده قادري، 17 مئي 1932ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيري رحمان
سردار سلطان احمد خان
رازي ابوبڪر محمد بن ذڪريا
ابوالحسن ڪبير سنڌي
دادو شاھہ
ايڇ ٽي لئمبرڪ
پير پٺو
چارڻ سُمنگ
چوئٿرام گدواڻي ڊاڪٽر
بھادر خان ازبڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون